Friday 7 October 2022

Sindh in history today (8th October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (8th OCTOBER) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 8 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 8.10.1832: پارڪر ۽ اوڀر-ڏکڻ سنڌ سرحد تي ٽاڪرن, کوسن ۽ ٻين ماڻھن فرنگي واپارين ۽ سفارتڪارن کي سنڌ ۾ داخل ٿيندي ئي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪري ڏنو. فرنگي سفارتڪارن اهڙيون دانھون حيدرآباد واري مير مراد علي خان کي ڏنو. هن وري ڪجھ ماڻھون پارڪر مان پڪڙي, پنهنجي خاص ماڻھوء غلام حيدر مجراڻئ هٿان پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليا ته ڏوهين کان پڇا ڳاڇا ڪري, کين هن ڏي واپس موڪلي. 8.10.1838: هن دور ۾ ڪئپٽن برنس ۽ ڪرنل پاٽينجر فرنگين جي سفارتڪارن ۽ نمائندن طور سنڌ ۾ موجود هئا. سندن پاڻ ۾ ٿيل خط و ڪتابت مان پڌرو ٿو ٿئي ته هو بکر جو قلعو مسواڙ تي وٺن پيا گهرن ۽ پنهنجئ افغانستان ويندڙ فوج لاء سنڌ مان اٺ, اناج ۽ گاه خريد ڪرڻ پيا ڪن. پر ميرن وٽان هنن کي من-پسند موٽ نه پئي ملي ۽ ماڻھون کين شڪ جي نگاه سان پيا ڏسن. پاٽينجر برنس کي ٻڌائي ٿو ته هو مير صوبدار خان ملي واپس پيو اچي ته ماڻھن ھن جي ڏاڍي بيعزتي ڪئي ۽ هن تي ڀتر اڇلايا. 8.10.1843: سنڌ حڪومت جي سيڪريٽرئ اڄ سکر جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پوپ کي لکيو ته جاچ ڪري ٻڌاء ته روهڙئ ۽ سبزل ڪوٽ وچ ۾ مير علي مراد خان جي ڪيتري زمين بهاولپور واري نواب کي ڀل ۾ ڏني وئي آھي. اها معلومات گورنر جنرل کي ڏياري موڪلبي, جيڪو ان جي روشنئ ۾ مير علي مراد خان جي دانھن ورنائيندو. 8.10.1847: سنڌ سرڪار جي سيڪريٽرئ پرنگل جي ڪمشنر طور مقررئ جو نوٽيفيڪيشن/اطلاع پنهنجي خيرپور واري ريزيڊنٽ ڏي ڏياري موڪليو ۽ تاڪيد ڪيس ته خيرپور جي حڪومت ۽ حاڪم کي ٻڌائجي ته نيپيئر سنڌ جي گورنرئ تان رٽائيرمينٽ ورتي آھي. ان کان پوء سنڌ کي ممبئي پرڳڻي سان ملئي مٿس پرنگل کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آھي. 8.10.1913: سنڌ جي "هلال احمر سوسائٽئ" طرفان ڪارڪردگئ جي سالياني رپورٽ شايع ٿي. ان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته نئين سال ۾ سنڌ ۾ هڪ بينڪ کولي ويندي, هڪ يتيم خانو قائم ڪبو ۽ هڪ اخبار جاري ڪئي ويندي. اهي ڪم "هلال احمر سوسائٽئ" ته نه ڪيا, ليڪن بينڪ کولڻ کان سواء اڳتي هلي حاجي عبدالله هارون ڪيا, جيڪو انھئ سوسائٽئ جو سرگرم عهديدار هو. "هلال احمر" سوسائٽئ غلام محمد ڀرڳڙئ واري "سيس بل" تي سنڌ ۾ عام راء ھموار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اهو بل سنڌ ۾ تعليمي واڌاري لاء ڀرڳڙئ ڪائونسل ۾ پيش ڪيو هو. 8.10.1922: ٺل ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان عام جلسو ٿيو. تقرير ڪندڙن حڪومت جي خلافت ۽ هندستان بابت جوڙيل حڪمت عملئ کي عوام دشمن ۽ اسلام دشمن ڄاڻائيندي عوام کي دين ۽ ملڪ بچائڻ لاء سياست ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو. [سنڌي عوام جي شعور جو اندازو لڳايو ته 1922 ۾ ٺل جهڙي دور دراز شهر ۾ عوام وڏئ دلچسپئ سان ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست تي مدلل انداز سان ڳالهائن ٿا] 8.10.1938: سنڌ جي سياست جو اڄ هڪ اهم ترين ڏينھن هو. "سنڌ مسلم ليگ" جنهن کي 1912 کان وٺي "آل انڊيا مسلم ليگ" الحاق نه ڏنو, انھئ طرفان ڪراچئ ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس" ٿي, جنهن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي. هئ ڪانفرنس ٽي ڏينھن هلي. *************** 8 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 8 آڪٽوبر 1902ع هندو مذهبي اسڪالر پنڊت ديو دت شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1927ع قانوندان جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1930ع شاعر منصور ويراڳي(هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1932ع ليکڪ جيوت چائولا (راڻيپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1940ع گلوڪار جڳديش ڀڳتياڻي جهامن (ڪراچي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1955ع ليکڪ ۽ ڪالم نگار دلشاد ڀٽو سينيئر جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1958ع شاعر شمشاد علي شاڪر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1959ع شاعر حيدر شاهه حيدر جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1965ع شاعر غالب سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1974ع شاعر ذوالفقار ساحل شاهاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1975ع شاعر خطائي ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي. 8 آڪٽوبر 1983ع ناول نگار منير چانڊيو (قنبر) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 8 آڪٽوبر 1975ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جي وفات ٿي. EVENTS 1838: The communication between Captain Burns and Colonel Pottenger reveals that they are getting tough time from the people of Sindh and even are sure about the desired response from Rulers. They intend to get Bukkar fort on loan and purchase grain, but it has become very difficult task. 1913: Sindh Hilal Ahmar, in its Annual Report, advises Sindhi Muslims to support Ghulam Muhammad Bhurgri's Cess Bill, establish Bank, open Orphan Houses and found at least one Newspaper in Sindh. 1922: A big public meeting is held at Thul, by the local branch of the Khilafat Committee, in which Govt's policy regarding Turkey and even about India and Indian people is condemned. 1938: It is turning point in the political history of British Sindh. The first sitting of the Sindh Provincial Muslim League is held at Karachi. It starts with recitation from Quran by Hafiz Ali Muhammad of Dhighri. Quaid -i- Azam presides.

No comments:

Post a Comment