Friday 21 October 2022

Sindh in history today (22nd October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(21st October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(22nd October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. Translation: Dr.Pathan wishes you Good Day. [I have been praising and preaching your greatness and status as an ideal and second to none, since centuries. It is amazing that you are silent to extent that I feel deprived of your attention, kindness and vision & wisdom. Dear! You are source of inspiration for life and its beauty & love. Believe in it and believe in Self ] روز لکان مان رانول تو لاء، تنھنجا سدا ڳڻ ڳایان، تنهنجي آدرشي حیثیت، ھن دنیا کي پيو ٻڌایان، حيران مان آھیان، ڏئين نہ ستي سونھن سلام جي، *************** ( 22 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 22.10.1838: پاٽينجر اڄ خط لکي برنس کي ٻڌايو ته مير نورمحمد تي منھنجي خطن ۽ گذارشن ٽڪي جو به اثر ڪونه وڌو آھي, ويتر هو مون تي ڏمريو ويٺو آھي. برنس انھن ڏينھن ۾ خيرپوري ميرن سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. پاٽينجر جي خط جو مطلب برنس کي هوشيار ۽ محتاط ڪرڻ ھو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته شڪارپور ۾ مير نورمحمد جي عملدارن جو ليفٽيننٽ ليچ سان رويو به اڻ وڻندڙ ٿيو آھي. 22.10.1847: ممبئي سرڪار سنڌ جي انتظام کي هلائڻ لاء اڄ ڪمشنر کي لڳ ڀڳ 50 آڳاٽا سرڪيولر ڏياري موڪليا. انھن ۾ زورئ پورهئي نه ڪرائڻ ۽ غلامن جي واپار کي ٻنجي ڏيڻ بابت سرڪيولر به هئا. ياد رهي ته ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ وڪري ڪرڻ لاء غلام آندا ويندا هئا. 22.10.1947: سرڪاري پڌرائئ مطابق 23 هزار پناھگير پنهنجو ملڪ انڊيا ڇڏي آيا 22.10.1932: "ايندڙ ۽ ٿيندڙ يونٽي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري مامري تي ڀلي بحث ڪجي. پر گول ميز ڪانفرنس جيڪو سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏيڻ وارو فيصلو ڪيو آھي, ان کان اڳ سنڌ جي هندن کي نه ٻڌو ويو". آل انڊيا هندو مها سڀا جي صدر جو بيان. 22.10.1938: قمبر ۾ مولانا نورنگئ جي صدارت ۾ ” انجمن فدائي اسلام" جي زير اهتمام جلسو ٿيو. ان ۾ فرنگي سرڪار جي فلسطين بابت پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي هن ريت "فلسطين ڪميٽيون" قائم ڪيون ويون: (تعلقو قمبر: مولانا مير محمد نورنگي صدر, مولوي غلام فريد نائب صدر, مولوي غلام مصطفا سيڪريٽري) (قمبر شھر: غلام محمد خان صدر, گلاب خان نائب صدر ۽ حمزو خان سيڪريٽري). 22.10.1966: "ون- يونٽ ھميشه رهندو. ڪو به ان ۾ ڪا ردوبدل ڪري نه نٿو سگهي"- وفاقي وزير خواجا شھاب الدين جي دعوا. 22.10.1971: صدر يحيا ۽ ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ ملڪي حالتن تي طويل گڏجاڻي ٿي, جيڪا ٽي ڪلاڪ هلي. 22.10.1983: جماعت اسلامئ جي اڳواڻن اڄ ضياء الحق سان تفصيلي ملاقات ڪئي. 22.10.1990: ملڪ مان 68 ماڻھن کي الذوالفقار تنظيم جا دهشتگرد چئي گرفتار ڪيو ويو. *************** {22 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1913ع اسڪالر ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي(شهداد پور / نئين دهلي). 1936ع شاعر غلام احمد بيدام (تلهار). 1949ع سگهڙ محمد لقمان کوکر. 1961ع شاعر محبوب ڏيٿو. 1971ع شاعر انور لاکير. 1971ع ليکڪ اشوڪ ڪالاڻي. 1977ع شاعر مشتاق تنيو. [وڇوڙو]: 1980 سنڌ کي ون-يونٽ جا پنجوڙ وجهندڙ ۽ سنڌ جو هڪ کان وڌيڪ دفعا وڏو وزير ٿيندڙ ايوب کهڙو 1986ع گلوڪاره ڀڳونتي ناواڻي. 2007ع شاعر سرويچ سجاولي. 2017ع فلم ۽ ٽي وي اداڪار شهباز دراني. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** EVENTS 1838: The attitude, approach and response of Mir Noor Muhammad is discussed between Colonel Pottenger and Captain Burns through letters. Colonel Pottenger is of view that Mir had no effect in turning him from his purpose. 1847: The Govt. of India through Bombay Govt . Provides Sindh Commissioner important instructions and copies of circulars to be followed for smooth running of the Sindh administration. The number of circulars is more than fifty. Some of them are Service Code, Prohibition of forced labour (Chher), Illegality of importation of Slaves, Position of Jageedars etc. 1938: Sindh Provincial Muslim League Conference brought Sindh Muslim League leaders nearer to other leaders of the party. Today, All - India Muslim is requested by Sindh Muslim League to provide list along with postal addresses of branches for interaction and contacts. 1947: Twenty three thousand Indian Muslims reach Pakistan. 1953: Pakistan Muslim League Parliamentary Party decides that the Head of the state of Pakistan will be a Muslim. 1983: Jamait -i- Islami holds very important talks with Zia. 1989: All Pakistan Newspapers Society calls upon four provincial Chief Ministers to protest newspaper offices, bureaus in the face of frequent attacks. 1990: Sixty - eight workers of Al - Zulfkar are blamed as terrorists and arrested. 1992: PPP top brass has links with terrorist organization Al - Zulfkar, Ministers tell National Assembly. 1993: Mian Tufail, former Chief and member of Jamait -i- Islami Shoora resigns due to differences with Kazi Hussain Ahmad.

No comments:

Post a Comment