Monday 17 October 2022

Sindh in history today (18th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(18th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. Translation: [ It is very terrible darkness in Day time. Therefore, either I have to burn myself , or manage light as you can see path that is leading towards me. Dear! You are in my heart. There is light and brightness. But, due to your absence, everything has become dark. But, I will be on toes to wait for you. Keep this this terrible situation under your kind consideration and try to return back to me.] ٻربو ڪجھ ٻاربو تو لاءِ روشن ڪبي واٽ, ويهي ڏسبا تو لاء سارا گهير گهٽيون گهاٽ, جلندي من ۾ روشي پر ٻاهر تن منجھ ٻاٽ, سمهڻ نہ ڏيندي سک سان هئ اڃ اساٽ, لالڻ بڻجي لاٽ, اچ هن اونداهئ رات جو *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** ( 18 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 18.10.1838: پاٽينجر خوش آھي ته فرنگي فوج سنڌ ۾ اچڻ واري آھي. هو پنھنجئ سرڪار کي تجويز ٿو ڪري ته فوج پهريون وڪر پهچي ۽ مان ان لاء اناج, گاھ ۽ گاڏين جو بندوبست ڪري رهيو آھيان. 18.10.1842: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ چارلس نيپيئر کي هدايتون ڏنيون ته مير اسان سان ڪيل معاهدي جي شق نمبر X1 جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي واپارين کان سنڌوندئ مان ويندي محصول اڳاڙي رهيا آھن ۽ شق نمبر X11 جي روشنئ ۾ غلط طريقي سان ورتل محصول کين واپس ڪرڻو آھي. پهريون تون ميرن سان ڳالهائي ورتل محصول واپس ڪرڻ لاء مٿن بار وجھ. ھو جيڪڏهن تنهنجو چيو نه مڃن ته طاقت (فورس) ذريعي کين اها ڳالھ مڃراء. گورنر جنرل کيس وڌيڪ صلاح ڏئي ٿو ته سنڌوندئ ۾ جيڪي اسان جا آگبوٽ ھلي رهيا آھن, انهن کي تيل جي ڪمئ جو مسئلو درپيش ٿيڻ وارو آھي. مير شڪار جا شوقين آھن ۽ پنهنجي ٻيلن مان واڍي ڪرائڻ پسند نه ڪندا. ان ڪري ڪو ٻيو طريقو ڳولھ ته جيئن آگبوٽن جي اينڍن جو مسئلو حل ٿئي. 18.10.1842: سکر منجهان ميجر آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته سکر ۽ شڪارپور اسان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ گهرجي, پوء اهو ڳالهين ذريعي ٿئي يا فوجي طاقت جي استعمال ڪري ٿئي. ٻنھي ضلعن جي زمين زرخيز آھي. ٻن واهن مان آبپاشي ڪري, چپو چپو آباد ڪري سگهجي ٿو. هو لکي ٿو ته ليفٽيننٽ پسٽنس وڏي محنت ڪري, ميرن جي ڪاردارن جو رڪارڊ ڏسي, ٻين ذريعن سان ڀيٽي, ٻڌايو آھي ته شڪارپور مان حيدرآبادي ميرن کي ساليانو 225927 روپيا آمدني ٿئي ٿي. شڪارپور حاصل ڪرڻ لاء وڏي عرصي کان ڳالهيون هلندڙ آھن. اسان شڪارپور ۾ مير نصير خان حيدرآبادئ جو حصو سزا طور ضبط ڪري سگهون ٿا, ڇو ته هن اسان جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري, اسان کي سزا ڏيڻ جو موقعو ڏنو آھي. خيرپوري ميرن کي شڪارپور مان ساليانو 86423 روپيا آمدني ٿئي ٿي. شڪارپور جي ستن حصن مان ٽي حصا خيپوري ميرن جا آھن. اهي هنن سان ڳالهائي يا ڏنڊي جي زور تي وٺي سگهون ٿا. ان لاء ڀلي ٻين خيرپوري ميرن سان نه ڳالهائجي. مير رستم علي سڀني جو وڏو آھي. هن سان ڳالهائبو. 18.10.1842 ڪئپٽن پوسٽس ميرن جي ڪاردارن جي رڪارڊ جي آڌار تي شڪارپور جي پرڳڻي ٻڌائي/لکي ٿو ته: 1). لکي, ڳڙھي ياسين, ڪرن ۽ دليپور ۾ حيدرآبادي ميرن جا ھڪ جيترا حصا آھن. 2). گوسڙجي ۽ مبارڪپور حيدرآبادي مير نصير خان جا آھن. 3). خانپور ۾ حيدر آبادي ۽ خيرپوري ميرن جو برابر/هڪ جيترو حصو آھي. 18.10.1939: سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن مسلم ليگي اڳواڻن "مسجد منزلگاه تحريڪ" ۾ حصو ورتو. انھن مان جن جي گرفتاري ٿي, صاضي فضل الله به هڪ هو. کيس اڄ رڪ اسٽيشن تي گرفتار ڪيو ويو. هو ان وقت ٽرين ذريعي سکر وڃي رهيو هو. *************** 18 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 18 آڪٽوبر 1892ع شاعر نواز علي نياز (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1927ع ناليواري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1942ع سماج سڌارڪ ظفر سانگي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1946ع ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ ليکڪ، صحافي ۽ شاعر هدايت منگئ جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1951ع شاعر غلام علي جعفري (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1962ع ليکڪ شمس ٻرڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1964ع شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوئ جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1965ع مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1971ع شاعر ڏاتر شر (سچل ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1972ع ليکڪ جاويد جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1972ع شاعر بچل مستانو جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1975ع شاعر رحيمداد جوڳي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 آڪٽوبر 1760ع بزرگ ۽ مذهبي اسڪالر مخدوم محمد اسماعيل جي وفات ٿي. 18 آڪٽوبر 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي نجم الدين سومرو جي وفات ٿي. 18 آڪٽوبر 1999ع اداڪار ۽ هدايتڪار ايس گل جو انتقال ٿيو. EVENTS: 1838: It is the begging of the end of Talpur rule in Sindh. Govt. of India has decided to send troops to Sindh with multiy purpose task. Colenol Pottenger reports his Govt. that he was making arrangements for provision of carriages and river boats for Bombay troops and also suggests that Viccur would be the best point for disembarkatinn of the troops. 1929: The veteran leader of the 'Liberal Party', The Right Honurable V.V.S.Sastri arrives in Karachi. 1937: Dr.Hemandas Wadhvani replaces Mukhi Gobindram, who resigned as Sindh Minister. 1939: Kazi Fazulullah is arrested at Ruk station in connection with Masjid Manzalgah issue. He was on way to Sukkur.

No comments:

Post a Comment