Saturday 15 October 2022

Sindh in history today (16th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(16th October). ( 16 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 16.10.1832: پاٽينجر کي ممبئي حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 290 ذريعي اجازت ڏني ته ليفٽيننٽ ڊلهوسٽ کان سنڌوندئ جي کاٻي پاسي وارئ سنڌ جي سروي شروع ڪرائي. [پاٽينجر اها منظوري پنهنجئ سرڪار کان ته وٺي ٿو پر مير حڪمرانن کان پڇپي به نه ٿو]. 16.10.1838: پاٽينجر اڄ پنھنجي مراسلي نمبر 129 ذريعي پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته اسان جي فوج وڪر کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ۽ مير ڊپ وچان اسان جي فوج جي رستا روڪ نه ڪندا. 16.10.1838: ڪئپٽن برنس پنهنجي مراسلي نمبر 2 مطابق پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد مان اسان کي پنهنجئ فوج لاء سامان وٺڻ ڏکيو ٿو لڳي. مير پاٽينجر تي به ڏمريا ويٺا آھن. 16.10.1838: پاٽينجر اڄ پنھنجي گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت ٻڌائي ٿو ته: (1). حيدرآبادي ميرن جي مبهم روين مايوس ڪيو آھي. لڳي ٿو ته اسان جي فوج کي سنڌ مان گذرڻ وقت رنڊڪ وجهي سگهن ٿا. مير نور محمد جي دوا لاء مون ڊاڪٽر موڪليو, پر اهڙئ چڱائئ جو به هنن وٽ ڪا چڱي موٽ ڪانھي, (2). مير نور محمد خيرپوري ميرن خاص طور تي مير رستم خان کي مڇرائي ٿو ته فرنگي فوج کي اتان گذرڻ وقت ڪجھ پريشان ڪر. پر مير رستم علي خان سندس ڳالهين ۾ نه ايندو, (3). ميرن جي اهڙئ ڦرڻي گهرڻي طبيعت باوجود ڀائنيان ٿو ته اسان پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺنداسين. 16.10.1854: جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ پنھنجي مراسلي نمبر 337 ذريعي ڪمشنر کي شڪارپور شھر جي تاريخ لکي ڏياري موڪلي. شڪارپور تي هي هڪ اهم ڪتاب آھي ۽ اهو "ميمائيرس آن شڪارپور" جي نالي ڪتابي صورت ۾ ڇپيو آھي. 16.10.1857: ڪياماڙئ ۽ گذرئ وچ ۾ اليڪٽرڪ ٽيليگراف کولي وئي. 16.10.1943: "الوحيد" اخبار ۾ سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي.ايم.سيد جي شاگردن نالي اپيل شايع ٿي. کين هدايت ڪئي وئي ته هو حاجي مولابخش ۽ احمد خان سڌائي وچ ۾ ٿيندڙ چونڊ-مقابلي ۾ احمد خان سڌائي کي ڪامياب ڪرائن ۽ پولنگ وقت پنھنجون خدمتون سرانجام ڏين. 16.10.1975: پيپلز پارٽئ جي دور ۾ سنڌ جو گورنر رهندڙ ۽ پيپلز پارٽئ جو آڳاٽو اڳواڻ مير رسول بخش پيپلز پارٽي ڇڏي ويو. *************** {16 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1916ع صحافي نواز علي بلوچ (لاڙڪاڻو). 1919ع ناول نگار سندر نيڀواڻي (حيدر آباد / بئنگلور). 1925ع ليکڪ آنند گولاڻي (سنڌ / ممبئي). 1925ع شاعر پرڀوداس ونيت (سکر / پونا). 1929ع سيد محسن شاهه جيلاني (گمبٽ). 1935ع شاعر لڪشمڻ ڪڪريجا (ڳڙهي ياسين / الهاسنگر). 1935ع اداڪاره سشيلا راءِ سنگهاڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد). 1943ع شاعر ۽ گلوڪار گوبند نهلاڻي (سکر / الهاسنگر). 1950ع صحافي محمد اسحاق ميمڻ. [وڇوڙو]: 1951ع پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان. 1993ع شاعر ڪهاڻيڪار ۽ صحافي نظير شهزاد (سکر). 1. GOOD DAY WISH composed in my language along with its translation into English: WISH YOU GOOD DAY with love, respect and regards. ڪنهن ڪنهن کي پرچائيندين؟ ايئن اجايو پاڻ کي ماريندين ; جي پاڻ کي ريجهائيندين, پوء ايئن نه پڇتائيندين. [ Central idea of my poetry: Dear! You can not please people. It is very terrible task and will demage your self-respect. Try to please yourself. Do, what your heart asks and your soul desires. Do not miss self. Be sure that you are beauty & love and vision & wisdom] 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this such aardvark way. EVENTS: 1951: The month of October has proved itself as an expensive and ugly month of ugly political changes in Pakistan. It starts showing its colors today. Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan is assassinated at Rawalpindi. Assailant, Said Akbar is put to death by the mob. 1962: It is a protest day in Pakistan. Western arms aid to India is condemned at large. 1964: Pakistan, Iran and Turkey sign an agreement for the abolition of visa. 1972: Islamic ministers discuss Pakistan - Bangladesh reconciliation in the U.N.O 1974: Kabul regime is behind the bomb blasts and trouble in Baluchistan, says Z.A.Bhutto, Prime Minister. 1993: PPP nominates Syed Abdullah Shah for Sindh Chief Minister ship.

No comments:

Post a Comment