Monday 3 October 2022

Sindh in History today (4th October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (4th October) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 4 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا ************** 4.10.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ لارڊ آڪلينڊ جي پرائيوٽ سيڪريٽرئ کي لکي ٿو ته ميرن سان مامرا سلجهن نه ٿا. مير صوبدار اسان سان سچو آھي, پر هو باقي ميرن جي ڪڙي نظر هيٺ آھي. سنڌ مان پنهنجئ فوج لاء اناج,اٺ,ٻيڙيون ۽ گاه وٺڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪو به سنڌي اسان کي اهي گهربل شيون نه ڏئي. ٿو ڏئي. ڪوشش ۾ آھيان ته ميرن کان اهڙئ اجازت جو پروانو وٺان. 4.10.1855: جاگيرن لاء اسسٽنٽ ڪمشنر اج سنڌ جي ڪمشنر کي پنهنجي مراسلي نمبر 19 ذريعي سفارش ڪئي ته ڪراچي تعلقي جي هنن ماڻھن کي جاگيرون ڏنيون وڃن: (1).ملڪ سردار خان نومڙيو (2). ملڪ جيئند خان نومڙيو (3).ملڪ الهداد گبول (4).ڏاتو ۽ پيرو گبول (5).فتح محمد هاشم ڪرمتي. 4.10.1858: سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر پنهنجي مراسلي نمبر 430 ذريعي پنهنجئ وڏئ سرڪار کي ٻڌايو ته مري قبيلي وارن اتر سنڌ ۾ ماڻھن سان مصيبت ڪري ڇڏي هئي. اسان بگٽين کي هنن سان مهاڏي اٽڪائڻ جي چال کيڏي [قبائلي جهڙا ڪرائي] اهو آزار ختم ڪيو آھي. 4.10.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ جي هجرت بابت غلط فيصلي سنڌي مهاجرن کي ڏچي ۾ وڌو. سندن سورن جي مذڪورن ٻڌائڻ لاء رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي اڄ لاڙڪاڻي ۾ خلافت ڪميٽئ جي گڏجاڻئ کي بريفنگ ڏني. هن گڏجاڻئ جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽئ ڪئي ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙن مان ڪجھ ھئ اڳواڻ ھئا: مولانا محمد صادق کڏي وارو, عبدالجبار ايڊووڪيٽ, شيخ عبدالعزيز, پير مٺل شاه, پير فتح الدين, پير روح القدس, پير محمد مصطفا, مولانا محمد عاقل عاقلي, مولوي محمد علي, پير نورالدين, سيٺ خداداد سرهيو, سيٺ عبدالرزاق, سيٺ احمد دين, رحيم بخش ايڊووڪيٽ, هريسنگ ايڊووڪيٽ, سيٺ گوبند بخش, لاڙڪاڻه گزيٽ جو ايڊيٽر ٽھلرام ۽ سيٺ ٿانورداس. 4.10.1947: خيرپور رياست راضپو ڏيکاريو ته پاڪستان ۾ شامل ٿبو. 4.10.1962: جماعت اسلامئ, عوامي ليگ, نئشنل عوامي پارٽئ, ڪائونسل مسلم ليگ ۽ ريپليڪن پارٽئ گڏجي "نئشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" نالي گڏيل سياسي گروپ ٺاهيو ته جيئن ايوب-شاهئ جي آزار مان جند ڇڏائي سگهجي. 4.10.2001: پاڪستان آمريڪا جي اها ڳالھ مڃي ته ورلڊ ٽريڊ ٽاور ۽ پينٽاگون تي بمباري ڪرڻ ۾ اسامه بن لادن جو هٿ آھي. {4 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1911ع شاعر الهه بچايو وفا. 1919ع مشهور شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي اڳوڻي گادي نشين مخدوم محمد الزمان طالب المولا(هالا). 1921ع شاعر شفيع محمد اوج علوي (شڪارپور). 1962ع سماجي ورڪر محمد عالم جوکيو. 1967ع شاعر ۽ ماهوار همرچو جي ايڊيٽر اياز جاني. 1967ع صحافي مظفر قاضي (لالو رائنڪ). 1970ع سياسي ۽ سماجي ورڪر حريف چانڊيو. 1973ع ليکڪ لياقت ميمڻ (ڊکڻ) . 1975ع صحافي امداد سومرو (جوهي) [وڇوڙو]: 1855ع هالا سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر آخوند عبد الصمد ساوڻني. 1948ع سياستدان، اڳوڻي وڏي وزير ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين هدايت الله. 1976ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ. 1995ع ناليواري گلوڪار مسعود رانا. EVENTS 1847: His Highness Mir Ali Murad Khan congratulates R.K.Pringle on his appointment as Sindh Commissioner . The letter is sent through Resident posted in Khairpur. (Source: letter No.73). 1855: The Assistant Commissioner for Jageers recommends the case for grant of Jageers to the following in Karachi Taluka: Malik Sardar Khan Noomrio, Malik Jeand Kan Noomrio; Malik Alladad Gabol , Datto Gabol and Piru Gabol. (Source: letter No.19). 1920: Rais-ul-Muhajreen Jan Muhammad Junijo shares his experience and observations about migration of Sindhis to Afghanistan. The briefing meeting is arranged by Larkano District Khilafat Committee and it is attended by Moulana Muhammad Sadik of Khada, Abdul Jabbar Advocate, Shaikh Abdul Aziz; Pir Mithal Shah of Thullah; Pir Fatih-u-ddin, Pir Rooh-ul-Qusus; Pir Muhammad Mustafa; Moulvi Muhammad Aqil Aqli; Moulvi Muhammad Ali; Pir Noor-u-ddin; Seth Khudadad Surahio; Seth Abdul Razaq; Seth Ahmad-u-ddin; Rahim Bux Advocate; Hari Sing Advocate; Seth Gobind Bux; Tahilram editor of ‘Larkano Gazette’ and Seth Tanwardas. The meeting is presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1947: Khairpur Mirs and Bahawalpur states announce their accession to Pakistan (Source: Newspapers). 1948: Moulana Moudoodi, founder of Jamait-i-Islami is arrested under Pakistan Safety Act. (Source: Newspapers). 1975: Beginning of new era between Bangladesh and Pakistan with diplomatic relations. Once part to each other, are now free and independent friend countries. (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment