Friday 30 September 2022

Sindh in history today (1st October). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (1st OCTOBER) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathn ( 1 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 1.10.1839: ڪراچي فيبروري مهيني ۾ اسان جي حاڪمن فرنگين کي لکي ڏني. فرنگين جو اڳ ئي منوڙي تي قبضو ٿي چڪو هو. هنن ڌارين سنڌ ۾ پنهنجي فوجي قوت وڌائڻ شروع ڪئي. پر هو سنڌي ماڻھن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ کان لهرائي رهيا هئا. ڇو ته کين پڪ هئي ته سنڌي بغاوت ڪندا ۽ اسان کي ملڪ نيڪالي ڏيندا. ان ڪري ڪاٺياواڙ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل فرنگي سرڪار کي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ عربن کي فرنگي فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي. 1.10.1842: ليفٽيننٽ مائلن سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو اسسٽنٽ ھو. هن اڄ پوليٽڪل ايجنٽ کي جيڪو خط لکيو آھي, ان مان پتو پئي ٿو ته سيٺ نائونمل کي فرنگي سرڪار ڪراچئ ۾ پگهار تي پنھنجو مقامي نمائندو(Netive Agent) ڪري رکيو هو. نائونمل فرنگي فوجين کي سودو سامان به وڪرو ڪندو هو, پر انھئ سامان تي اهو محصول نه وٺندو هو, جيڪو وٺي کيس ميرن حوالي ڪرڻو هو. ميرن کي جڏهن اها خبر پئي ته حيدرآباد مان پنھنجا سپاهي موڪليائون ته وڃي نائونمل کي ٻڌي کنڀي کڻي اچو. ان تي هن اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي ميرن سان خط و ڪتابت ٿي ۽ هن ميرن کي لکيو ته سيٺ نائونمل انگريز سرڪار جي رعيت آھي ۽ انھئ سرڪار جي ملازمت ڪري ٿو, ان ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جو سوچيو به نه. ان تي ميرن هن کي لکيو/چيو ته پوء ڀلا فرنگي هئ ملڪ کڻن ته اسان لڳ لاڳاپا لاهي مڪي هليا وڃون 1.10.1847: 1843 ۾ سنڌ تي فريب سان قبضو ڪري, چارلس نيپيئر گورنر ٿيو. اڳ سنڌ ملڪ هئو ۽ 1843 ۾ ملڪي حيثيت وڃائي صوبو ٿيو. چارلس نيپيئر جي رٽائيرمينٽ ٿي ته سنڌ جي صوبائي حيثيت به ختم ڪري, ان کي اڄ ممبئي پرڳڻي جي هڪ ڪمشنريٽ بڻايو ويو. اڄ کان آر.ڪي.پرنگل سنڌ جو ڪمشنر ٿيو. 1.10.1878: اڄ ” 1873 وارو ممبئي ايڪٽ V1" سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ کان پوء حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ميونسپالٽيون قائم ڪيون ويون, جيڪي آھن: لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قمبر, رتوديرو, سيوهڻ ۽ بوبڪ. حيدرباد ضلعي ۾ ٽنڊو محمد خان, ٽنڊو الهيار, هالا, نصرپور ۽ مٽياري 1.10.1918: ڪراچي هوم رول ليگ طرفان مائي ائني بسنت جي سالگره ملهائي وئي. هن فنڪشن جي صدارت جئرامداس دولترام ڪئي. جڏهن ته شري شرڪنداس للا, آر.ڪي.سڌوا, چئنراء ورڀنداس ۽ ٻين تقريرون ڪيون. 1.10.1920: سنڌ ۾ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي جتي ڪٿي "ڪائونسلن جي چونڊن جو بائڪاٽ ھفتو" شروع ڪيو ويو. اڄ انھئ جو پهريون ڏينھن هو. خلافيتن عوام ۾ تبليغ ڪئي ته ڪائونسلن جي چونڊن ۾ نه ته پاڻ بيهو ۽ نه وري ووٽ ڏيو. 1.10.1922: قمبر جي خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون, جن ۾ مولوي غلام صديق کي صدر, سيد حسن شاه کي نائب صدر, حاجي محمد عثمان کي سيڪريٽري, گل محمد پٺاڻ کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ محمد عيسا کي خزانچي چونڊيو ويو. 1.10.1945: جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ڪراچئ ۾ حيدر منزل تي " سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله, محمد ايوب کهڙي, سيد خير شاه, پير الاهي بخش, مير غلام علي ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ شرڪت ڪئي. سنڌ اسيمبلئ جي 35 سيٽن لاء 70 درخواستون مليون هيون, جن کي ٽڪيٽن ڏيڻ لاء ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي وئي. سر غلام حسين ۽ محمد ايوب کهڙي سخت اعتراض ڪيا ۽ اهو الزام هڻي گڏجاڻئ مان اٿي ويا ته جي.ايم.سيد "سنڌ مسلم ليگ" کي "سيد مسلم ليگ" بڻائي رهيو آھي ۽ سندس سيد-پرستي قبول نه ڪئي ويندي. [انھئ کان پوء سنڌ مسلم ليگ ۾ قيادت جي ويڙھ شروع ٿي, جنهن ۾ جي.ايم.سيد "سنڌ مسلم ليگ" کان ڪڍيو ويو.] 1.10.1950: پاڪستان سرڪار پناھگيرن جي آبادڪارئ لاء هڪ نئون کاتو/ڊپارٽمينٽ کوليو. 1.10.1955: "راولپنڊي سازش ڪيس" ۾ ٻڌل سمورن قيدين کي ڇڏيو ويو. 1.10.1977: مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ضياء الحق ٿيڻ واريون چونڊون ملتوي ڪري, ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙھي ڇڏي. 1.10.1982: ملڪ جي مختلف شھرن ۾ وڪيلن جا اجلاس/ڪنوينشن ٿيا, جن ۾ حڪومت کان "بنيادي حقن" جي بحالئ جي گهر ڪئي وئي. سنڌ مان حفيظ لاکي سميت ڪيترن وڪيلن کي گرفتار ڪيو ويو. *************** پهرين آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: پهرين آڪٽوبر 1920ع شاعر ۽ صحافي زيب عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1922ع سگهڙ فيض محمد سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1930ع شاعر عنايت الله سهيل (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1936ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر سندر آگناڻي (شهدادپور / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1936ع ليکڪ شيام سنگهه مرجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1937ع شاعر جادوگر نماڻو (لاڙڪاڻو / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1940ع شاعر سرڪش سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1944ع ليکڪ جيئل اوڏ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1948ع شاعر غلام محمد غلام جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1949ع ليکڪ گلاب گل محمد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1952ع شاعر امداد علي اداس جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1956ع شاعر اڪبر ساگر(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1956ع اداڪار چندر بالاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1957ع ڪهاڻيڪار انور جوکيو(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ساحر راهو (شهمير راهو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ممتاز خادم (قاضي احمد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1964ع ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري يوسف سنڌي (دڙو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1967ع چترڪار، شاعر ۽ ليکڪ قاضي منظر حيات (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1970ع ليکڪ طارق علي ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1971ع شاعر امان الله امر بروهي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1973ع مشهور مزاحيه اداڪار علي گل ملاح جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1975ع شاعره، ليکڪا ۽ ڪمپيئر سهڻي پارس (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1977ع شاعر نياز نديم جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1979ع شاعر ياسين ڪنڀر (سلطان پور) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: پهرين آڪٽوبر 1936ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد عثمان جو لاڏاڻو ٿيو. پهرين آڪٽوبر 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله هالائي جو انتقال ٿيو. پهرين آڪٽوبر 2009ع فلمي اداڪار سيد ڪمال جو انتقال ٿيو. EVENTS 1847: Sindh, an independent country lost its freedom in 1843 and became Governor’s province with Sir Charles Napier as her first Governor. Today, her provincial status is also snatched and is annexed with Bombay Presidency and R.K.Pringle is appointed as Commissioner. Today, he informs Officer Commanding the Forces in Sindh about his appointment. (Source: letter No.2788). 1878: Bombay Act V1 of 1873 is extended to Sindh and following are declared as Municipal Commissions in Larkanao and Hyderabad Districts. Larkano District: 1) Kambar, 2). Ratodero, 3). Sehwan, 4). Bubak. Hyderabad District: 1). Tando Muhammad Khan, 2). Tando Allahyar, 3). Hala, 4). Nasrpur, 5). Matiari. (Source: Government of Bombay’s Notification). 1918: Karachi Home Rule League celebrates Birthday of Dr. Anni Besant with Jairamdas Doulatram in chair. Shrikrishandas Lula, R.K.Sidhwa, Chainrai Virbhandas and others spoke on the occasion and threw light on the life & achievements of the founder of the Home Rule League, Dr. Anni Besant. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: Sindh Khilafat celebrates ‘Election Boycott Week’. It is first day and public meetings are held in the length and breadth of Sindh to aware the people that election is some sort of an opportunity to be availed by Government to purchase loyalties. (Source: The Dail Alwahid, Karachi). 1922: Kambar Khilafat Committee elects its office-bearers and they are: Moulvi Ghulam Sidik (President), Syed Hassan Shah (Vice President), Haji Muhammad Usman (Secretary), Gul Muhammad Pathan (Joint Secretary) and Muhammad Essa (Treasurer). 1930: Shahnawaz Khan Bhutto is given At Home by Sardar Wahid Bux Bhutto at Gandhi Garden of Karachi. While speaking on the occasion, Shahnawaz Khan said that the case of separation of Sindh from Bombay Presidency will be presented in the Round Table Conference and he is leaving for London very soon. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1940: Sir Sikandar Hayat Khan, addressing a gathering at Nuh says that Gandhi was among the first Indians to denounce Hitler’s acts and to declare that his sympathy lay entirely on the side of Britain in this war. Since that declaration was made the Congress had been changing its position from time to time until at last Gandhi had formulated his demand for freedom. (Source: Annual Indian Register, Vol-11, 1940). 1945: The meeting of the Sindh Muslim League Parliamentary Board is held at Hyder Manzil, Karachi with G.M.Syed in Chair. It is attended by Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, Mir Ghulam Ali, Pir Illahi Bux; K.B. Khuhro; Syed Khair Shah and Agha Ghulam Nabi Pathan. 70 applications are received for 35 seats. The meeting proved to be division of the Board. Sir Ghulam Hussain left the meeting in protest and headed a separate meeting at Khuhro’s residence. Mir Ghulam Ali, Pir Illahi Bux and attended the meeting. (Source: G.M.Syed’s book ‘Nai Sindh Lai Jidojuhud’) 1947: Parsram, an Assistant to Sindh Chief Minister is arrested on grounds that he was possessing secret documents. (Source: Newspapers). 1950: New Department is established by the federal Government for Migrants’ affairs. (Source: ibid). 1955: All involved in Rawalpindi Conspiracy case are released. (Source: Newspapers). 1977: Zia postpones elections and impose ban on all kinds of political activities. (Source: Newspapers). 1982: Lawyers’ Conventions held in various cities demand restoration of basic rights of citizens. Hafiz Lakho and other lawyers are arrested. (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment