Wednesday 19 October 2022

Sindh in history today (20th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(20th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! Look at your Golden Heart and witness your wonderful status in its true colours. I am not mad to praise your beauty & love, vision & wisdom without any reason. It is my cause to tell the world that you are beauty & love] . در کولي پنھنجئ دل جو، تون جانب ان ۾ تہ جھاتي پاء، ڏسي سرت سندرتا پنھنجي، رکي دل تي ھٿ پوء ٻڌاء، تہ آئون ڇو ۽ ڇاجي لاء؟ ديوانو سندء سرت سلام جو. ( 20 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 20.10.1832: فرنگين سنڌ جي اوڀر ڏکڻ ۾ پاڪر ۾ کوسن,ٺاڪرن ۽ سوڍن خلاف جنگي مهم شروع ڪئي ته پاٽينجر کي اتان جي انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ جو انچارج بڻايو ويو. ان کان سواء هن تي اهو ڪم به رکيو ويو ته هو ميرپور خاص واري مير مراد علي ۽ ٻين ميرن سان رابطي ۾ فوجي مهم لاء مدد وٺي. هن مهم دوران فرنگين اتي سيد رحمت الله کي منشي ڪري رکيو, جنهن کي سنڌئ ۽ گجراتئ تي عبور حاصل هو. 20.10.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 339 ۾ پاٽينجر کي اطلاع ڏنو ته اسان جي فوج سمنڊ ذريعي ڪراچئ اچي رهي آھي ۽ ليفٽيننٽ ٽريشائير ۽ راسمي کي پاڻئ جي جهاز ۾ موڪليو وڃي اهي سنڌ جي ساحلي پٽئ جي جاسوسي ۽ جاچ پڙتال ڪندا. 20.10.1842: ليفٽيننٽ ماء لي, اڄ حيدرآباد ۾ ھوندي, پنهنجي روزنامچي ۾ تمام ڇرڪائيندڙ ڳالهيون لکيون آھن. انھن مان ڪي هي آھن:(1). اسان ميرن کان سنڌوندئ ۾ ھلندڙ ٻيڙين تي ميرن طرفان لڳايل ٽول ختم ڪرايو آھي, (2). ميرن کي ذھني ۽ نفسياتي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون ته سنڌ هندستان جو اٽوٽ حصو آھي ۽ اسان سنڌ ۾ پنهنجي مفادن جي بچاء ۾ جو چاهيون سو قدم کڻي سگهون ٿا, (3). سنڌ ۾ اسان جي فوج جي موجودگئ اسان جي حيثيت تسليم ڪرائي آھي. اڳ ميرن جي درٻار ۾ اوپرا هوندا ھئاسين, پر هاڻي اسان کي ڪن کولي ٻڌو ٿو وڃي, (4). مير نصير خان اسان کي گهٽ برداشت ٿو ڪري, سندس ٻين ميرن سان به گهٽ ٿي لڳي ۽ اهو سندن باهمي اختلاف اسان جي حق ۾ وڃي ٿو. 20.10.1918: هن دور ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڀيٽ هوم رول ليگ سنڌ ۾ وڌيڪ فعال هوندي هئي. اڄ ھوم رول ليگ وارن گانڌئ جي 51 هين سالگره ملهائي ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ وڏو جلسو ڪيو. 20.10.1947: اڄ ستره هزار چار سو پناهگير پهتا. 20.10.1958: پاڪستان سرڪار فيصلو ڪيو ته ڪراچئ ۾ ٻن سالن اندر پنجاه هزار ڪوارٽر ٺھرايا ويندا ته جيئن بي گهر پناهگيرن کي اتي آباد ڪيو وڃي. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته ايوب اقتدار تي قبضو ڪيو ته هن ڪراچئ ۾ پٺاڻن کي آباد ڪرڻ جي لاء وڏو ڪم ڪيو. سنڌ اڳ ئي اڻڳڻيل ۽ اڻ کٽ پناهگيرن جي جاء بڻجي چڪي هئي ۽ هاڻي پٺاڻن به سنڌ جو منھن ڪيو. 20.10.1970: پاڪستان نئشنل پارٽئ جي اڳواڻ مولانا ڀاشانئ بيان ڏنو ته عام ماڻھونء جو ايترو استحصال ڪيو ويو آھي جو هاڻي ملڪ گهرو لڙائئ طرف وڌي رهيو آھي. [اوڀر پاڪستان ۾ انھئ احساس بنگالين کي ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو] 20.10.1974: سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو ته پنهنجي لکت واري بيان مان مولوي جسٽس مشتاق احمد خلاف ڏنل ريمارڪس ڪاٽي ڇڏ. 20.10.1993: سيد عبدالله شاه سنڌ جي چيف منسٽر طور قسم کنيو. اڳتي هلي هن جو پٽ سنڌ جو چيف منسٽر ٿيو ۽ ايئن هئ سنڌ جو اهو واحد خاندان ٿيو, جنھن جو پئ ۽ پٽ سنڌ جا وڏا وزير ٿيا. *************** { 20 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 1918ع شاعر فقير علي گوهر شر. عبدالفتاح ميمڻ (شڪارپور). 20 آڪٽوبر 1922ع شاعر عارف المولا. 1939ع سياستدان مير ممتاز علي ٽالپر. 1950ع صحافي سهيل سانگي. 1956ع شاعر ايم اسلم صابر انصاري. 1957ع شاعر اختر اداسي جو جنم ڏينهن آهي. 1959ع شاعر منير عاجز. 1968ع شاعر غني ٻٻر. 1969ع سماج سڌارڪ نظير چاچڙ . 1969ع صحافي رزاق کرل (جيڪب آباد). 1977 اعجاز امتاز شاعر [وڇوڙو]: 1906ع ڪتاب مهراڻ آف سنڌ جي ليکڪ ايڇ جي راورٽي. 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج چيتومل. 1950ع شاعر عبدالله بسمل ٽکڙائي. 1980ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻو وڏو وزير ايوب کهڙو. 1991ع هاري اڳواڻ رئيس بروهي. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** EVENTS 1838: The Govt. of India informs Colonel Pottenger that all the troops are being dispatched to Karachi by Sea and that orders would be issued by the Military Department for sending Lieutenant Treshire and Ramsay in 'S.S. Polinurus' for purpose of enquiry into sources of the country. 1849: There is someone Mirza Agha from Sindh, who was appointed as British Agent at Shiraz. Today, his valuable services rendered for British interests, are appreciated and recorded by Colonel F.Farrant. 1918: A political public meeting is held by The Home Rule League in Karachi and on this occasion 51th Birthday anniversary of Gandhi is also celebrated. This may kindly be noted that Home Rule League was the most popular, active and functional in Sindh much before Congress and Muslim League.

No comments:

Post a Comment