Sunday 2 October 2022

Sindh in history today (3rd October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (3rd OCTOBER) Selection from Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 3 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 3.10.1838: ڪراچئ ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ لاء فرنگين کي ميرن خلاف الزامن ۽ بهتانن جي لسٽ تيار ڪري هئي. اڄ ڪرنل پاٽينجر پنهنجي مراسلي نمبر 114 ذريعي پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌائي ٿو ته مير نور محمد هڪ طرف راجا مانسنگ سان ۽ ٻئي طرف پرشيا جي محمد شاه سان ربطي ۾ آهي ته جيئن انھن کي پاڻ سان ملائي انگريزن خلاف محاذ قائم ڪري. 3.10.1849: جنگي قيدي بڻايل خيرپوري ميرن جي اولاد فرنگئ سرڪار وٽ پڪاريو ته مير علي مراد اسان جي جائز سنڀال نه ٿو ڪري. سرڪار انھئ ڳالھ جو نوٽس ورتو ۽ جاچ پڙتال ڪرائي. اڄ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1905 ۾ ممبئي سرڪار کي لکيو ته متآثر شھزادن کي حيدرآباد طرف رهائجي ۽ کين گذاري لاء ساليانو ويھ ھزار روپيا ڏجن. 3.10.1856: انگريزن ڪراچئ کي ان ڪري گادئ جو هنڌ بڻايو جو هئ شهر واپار ۽ تجارت جي آمدرفت لاء بندر سبب موزون هو. ابتدائي دور ۾ ڪيتريون واپاري ڪميونٽون هن شھر ۾ لڏي اچي آباد ٿيو. ٻيا اهڙا ڏيهي ۽ پرڏيهي واپاري هئا جيڪي وقت به وقت ايندا ويندا هئا. سرڪار انھن کي سهولتن ڏيڻ لاء ڏيهي واپارين لاء ڌرم شالائون ۽ پرڏيهي واپارين لاء بنگلا ٺھرايا. اڄ سنڌ جو ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 374 ذريعي ممبئي سرڪار کان ڪراچي ضلعي ۾ بنگلا ۽ ڌرم شالائون ٺھرائڻ جي اجازت گهري. 3.10.1922: خلافت ڪميٽي پنهنجي دور جي هن ڪري مقبول پارٽي بڻي جو هن پارٽئ مذھب کي سياست جو بنياد بڻايو ۽ انگريزن جي حڪومت جي مخالفت کي مقصد بڻايو. ان ڪري هن پارٽئ جون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاخون قائم ٿيون. اڄ شھدادڪوٽ وارئ شاخ وڏو عوامي ميڙاڪو ڪيو. تقرير ڪندڙن حڪومت جي ترڪ-دشمن پاليسئ جي مذمت ڪئي ۽ اهڙا ٺھراء پاس ڪيا. 3.10.1925: اڄ سنڌ ڪانگريس جي سمورين شاخن پاران گانڌئ جي سالگره ملهائي وئي. گانڌي سنڌ جي هندن جو مقبول ترين سياسي اڳواڻ ھئو ۽ هن ڪيترا دفعا سنڌ جو دورو ڪيو. سنڌي هندو ليکڪن هن وڏي انسان جي شخصيت ۽ سياست تي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. 3.10.1938: سنڌ جي لوڪل سيلف گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ 24 سيپٽمبر تي ڪانفرنس ۾ ٺھراء پاس ڪيو ويو هو ته سنڌ جا سمورا لوڪلبورڊ گانڌئ, تلڪ ۽ جناح جا ڏينھن ملهائن ۽ انھن ڏينھن تي موڪل ڪن. پر اڄ ڪيترن ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊن- خاص طور تي لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ بورڊ- انھئ تجويز کي نامنظور ڪيو. 3.10.1950: پنهنجي دور جي مشهور ۽ سگهاري سياسي اڳواڻ علامه مشرقئ کي ڊاڪٽر خان جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. 3.10.1952: سنڌ سان "سيفٽي ايڪٽ“ لاڳو ڪيو ته جيئن مخالف سياستدانن جي آسانئ سان پٽڪي-ڊاه ڪري سگهجي ۽ کين ڏينھن جا تارا ڏيکاري سگهجن. 3.10.1955: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ 30 سيپٽمبر تي ون-يونٽ بل پاس ڪيو هو. اڄ ملڪ جي گورنر جنرل انهئ ڪاري قانون جي توثيق ڪئي. 3.10.1964: مولانا غوث ھزاروئ مسلم ليگ جي گڏجاڻئ ۾ اعلان ڪيو ته ڪا عورت ملڪ جي اڳواڻ (صدر) ٿي نه ٿي سگهي. هي بيان فاطمه جناح جي دڳ روڪڻ لاء ڏنو ويو. ياد رهي ته بينظير جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ به مذھبي ماڻھن اهڙا بيان ڏنا. 3.10.1971: سوويٽ يونئن جي صدر پاڪستان ۽ انڊيا کي صلاح ڏني ته پنهنجي اختلافن جو پاڻ ۾ ويهي نبيرو ڪريو. حالتون جنگ جا ناد وڄائي رهيون آھن, انھن کي ٻڌو ۽ پاسو ڪيو. ******* { 3 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1789ع سنڌ ۾ مقرر ڪيل فرنگي ايجنٽ پاٽينجر هينري(انگلينڊ). 1941ع شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت بلوچ(احمد پور ضلع خيرپور). 1955ع شاعر شير محمد عاجز (چڪ). 1961ع ليکڪ روشن آرا ميمڻ. 1963ع صحافي نعيم اختر (جيڪب آباد) جو جنم. EVENTS 1922: A public meeting is held at Shahdadkot by local branch of the Khilafat Committee. Speakers condemn anti-Islam & anti-Turk policy of the Government and they ask people to take part in the politics and get rid of British Government. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: Larkano says Big No to declare holiday and celebrate Birthdays of Jinnah, Gandhi and Tilk and other leaders. This may kindly be noted that in the light of resolution passed on the evev of Sindh Districts Local Boards Conference [24th Sept], the president of Self-Government Institute made request to all District Local Boards for celebration of Birthdates and declaring holidays on those events.(Source: Newspapers). 1941: When the ‘Indus Commission’ met at Simla, Sir B.N.Rau, chairman, suggested for the consideration of the parties that Sindh’s objections regarding the Bhakra Dam be withdrawn or modified and the dam be allowed to be erected, provided expressed stipulations were laid down that quantities of water authorized to be withdrawn would be subject to modification if and when Sindh’s apprehensions turned out to be true. Both parties agreed to the suggestion. 1950: Allam Mashrqui, founder of Khaksar Tahrik is arrested. (Source: ‘Source-Material on Khaksar Tahrik’, compiled by Gul Hayat Institute). 1955: The Governor-General, Iskandar Mirza gives assent to the ‘Establishment of West Pakistan-One-Unit-Bill, 1955, passed by the Constituent Assembly of Pakistan on 30th of September 1955. (Source: Newspapers). 1971: Russian president Nikolai Podgorny warns India and Pakistan against going to war to settle their dispute over the East Pakistan. (Source: ibid). 1992: New World Order will not work, says African National Congress President Dr.Nelson Mandela, who reaches Karachi. (Source: Newspapers). 1996: Benazir Bhutto addresses U.N. General Assembly, calls for multilateral talks on Asian Security and proposes world conference on South Asia. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1998: Pakistan and India expel each other’s’ High Commission staffs on espionage charges. (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment