Wednesday 26 October 2022

Sindh in history today (26th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(26th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ ‎Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are not being accepted, so what? Surrender & dedicate yourself with all love & sincerity at your command. If beloved hates, don't be worried. Because, it is requirement of beauty and vision & wisdom of love.] پرین نہ ٿين پنھنجا، تون ئي پاڻ پرین جو ٿئ، محبت بدران نفرت ملي، سمجهي پرت پیالو پئ، جگ جگ جانب جئ، آس امید سرت سلام سان *************** ( 26 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 26.10.1838: فرنگين جي جاسوسن ۽ سنڌ ۾ آئي پنج ڇھ سال مس گذريا ته هنن ميرن جا ويجها ماڻھون هنن کان ٽوڙي پنهنجا وفادار يار بڻائي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو ته ميرن جي مخفي خط و ڪتابت اصل ماڻھونء تائين پهچڻ کان اڳ انگريز سفارتڪارن تائين پهچي ويندا هئا. اڄ ڪئپٽن برنس خيرپور مان هڪ خط حيدرآباد پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليو, جيڪو مير نور محمد خان ڪجھ ڏينھن اڳ مير رستم علي خان کي لکيو هو ۽ ان ۾ انگريزن جي گلا به ڪئي هئي ۽ انھن جي نيتن تي شڪ به ڏيکاريو هو. 26.10.1849: سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني شروع ٿي ته حڪمرانن عيسائين ۽ عيسائيت جي مذھبي روايتن جي پاس خاطري شروع ڪئي. اڄ ڪلڪتي واري لارڊ بشپ کي سنڌ ۾ عيسائي قبرستانن جي ديک ڀال جو ڪم ڏنو. هن سال کان سنڌ جي عيسائي قبرستانن ۾ قبرن تي ڪتبا لکجن شروع ٿيا. انھن ڪتبن ۾ سنڌ ۾ دفن ٿيل عيسائين جي سوانح بابت ٽاڻا اشارا ملن ٿا. 26.10.1853: سرڪار فيصلو ڪيو ته جيئن ٽالپورن جي دور ۾ جاگيردار رستن ٺھرائڻ ۽ واهن کوٽائڻ ۾ وانگار يا ٻئي طريقي تعاون ڪندا هئا, اهو سهڪار کين فرنگي سرڪار کي به ڏيڻو پوندو. [ ياد رهي ته جاگيردارن کان زرعي آمدنئ جو پنج سيڪڙو به محصول/ٽيڪس/سيس طور ورتو ويندو هو] 26.10.1940: سر شاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ/ٿيل ڪمن جي معائني تي ممبئئ مان لاڙڪاڻي اچڻ جو فيصلو ڪيو ته لاڙڪاڻي جي ضلعي لوڪلبورڊ ان لاء پنھنجئ بجيٽ مان 97 روپيا منظور ڪيا [مطلب ته ڪو وزير يا عملدار ڪنهن هنڌ ويندو هو ته ان جو خرچ اتان جي ضلعي لوڪلبورڊ ڀريندي هئي] 26.10.1974: سوويٽ يونئين راضپو ڏيکاريو ته ڪراچئ ۾ اسٽيل مل قائم ڪرڻ لاء 228 ملين روبيلس ڏنا ويندا. 26.10.1989: بينظير خلاف قومي اسيمبلئ ۾ ”بي اعتمادئ واري رٿ" پيش ڪرڻ لاء مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن ان تي دستخط ڪيا. 26.10.1990: پاڪستان جي چونڊن ۾ بينظير جي پارٽئ هارايو ۽ نواز شريف سوڀيارو ٿيو. آمريڪا انھن چونڊن کي شفاف ۽ صاف چونڊون قرار ڏنو [چونڊن واري ڏينھن ملڪ جي صدر غلام اسحاق ووٽ ڏيڻ کان پوء نتيجن نڪرڻ کان اڳ چيو ته اڄ اسان مخالفن (بينظير ۽ سندس پارٽئ کي) دفنائي ڇڏيو. 26.10.1996: بينظير حڪومت لاء ڏکيا ڏينھن ثابت ٿي رهيا آھن. جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ لاء ڪوشان آھي ۽ ملڪ صدر فاروق لغاري, جنھن کي پي.پي.پي چونڊرايو هو, سو حڪومت تي ڪاوڙجي پيو آھي ته ڪئبينيٽ جيڪي فيصلا ڪري ٿي,انھن کان کيس آگاه نه ٿو ڪيو وڃي. هنن ئي حالتن ۾ مخالف ڌر نواز شريف جي اڳواڻئ ۾ ملڪ گير هڙتال ڪري ٿي. هنن کان پوء بينظير جو ڀاء مير مرتضا ڀٽو به ڪراچئ ۾ ماريو وڃي ٿو. اهو به تڏهن جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ بينظير جي حڪومت آھي. *************** 26 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 26 آڪٽوبر 1916ع شاعر ناچيز ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع صحافي مينگهه راج وليڇا (ڪراچي / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع ليکڪ ڪيولرام نرسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊوا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1931ع گلوڪار لکمي چند ڇاٻڙا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1936ع ليکڪ رام هنڱوراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ امينا لالئي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1965ع بزرگ شخصيت پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1971ع شاعر منصور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 آڪٽوبر 1882ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان شڪارپوري جو انتقال ٿيو. 26 آڪٽوبر 1938ع سياستدان ولي محمد شاهه (سيوهڻ) جي وفات ٿي. 26 آڪٽوبر 1940ع شاعر منگهارام غلام جي ديهانت ٿي. 26 آڪٽوبر 1988ع شاعر بردو سنڌئ جي وفات ٿي. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ******** 1838: Captain Burns provides to Colonel Pottenger a copy of letter written by Mir Noor Muhammad to Mir Rustom khan exhibiting his faithlessness and disposition towards the British Govt. 1849: Lord Bishop of Calcutta is made custodian of Churches and burial grounds and fees received for permission to erect Mural Tablets in churches is put on his disposal. 1853: Govt. decides that as per previous practice obtainable under Talpurs' Govt. Jageerdars shall be required to provide labour for repairs of roads. 1940: Sir Shahnawaz is due to visit development work done by the District Local Board Larkana and for this purpose Rs.97 are sanctioned by the Board for expenditure. 1968: Pakistan shows willingness to have a 'no - war pact ' with India provided it is accompanied by other pact defining the procedure where by India and Pakistan can resolve problems that exist between two. 1974: Soviet Union agrees to provide 228 million Robles for the Steel Mill to be established. 1989: PPP Minster Tariq Magsi quits supporting opposition. All opposition MNAs sign 'no - trust' move against Prime Minister Benazir Bhutto. 1990: U.S terms election in Pakistan fair and sees no malpractices in it. 1996: Road Link between Islamabad and the rest of the country is cut off to foil Jamait -i- Islami's sit - in strike. President Laghari is also not happy with PPP Govt. that he is not being sent Cabinet decisions. Strike is observed throughout country on the call of PML - led opposition against Benazir Government.

No comments:

Post a Comment