Thursday 6 October 2022

Sindh in history today (7th October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (7th OCTOBER) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 7 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 7.10.1842: نيپيئر سکر منجهان اڄ مير صوبدار خان کي مراسلو موڪلي انھئ ڳالھ تي خوشئ جو اظھار ڪيو ته اوهان (مير صوبدار خان) چوڏهن شقن واري ٺاه کي قبولي فرنگي سرڪار سان سچي دوستي رکڻ جي ثابتي ڏني آھي. [منافق نيپيئر سان مير ته سٺو هليا, پر نيپيئر جي من جو مير ميرن لاء سورن جو سامان بڻيو] 7.10.1885: ڪراچئ جي "ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽئ طرفان اڄ پي.آرديشر "بچپن جون شاديون" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. هئ لٽرري سوسائٽي هڪ آڳاٽي ۽ مقبول سوسائٽي هئي ۽ ان جا انگريز, هندو, پارسي ۽ مسلمان ميمبر هئا. 7.10.1920: حيدرآباد ۾ خلافتين طرفان حڪومت خلاف "عدم تعاون تحريڪ" هلائڻ بابت وڏو جلسو ٿيو, جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ, سيد قاضي اسدالله شاه ٽکڙائئ, مولوي عبدالله ۽ سيٺ امين الدين تقريرون ڪيون. 7.10.1951: سنڌ سرڪار اڙدوء کي چوٿين ڪلاس ۽ ان کان مٿي وارن ڪلاسن ۾ لازمي طور پڙھائڻ جو فيصلو ڪيو. اسان جي وڏڙن ڪا ايئن ڪونه ٿيو ته سنڌئ کي به غير سنڌي شاگردن لاء چوٿين ڪلاس کان وٺي لازمي پڙھائڻ جو فيصلو ڪن. 7.10.1955: "ائنٽي ون يونٽ ويسٽ پاڪستان ڪنوينشن“ جي صلاحڪار ڪميٽئ ون يونٽ خلاف ٺھراء پاس ڪيو. انھئ ڪميٽئ جي صدارت خان عبدالغفار خان ڪئي. جڏهن ۾ ان ۾ پير آف مانڪي, خان عبداصمد خان, جي.ايم.سيد, شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ حيدربخش جتوئئ شرڪت ڪئي. 7.10.1958: پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا اسيمبليون ٽوڙي, آئين کي پاسيرو رکي, حڪومتون ڊاهي سموري ملڪ سان مارشل لا هڻي , آرمي چيف جنرل ايوب کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. 7.10.1993: قومي اسيمبلئ جي ٿيل چونڊن ۾ ايم.ڪيو.ايم حصو نه ورتو. نواز شريف جي 13 وزيرن کي شڪست آئي. 7.10.1998: جنرل جهانگير ڪرامت اڄ مستعفي ٿيو ۽ نواز شريف هن جي جاء تي مشرف پرويز کي چيف آف آرمي مقرر ڪيو, جنهن اڳتي هلي سندس تختو اونڌو ڪيو. {7 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1853ع اسڪالر، ليکڪ ۽ شاعر مرزا قليچ بيگ. 1901ع هاري اڳواڻ، ليکڪ ۽ شاعر حيدر بخش جتوئي. 1939ع گلوڪاره پشپا ڀاوناڻي (ڪراچي / دهلي). 1943ع اداڪار نانڪ آهوجا (جيڪب آباد / دهلي). 1958ع محقق ۽ ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري. 1959ع ليکڪ محمد ڇٽل سومرو (ميهڙ). 1961ع ليکڪ خادم زئور. 1973ع شاعر مولا بخش آزاد (دادو). 1975ع شاعر منور ڪلهوڙو. [وڇوڙو]: 1946ع سياستدان خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو. 1988ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عظيم شيدا (نصير آباد) 2004ع ليکڪ ۽ اسڪالر محمد علي حداد (خيرپور). 2011ع محقق ۽ ليکڪ نقش ناياب منگي. EVENTS 1843: The Secretary to Govt. of India, J.Thomason writes to the Secretary to the Govt. of Bombay to contact Sindh Governor and request him to convey to Bombay the ladies of the households of the Ex - Amirs of Sindh. 1845: Darya Khan Thoro, Jagerdar of the Karachi District is dead and the Sindh Commissioner recommends that the Jageer be restored to his son Jaffar Khan. 1885: Literary gathering is arranged at Mex Denso Hall, Karachi and the topic 'Merriage in Childhood' is discussed. The sitting is arranged by Max Denso Hall Literary Society and Principal speaker was P.Ardesher, Secretary of the Society. 1920: A big public meeting is held at Hyderabad by Khilafat Committee. Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Qazi Asadullah Shah of Tukhar, Moulvi Abdullah and Seth Aminuddin speak on the occasion. 1955: The Consultative Committee of the Anti - One Unit West Pakistan Convention meets at Karachi with Khan Abdul Ghaffar Khan in chair. Important participants are Pir of Manki Sharif, Khan Abdul Samad Khan Achakzai, Shaikh Abdul Majeed Sindhi, G.M.Syed and Hyder Bux Jatoi. The Resolution is passed disapproving the One - Unit Scheme. 1958: The President of Pakistan, Iskandar Mirza, proclaims Martial Law throughout the country, abrogating the Constitution, dismissing governments, disolving all assemblies and abolsing all political parties. Army Chief Gen.Muhammad Ayub is appointed Chief Martial Law Administrator. 1993: Thirteen former ministers of Nawaz Sharif cabinet are among the losers and most of them belong to Punjab. MQM boycotted the National Assembly polls, decides to go for polls in Provincial Assembly.

No comments:

Post a Comment