Friday 21 October 2022

Sindh in history today (21st October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(21st October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(20th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. Translation: [Are you hurt? Betrayed? Dodged? If yes, it indicates the highest position and status of your Golden Heart. Now, you are able and capable to face sorrows & longings. Now, you are not an ordinary one, but an experienced ideal and Pure Soul. Now you believe in abiding by, following and advocating love, beauty and peace. Not only me but, everybody will salute you with respect and regards.] چوٽ لڳي ٿي؟ پوء تان چئبو چوٽ چڙھي وئين عام نہ آھين هاڻي, ڏسندين رنگ پيارا نيارا سڀاڻي, پنهنجئ سرت سونھن سلام سندا. *************** ( 21 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.10.1838: ياد رهي ته هئ ڪراچئ ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ کان ٿورو اڳ جي خط و ڪتابت آھي ۽ ان مان فرنگي ذھنيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اڄ سنڌ مان الينگزيڊر برنس پنهنجئ سرڪار کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکي ٿو. ان ۾ خاص ڳالهيون هي آھن:(1). خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن وچ ۾ ٿيل رازدارئ واري خط و ڪتابت جي خبر پئي آھي. هاڻي مير چوڻ لڳا آھن ته پاٽينجر کي جيڪڏهن ان مان ڪي شڪ ٿيا آھن ته مير نور محمد صفائي ڏئي سندس غلطفهمي دور ڪندو,(2). سنڌ ۾ اسان جي فوج هجڻ تي ميرن کي ڪي وهم گمان آھن. پر انھن کي ٻڌايو ويو آھي ته فوج افغانستان ويندي, ليڪن اها سنڌ ۾ رکي ويندي جيسيتائين اسان شاه شجاع کي تخت تي نه ٿا ويهاريون,(3). مير رستم علي صفائي پيش ڪئي آھي ته هو پرشيا جو نه پر ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جو پڪو يار آھي. کيس تاڪيد ڪيو ويو آھي حيدرآبادي ميرن کي به سمجهائي ته هو پرشيا جي يارئ کان پاسو ڪن, (4). اسان کي خيرپوري ميرن تي هٿ رکڻ گهرجي پر حيدرآبادي ميرن کي ڪرڙي اک ڏيکارڻ گهرجي. 21.10.1838: اڄ مير رستم علي خان مير نور محمد خان کي خط ۾ لکيو ته اوهان جا خط ۽ نياپا مليا آھن ته اسان مير سيوهڻ ۾ ملي فرنگين بابت ڪا گڏيل حڪمت عملي ٺاهيون. طبيعت ٺيڪ ڪانھي, ان ڪري مان اچي نه سگهندس. پر مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان کي موڪليندس. وڌيڪ لکي ٿو ته فرنگين جي هندستان تي حڪومت آھي. هنن جي طاقت کي نظرانداز ڪرڻو ناهي. پاٽينجر ۽ برنس کي انھن رکيو آھي. هنن جو خيال رکبو ۽ تعاون ڪبو. 21.10.1857: هندستان جي مختلف هنڌن تي حڪومت خلاف مسلح بغاوت وارن واقعن سنڌ ۾ سرڪار کي ڪن قدمن کڻڻ تي مجبور ڪيو. اڄ ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 393 ذريعي صوبائي حڪومت کي ٻڌايو ته فوج کي مختلف شھرن ۾ مارچ ڪرڻ جون هدايون ڏنيون ويون آھن. 21.10.1928: ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ مقامي ڪانگريس ڪميٽئ جي نارائداس آنندجي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر مير محمد بلوچ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ تقريرون ڪيون. فيصلو ڪيو ويو ته "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ واري ڏينھن هڪ هزار رضاڪار ڪميشن خلاف جلوس ڪڍن. 21.10.1938: سنڌ ۾ ڪوٺايل صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس کان پوء سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن باقي هندستان جي مسلم ليگي ليڊرن سان رابطا رکڻ شروع ڪيا. اڄ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جوائنٽ سيڪريٽري پير علي محمد شاه مرڪزي مسلم ليگ کي لکيو ته سمورن صوبن جي مسلم ليگن جي عهديدارن جي ايڊريس سميت لسٽ ڏياري موڪليو. محققن ۽ تاريخ نويسن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته 1912 کان 1947 تائين سنڌ مسلم ليگ ۽ مسلم ليگي ماڻھن جيڪا مرڪزي مسلم ليگ سان خط و ڪتابت ڪئي, اها سموري گل حيات ۾ موجود آھي. 21.10.1947: سرڪاري طور تي ٻڌايو ويو ته اڄ 266600 پناهگير پهتا. 21.10.1964: بهاولپور ۾ صدارتي اميدوار صدر ايوب چونڊ-مهم واري ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڪا فاطمه جناح جي جاگير ناهي جو هن کي اوهان ملڪ جي صدر طور چونڊيو. 21.10.1972: وفاقي رياستي وزير معراج خالد پيپلز پارٽئ حڪومت کي مزدور-دشمن حڪومت چئي وزارت تان مستعفي ٿيو. *************** {21 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1909ع تعليمي ماهر عثمان علي انصاري. 1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر (ٽنڊو محمد خان). 1942ع ليکڪا رشيده حجاب (شڪارپور). 1943ع ليکڪ طارق علي. 1945ع ليکڪ شيام ڀاتيجا (شڪارپور). 1962ع سياستدان ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو. 1969ع شاعره حميره نور . 1978ع ليکڪ۽ شاعر زين سولنگي. 1978ع شاعر نظر پياسي. [وڇوڙو]: 1967ع ليکڪ منير احمد چنا. 1991ع شاعر سڄڻ قبولائي. 2015ع شاعر نور الدين نفيس ٿهيم. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** EVENTS: 1845: The Commissioner of Sindh is directed that who so ever could prove that he made his Salam on 24th of May of this year; the right of Jageer will be restored to him. The Jageer of Syed Ali Akbar shah is restored to him by the Collector of Hyderabad, under this policy. 1854: Commanding Officer, Sindh Division request Govt. that Buldings at points along with the whole line of the river Indus be constructed, or improved where already existing, as they are important for so many reasons. 1928: In a public meeting held by the Congress and other parties with Naraindas Anandji in chair, it is decided the 1000 volunters will stage protest against the Simon Commission. Shaikh Abdul Majeed Sindhi and Mir Muhammad Baloch address on the occasion. 1947: 69,000 Indian Muslim migrants arrive, announces the Govt. 1954: The U.S.A announces to make available to Pakistan in current fiscal year about ¤ 105, 000,00 in Economic Aid. Any N.G.0/Non Govt. Research Organization must conduct research to find that 1) How much loan/Aid has been received so for and 2) What is its province - wise utilization. Results will be amazing one. 1961: President Ayub inaugurates first atomic energy research and training center, in Lahore. 1972: Mairaj Muhammad Khan, Central Minister for State resigns and accuses PPP Govt. of being anti - labour. 1992: Benazir launches PDA's Out - Nawaz movement. 1998: India rejects Pakistan's no - war pact proposal being conditional in the resolution of Kashmir dispute.

No comments:

Post a Comment