Saturday 29 October 2022

Sindh in history today (29th October). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(29th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ Dr.Pathan wishes you Good Day. [Peace and progress become figment of imagination, when people start believing and behaving themselves as supper and saints, and others as common and criminals. It is an strategy to keep hold and control on sources & resources and chances & opportunites by promoting hatred & discrimination, differences & distances. Come on my Dear! Bring better change in our concepts and ideology with your vision & wisdom, love & beauty, please] فتنو فساد ۽ ڏڦيڙ ٿئي تڏھن مانڌاڻ ، ٻین کي ڏوھي پر فرشتو ڄاٹجي پاڻ، غرض لالچ ۽ نفرت ڪرڀ کي ڪجي، روين ۽ لوچن ۽ سوچن جو سرواڻ،‏‎ ‎ جنهن خدمت محبت کي بٹائيو ماڻ، سو نہ اٹڄاڻ سرت سونھن سلام کان. *************** ( 29 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.10.1838: فرنگين کي پنهنجي فوجي ۽ تجارتي مفادن لاء سنڌوندئ کي ڪم آڻڻو هو. ان ڪري هنن ڏکڻ سنڌ کان ندي ڪم آڻڻ لاء حيدرآبادي ميرن سان معاهدو الڳ ڪرڻ گهريو ۽ خيرپوري ميرن سان الڳ معاهدو ڪرڻ گهريو. خيرپور سان هن ڪري الڳ معاهدو ٿي ڪرڻ گهريائون ته جيئن بهاولپور ۽ ان کان مٿي وهندڙ سنڌوندئ واري پاسي کان هو اسلحو ۽ فوج وڏي تعداد ۾ ۽ آسانئ سان سکر آڻي شڪارپور موڪلڻ پيا گهرن. ان ڪري فرنگي نمائندن معاهدي ڪرڻ لاء مير رستم علي خان سان ڳالهيون شروع ڪيون. 29.10.1839: ڪراچئ ۽ منوڙي تي انگريز قبضو ڪري چڪا هئا. ان ڪري سنڌين سندن وڌيڪ بدنيتئ جي مخالفت شروع ڪري ڏني. شڪارپور ويجهو فرنگين جي قافلي تي حملو ڪري سرور خان لوهاڻي فرنگين کان اٺن جو وڳ ڇني ورتو. انھئ زماني ۾ شاه تقي ميرن طرفان شڪارپور جو گورنر هو. فرنگين وٽس وڃي دانهيو ۽ حيدرآبادي ميرن اڳيان به داد فرياد لاء ڪوششون ڪيائون. 29.10.1847: نيپيئر سنڌ ڇڏي ويو ته سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري, ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻائي, مٿس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. نيپيئر فوجي گورنر هو ۽ هن جي وڃڻ کان پوء سنڌ جي انتظامي مامرن کي فوج کان بچائڻ لاء اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي فوجي اڳواڻ برگيڊيئر ڊنڊاس کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي سول معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي وڃي. 29.10.1922: سنڌ جي واپاري طبقي جي ڪوششن سان اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس" نالي جماعت جوڙي وئي ۽ سيٺ ھرچندراء وشنداس کي ان جو صدر چونڊيو ويو. هن پارٽئ جو تفصيلي احوال گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 29.10.1928: ترڪئ وارن 1924 ۾ "خلافت" جي اعزاز مان هٿ پٽيا ۽ ان جي خاتمي جو سرڪاري طور اعلان به ڪيو, پر سنڌ ۾ ”خلافت تحريڪ" ۽ "خلافت ڪميٽي" پوء به سرگرم رهيون. اڄ سکر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. ان جو تفصيل اوهان گل حيات ويب سائيٽ تي پڙھي سگهو ٿا. 29.10.1938: لاڙڪاڻي جي مقامي سياستدان تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال سنڌي فائينل جو امتحان نه وٺو, ڇو ته اڳ ۾ هتي ڊگري يافته ماڻھن جو تعداد وڌيڪ آھي ۽ سرڪاري نوڪريون گهٽ آھن. 26.10.1955: ڪراچئ ۾ سنڌ جي سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي ته جيئن "سنڌ ائنٽي ون-يونٽ فرنٽ“ ٺاهجي. هن گڏجاڻئ ۾ جي.ايم.سيد, ذوالفقار علي ڀٽي, شيخ عبدالمجيد سنڌئ, حيدر بخش جتوئئ, قاضي فيض محمد, عبدالحميد جتوئئ ۽ غلام مصطفا جتوئئ شرڪت ڪئي. 29.10.1999: مشرف اعلان ڪيو ته قومي مفادن ڪري تڪڙو جمهوريت طرف موٽ نه ٿي کائي سگهجي. *************** 29 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 29 آڪٽوبر 1889ع ليکڪ نرملداس گربخشاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1923ع شاعر جڳت راءِ مولچنداڻي دِل (بنگل ديرو/ الهانگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1972ع شاعر سميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 آڪٽوبر 1972ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالڪريم (ٺٽو) جي وفات ٿي. 29 آڪٽوبر 1992ع اداڪار اسماعيل شاهه جو انتقال ٿيو. 29 آڪٽوبر 2005ع تعليمي ماهر، منتظم ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جو انتقال ٿيو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ******** EVENTS 1838: Mir Rustam Khan is approached to enter into negotiations for a separate treaty from Hyderabad and similar to Bahawalpur. 1939: Camels of the East India Co. Govt . Are snatched by Sarwar Khan Lohano from the Kafla near Shikarpur. Taqi Shah, the Governor of Shikarpur is approached for help and complaint is made with Talpur Govt. of Hyderabad. 1847: Brigadier Dundas is directed by the Govt. of Bombay that he is responsible for the protection of the country and has to avoid interfering from civil administration of Sindh. 1922: Sindh League of Progress is formed in Karachi. Harchandrai Vishindas is elected as its President. 1928: Sindh Khilafat Conference is held at Sukkur. It is a big political event attended by thousands of people. 1938: Very amazing request is made by Larkano District School Board. The Director of Public Instruction (Education) is requested not to conduct Committee (Final) Examination for three years, because Degree holders are asking for employment. 1947: More 18500 Indian Muslim migrants reach today. 1955: In a meeting held at Karachi, it is decided to form 'Sindh Anti - One - Unit Front'. The meeting is attended by Zulfkar Ali Bhutto, G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Hyder Bux Jatoi, Kazi Faiz Muhammad, Abdul Hameed Jatoi, Ghulam Mustafa Bhurgri etc. 1999: Vital national objectives do not allow me to give time table for the return of democracy in the country, says Musharraf. !

No comments:

Post a Comment