Tuesday 11 October 2022

Sindh in history today (12th October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (12th October) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ******* ( 12 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 12.10.1835: اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور وارو مير رستم علي خان حيدرآبادي ميرن سان لڪ ڇپ ۾ هڪڙيون ڳالهيون ٿو ڪري ۽ اسان سان وري ٻيون ڳالهيون ٿو ڪري. ضرورت انھئ ڳالھ جي آھي ته شاهديون ثابتون هٿ ڪري پوء رستم علي خان سان ڳالهائجي. اهو تڏهن ڪري سگهبو جڏهن سرڪار اسان کي اهڙي اجازت ڏئي. 12.10.1916: هئ اهو دور هو جو سياست تي پابندي ڪانه هوندي هئي ۽ سرڪاري ملازم به سياست ۾ حصو وٺي سگهندا هئا. ان جو وڏو سبب اهو هو ته ڪا به سياسي پارٽي فرنگي حڪومت جي خلاف نه هوندي ۽ ان جي وفادارئ کي پنهنجي منشور ۾ رکندي ۽ مڃيندي هئي. انھئ ڇوٽ جو سياسي خواه سماجي تنظيمن اهو فائدو ورتو ته عوام ۾ سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ جا جتن ڪيائون. ڪراچئ ۾ ”ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئيشن" هوندي هئي ۽ اها وقت به وقت ليڪچر ڪرائيندي هئي. اڄ انھئ پليٽ فارم تان ڊاڪٽر ڌالا "قوميت" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. انھئ مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تنظيمن قوميت جي اهميت ۽ ضرورت تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھن ۾ فڪري خواه نظرياتي بيداري آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. 12.10.1920: سنڌ انگريزن جي دور آل انڊيا سطح جا سياسي اڳواڻ پيدا ڪيا, جن جي حيثيت ۽ صلاحيتن کي سڄو هندستان مڃيندو هو. مولانا تاج محمود امروٽي به انھن مان هڪ هو. هن ڪلڪتي واري "جمعيت العلماء ھند" جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي. انھئ اجلاس جي ڪاروائئ جا تفصيل اڄوڪئ " الحق" اخبار ۾ شايع ٿيا. 12.10.1954: سنڌ سرڪار مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌي ۽ اردو جا پيپر لازمي طور تي شامل ڪيا. 12.10.1955: فاٽا ۽ ٻين اهڙين ايراضين کي پشاور ضلعي ۾ ملايو ويو ۽ اڌ رات کان "ون-يونٽ" اسڪيم نافذ ڪئي وئي. 12.10.1956: پاڪستان جي نئشنل اسيمبلئ چونڊن بابت بل پاس ڪيو. جنهن مطابق اڳتي اوڀر پاڪستان ۾ ھندن ۽ مسلمانن جون گڏيل چونڊون ٿينديون. جڏهن ته اوله پاڪستان اهي الڳ الڳ ٿينديون 12.10.1989: جي.ايم.سيد کي قومي جهنڊي جي بي حرمتئ ڪرڻ واري ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو. جي.ايم.سيد نه ته واردات واري هنڌ تي موجود هو ۽ نه وري انھئ واقعي جي کيس ڪا ڪن جن هئي. *************** 12 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 12 آڪٽوبر 1897ع سماج سڌارڪ گهنشام داس بالم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1900ع شاعر سيد باغ علي شاهه باغ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1912ع سياستدان علي گوهر لاهوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1935ع ليکڪ لکمي ڪالاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1939ع نامياري افسانا نگار ۽ ليکڪ حميد سنڌيجو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1941ع ليکڪ رضا گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ ۽ صحافي مدد علي سنڌئ جو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1962ع شاعر علي احمد اعجاز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1965ع نامياري ڪالم نگار ۽ ليکڪ اعجاز منگيجو جنم ڏينهن آهي. 12 آڪٽوبر 1972ع صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيزادو(ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 12 آڪٽوبر 1918ع شاعر علي بخش ڪمتر جو انتقال ٿيو. 12 آڪٽوبر 1939ع صوفي شاعر ۽ بزرگ ٻڍل فقيرجي وفات ٿي. 12 آڪٽوبر 1952ع بزرگ هستي سوامي رامانند جي ديهانت ٿي. 12 آڪٽوبر 1959ع شاعر نواز علي نياز جو انتقال ٿيو. 12 آڪٽوبر 1996ع شاعر، نقاد ۽ ليکڪ امير علي چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو. EVENTS 1913: Haji Abdullah Haroon, Secretary “Hilal Ahmar Sindh” publishes the Annual Report of the Society. It contains details of the contribution collected from Sindh, future program for establishing Persian-Arabic Institution, Hostel for college students and Home for Orphans. It is also included in future program to create awareness about the need and importance of Rais Ghulam Muhammad Bhurgri’s Education Cess Bill. 1916: A lecture Program is arranged by “Karachi Citizen’s Association” . Dr. Dhalla delivers lecture on the topic of the “Nationalism”. 1920: In its issue, the “AL_HAQ” Paper covers the proceedings of session of All-India Jamiat-ul-Hind, held at Calcutta and presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti. 1954: Urdu and Sindhi are made compulsory subjects at Matriculation examination, in Sindh. 1955. One-Unit Scheme stands implemented at midnight. FATA and other areas are included in Peshawar District. 1956: The Electorate Bill is passed by the National Assembly providing for separate electorate in West Pakistan and Joint electorate in East Pakistan 1971: President Yahya Khan announces a Time-Table for transfer of power to the people’s representatives. 1989: G.M.Syed is put under house arrest on charge of desecration of national flag, though; he was personally involved in matter.

No comments:

Post a Comment