Saturday 22 October 2022

Sindh in history today (23rd October). By. Dr. Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(23rd October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(23rd October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Never hate love, earn respect in return of your sincerity and selflessness. Avail opportunities and don't miss chances. Beauty and age are not everlasting. Everlasting is your abiding by and following Human values Rule over mind and give free hand to heart. Be source of beauty, love and peace. It is your real aim of life and your definition, my dear.] محبت سان نفرت ايئن تان جائز ناهي جاني, موقعا ايئن نہ ملن نہ سدا ايئن رهي جواني, قائم دائم محبت ۽ ماڻھپو باقي سڀ فاني, ڪجي پيدا پيار ايثار سان آدم لاء آساني, رکجي ضابطو ذھن تي پر دل تان مستاني, ڇڏجي هر جاء نشاني, سونهن ۽ سلام جي. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. ( 23 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 23.10.1838: سنڌ تي حڪمراني ته ميرن جي آھي, پر هلي فرنگين جي ٿي. انڊين نيوئ جي اختيارئ طرفان لفٽيننٽ ڪارليس کي حڪم مليو ته سنڌوندئ جي ڇوڙ تي هجاماڻئ ۽ ڪڏواڻئ وٽ روشنئ جا سامونڊي فانوس لڳائي. 23.10.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 141 ذريعي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته ممڪن آھي ته مير نورمحمد مون کي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏئي. انھئ صورت ۾ مان وڪر ويندس يا مانڊي مان ويندس. 23.10.1842: فرنگي گورنر جنرل ايلنبرو اڄ نيپيئر کي لکي موڪليو ته ميرن سان مامرن ۾ ڪا چڱائئ جي اميد نظر نه ٿي اچي. اسان هنن کان ڀنگ ڀاڙا ۽ ممڪن ٿيو ته سبزل ڪوٽ وارا پرڳڻا کسي هنن جي هوڏ واري ڦوڪڻي مان هوا ڪڍنداسين. تون ان لاء تياري ڪر. بهاولپور وارا حاڪم ٽن پيڙھڻ کان اسان سان غير مشروط ياري ملهائيندا اچن ٿا. اسان اهي پرڳڻا کين ڏينداسين. پر پرڳڻن ڏيڻ واري ڳالھ في الحال راز ۾ رکجانء. 23.10.1856: سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنھنجي مراسلي نمبر 989 ذريعي خان آف قلات کي ڏوراپو ڏنو ته تون مري قبيلي کي مات ڏيڻ ۾ اسان سان سهڪار نه ٿو ڪرين. مري اڄ اسان جي مٿي جو سور بڻيل آھن, سڀاڻي توڏي به منھن ڪري سگهن ٿا. 23.10.1947: انڊيا جي هوشيارپور مان 60 هزار پناهگير پاڪستان لاء ڪوچ ڪيو. 23.10.1972: قمر الزمان شاه کي ٻه سال قيد ۽ 5 هزار روپين جي ڏنڊ جي سزا ڏني وئي. 23.10.1987: نصير آباد, تعلقي واره ۾ “شاه لطيف ادبي سنگت" قائم ڪئي وئي ۽ ان لاء هي عهديدار چونڊيا ويا: عبدالرحمان منگي صدر, غلام سرور ڀٽي نائب صدر, علي انور اوڍاڻو سيڪريٽري, محمد ابراهيم ملاح خزانچي ۽ محمد يوسف منگي آڊيٽر. 23.10.1990: ڄام صادق پيپلز پارٽئ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهيو. {23 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1920ع سياستدان ۽ سنڌ جو اڳوڻو گورنر مير رسول بخش ٽالپر. 1923ع ليکڪ سومر علي سومرو. 1926ع ليکڪ صدورو مل راجپوت (سنڌ / ڀوپال). 1927ع ليکڪ ايسر سنگهه بيدي. 1946ع سياستدان مير هزار خان بجاراڻي. 1947ع شاعر محمد اسحاق سوز (حيدر آباد). 1948ع ليکڪ نثار آگاڻي. [وڇوڙو]: 1809ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالواحد سيوستاني. 1926ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا محمد بخش خيالي. 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد ميمڻ (ڏيپلو). 1982ع شاعر حاجي يار محمد مري (ڪاٺوڙ). 2008ع سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ ڪوڙا خان ڀيو(شڪارپور). 2009ع صوف راڳ جي مشهور راڳي سهراب فقير(نصير فقير جلالاڻي). 2011ع بيگم نصرت ڀٽو. ************ 1932: Hindu Maha Sabha agrees to include the issue of the separation of Sindh as an item of agenda of the Unity Conference. However, terms the decision of the Round Table Conference of accepting the principle of separation as experts. 1938: The meeting of the Anjuman Fida -i- Islam is held at Kambar with Moulana Mir Muhammad Naorangi in chair. The British policy towards Palestine is condemned and rejected. On this occasion Palestine Support Committees are formed for taluka and city. 1990: Jam Sadiq makes forward block in PPP. 1992: Army operation Clean - Up in Sindh to continue. Decision is taken in Islamabad.

No comments:

Post a Comment