Tuesday 18 October 2022

Sindh in history today (19th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(18th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr.Pathan wishes you Good Day. [ 'You(we) are Guide & Ideal yourself. Be, what you are. Let ego, hatred and discrimination not misguide you. You are source of beauty & love, peace & progress. Share it and promote it. Be helpful, don't beg for help'.] ساجن! طرف مڙوئي 'تم' اٿئي، پڙھي ڏس شاھ سچل سامي، چون : “انا نفرت ۽ متڀید جي، ۽ ڪڍ نہ غیر سندي غلامي“، چون: “تو منجه ھجي نہ خامي، جو پري رھین سونھن سلام کان“. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** ( 19 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا ************** 19.10.1832: فرنگي سرڪار سنڌ جي حڪمرانن جي مرضئ سان انهن کوسن,سوڍن ۽ ٺاڪرن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو, جيڪي فرنگين کي ڦري لٽي سندن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي رستي روڪ ڪندا هئا. هن فوجي مهم جي قيادت لفٽيننٽ لچفيلڊ ٿي ڪئي. اڄ ڪرنل پاٽينجر پنهنجو مراسلو نمبر 234 موڪلي لچفيلڊ کي هدايتون ڏنيون. 19.10.1838: اڄ ڪئپٽن برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته هو ڪالھ خيرپور پهتو ۽ مير رستم علي خان کي اهي سبب ٻڌايائين ته ڇا جي ڪري فرنگي شاه شجاع کي تخت تي ويهارڻ گهرن ٿا. هن مير رستم علي خان کي تعاون ڪرڻ جي گذارش ڪئي. جنھن تي مير وراڻيس ته ان تي اسان حيدرآبادي ميرن سان صلاح ڪري جواب ڏينداسين. 19.10.1844: سنڌ جي فرنگي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کان منظوري گهري ته سکر ۽ شڪارپور کي روڊ ٺاهي ملايو وڃي. اهو فوجي مقصدن لاء ضروري آھي. روڊ ٺاهڻ تي 52,008 روپيا خرچ ايندو. 19.10.1924: "بزم ناري شريف", اسٽيشن بالي شاه طرفان بزم جو ٽيون مشاعرو ٿيو. مشاعري جي مصرع طرح هئ هئي: "تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا". 19.10.1946: غلام احمد نظامئ جي ڪوششن سان قائم ٿيل "سنڌي بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو. ڪراچئ جي هئ ادبي تنظيم 1923 کان 1947 تائين فعال رهي. ان طرفان ڪيترا مشاعرا ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا. 19.10.1947: ٿورن ڏينھن ۾ پهتل پناهگيرن جا انگ اکر هن ريت آھن: 12 ريل گاڏيون اڄ پھتيون, 3250 پناهگير 18 آڪٽوبر تي آيا, 5058 پناهگير 17 آڪٽوبر تي پهتا, 33200 ڄڻا 14 آڪٽوبر ۽ 101000 ان کان اڳ 13 آڪٽوبر تي آيا. 19.10.1957: ورلڊ بينڪ پاڪستان کي ريلوي جي ڄار وڇائڻ لاء 31,000,000 $ قرض ڏنو. ريلوي جي پٽڙئ وڇائڻ جو ڪم ڪٿي ڪٿي ٿيو, ان تي سنڌ جي اقتصادي ماهرن ڪو به تحقيقي ڪم ڪري اسان کي نه ٻڌايو آھي. 19.10.1964: راجشاهئ ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران تقرير ڪندي صدارتي اميدوار فاطمه جناح ملڪي حالتن جو چٽ چٽيندي چيو ته وڏي سازش سان عام ماڻھونء کي نظرانداز ڪري اپر ڪلاس ۽ صنعتڪارن کي ترقئ ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا آھن. 19.10.1971: جسٽس طفيل علي عبدالرحمان کي "سنڌ بلوچستان هاء ڪورٽ" جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. هن جسٽس قديرالدين کان چارج ورتي. سنڌ جي عدليه جي تاريخ ۽ ڪارنامن تي تحقيق جي سخت ضرورت آھي. عدليه جي دفترن جي فائيلن ۾ اسان جي آزادئ جي تاريخ جا ورق موجود آھن. پر اها تحقيق عدليه جي رضامندي کان سواء ناممڪن آھي. 19.10.1991: اڃ سنڌ ۾ آپريشن ڪلين اپ ۾ 24 ملزم ماريا ويا ۽ 5 گرفتار ڪيا ويا. 19.10.1993: قومي اسيمبلئ اڄ بينظير ڀٽو کي قائده ايوان چونڊيو. هن 121 ووٽ کنيا. نواز شريف کي 72 ووٽ مليا. جي.يو.آء ۽ پي.آء.ايف پري رهيا. *************** {19 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1940ع آرٽسٽ دارا ابڙو (قنبر). 1940ع گلوڪاره ۽ صداڪاره روبينه قريشي. 1952ع شاعر غلام حسين شوق. 1955ع شاعر ۽ ٽي سميع بلوچ. 1967ع صحافي جاويد نهڙي (پٿورو). 1974ع صحافي، ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ سيد مراد علي شاهه بڪيرائي . 1981ع شاعر انور جروار. 1982ع شاعر علي ساحل. 1982ع شاعر نور الدين نور مهر . [وڇوڙو]: 1914ع مير رستم خان ثاني. 1918ع شاعر سيد ڀاون علي شاهه ساقي(بدين) 1959ع شاعر پير محمد سائل. 1963ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپور. 2008ع شاهه لطيف جو رسالي جي شارح ٻانهو خان شيخ EVENTS 1838: Captain Burns informs his Govt. that he have delivered to Mir Rustam Khan the letters from Governor - General and Shah Shuja -ul- Mulk and have explained to him the object of Govt. in restoring Shah Shuja -ul- Mulk to his kingdom and informed him the Governor - General desires Mir to extend his cooperation in this regard and shall pay share of the tribute to Shah Shuja. Captain Burns also informs his Govt. that he also entered a long conversation with regard to Rojhan. 1947: It is official told that in a few days the number of the Indian Muslim migrant is as under: Twelve Trains (Today), 3250 (yesterday), 5058 (Day after yesterday), 33200 (on 14th) and 101000 on 13th of October. 1957: The World Bank makes a loan of ¤ 31,000.000 to enable Pakistan to cover the foreign exchange cost for expansion of its railway. 1972: Partial strike is observed in Karachi Industrial area to protest against police firing and killing of four workers. 1986: One million plots to be distributed among shelter less families, Junijo launches Seven - Marla free housing Scheme near Faisalabad. In Sindh, this Scheme provided golden chance to local land - mafia and influential people to make handsome earning out of it. 1991: During cleanup operation in interior Sindh 24 bandits are killed and 5 arrested. 1993: Benazir Bhutto is elected leader of house by 121 votes, Nawaz Sharif got 72 votes. JUI and PIF members abstain.

No comments:

Post a Comment