Sunday 23 October 2022

Sindh in history today (24t October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(24th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Though, I have so many faults and limitations in me, but my love for you is unlimited, complete in all respects and full of sincerity and sacrifice. I know that you are not for me, even partially. But, I am your from A to Z. I can forget myself, but can't dare to forget you. Without your love & beauty I am like a burning wood and tears of my eyes can't minimize that fire.] آئون جي اٹپورو پر توسان پنهنجو پیار پرین پورو، جي تون ناھین منھنجو پر آئون تہ تنھنجو سمورو، روح وجود ڄڻ ڪي کورو، سندء سونھن سلام سواء. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************** ( 24 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.10.1838: اليگزينڊر برنس خيرپور مان پاٽينجر کي لکي ٿو ته خيرپوري ميرن سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. خيرپوري مير فائدو ڏيڻ گهٽ ٿا چاهن, پر وٺڻ گهڻو ٿا گهرن. ان ڪري مون کين حيدرآبادي ميرن سان ٿيل معاهدي وارو متن ڏيکاريو ۽ سمجايومان ته انگريزن سان دوستئ کان وڏو ٻيو ڪهڙو اوهان لاء فائدو ٿيندو. هنن کي سمجهايم ته هن معاهدي ڪرڻ کان پوء ڪمپني حڪومت اوهان جي رياست جي بچاء لاء پابند بڻجي پوندي. 24.10.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ ۾ مقيم پنهنجي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هدايت ڪئي ته ٻروچن کان سواء باقي ٻيا مقامي ماڻھون فرنگي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو. [ان مان ميرن کي هئ تآثر ملندو ته ماڻھون اسان جي حيثيت کي مڃڻ لڳا آھن] 24.10.1843: اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل ڏانھن ڏانهس لکيل مير علي مراد خان جو 9 آڪٽوبر 1843 وارو خط ڏياري موڪليو, جنهن ۾ هن لکيو هو ته اها مير رستم علي خان جي مرضي هئي ته پڳ ۽ حڪمراني منهنجي حوالي ڪري. هن پنهنجو پٽ مير محمد حسين, مير نصير خان, فتح محمد غوري ۽ پير علي گوهر موڪليا ته مون کي پڳ ۽ تخت وٺڻ تي راضي ڪن. پوء مير رستم خان پاڻ اچي مون کي پنهنجي هٿن سان پڳ پارائي ۽ چيو ته تون ئي خيرپور رياست جو حڪمران آھين, ڇوته منھنجي اولاد انھئ جي لائق ناهي. [انگريزن باقي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء مير علي مراد خان کي پريشان ڪيو ته جيئن من حڪمرانئ تان هٿ کڻي وڃي ۽ هو خيرپور به ڦٻائي سگهن.] 24.10.1854: ڪراچي گادئ جو هنڌ بڻيو ته هندوستاني واپارين ۽ تاجرن واپار لاء هن شھر جو منھن ڪيو. ان ڪري سرڪار ڪراچئ ۾ وڌيڪ مسافرخانا ۽ بنگلا ٺھرائڻ جو سوچيو ته جيئن ٻاهرين واپارين کي وقتي رهائش جون سهولتون ڏنيون وڃن. 24.10.1954: پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد اڄ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي ۽ محمد علي بوگرا کي ملڪ جو وزير اعظم مقرر ڪيو. 24.10.1958: صدر اسڪندر مرزا ايوب خان جي وڏ-وزارت ۾ 12 وزيرن جي ڪئبينيٽ مقرر ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو به ان ۾ وزير طور شامل هو. 24.10.1996: مير مرتضا ڀٽي جي قتل جي الزام ۾ يارنھن پوليس وارا گرفتار ڪيا ويا. *************** 24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 24 آڪٽوبر 1775ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ۽ بئنڪر فضل سليمان قاضي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع گلوڪار ڪالا هزاري (ڪراچي / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1950ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ ليکڪ اعجاز علي خواجه(ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1958ع اداڪاره ديا لالچنداڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1965ع سياستدان صداقت علي جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1971ع شاعره روبينه ابڙو(ڳيريلو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 آڪٽوبر 1905ع سياستدان ٽهلرام کيمچند (ٺٽو) جي ديهانت ٿي. 24 آڪٽوبر 1935ع سياستدان ٽيونمل ڏيپچند (سکر) جي ديهانت ٿي. 24 آڪٽوبر 1986ع اسڪالر شيخ سومار (بدين) جي وفات ٿي. 24 آڪٽوبر 2000ع شاعر زخمي چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو. EVENTS 1838: The Governor-General of the East India Company Government writes to the Secret Committee, apprising it of the critical situation in Sindh, with special reference with faithlessness of Talpur Rulers of Sindh and informs the Committee that he intends to send Force to teach Talpurs lesson. 1843: Mir Meer Muhammad, who surrendered before Charles Napier on the eve of Fall of Hyderabad, was declaed as POW and put in Sassor Jail. Today, he writes to the Court of Directers of the East India Company that he was betrayed and plundered by Napier in Sindh and has been put behind the bar without any justification. Therefore, he should be sent back to Sindh. 1954: Ghulam Muhammad, the Governor - General, dissolves the Constituent Assembly. Muhammad Ali Bogra is appointed Prime Minister of Pakistan, who is sworn in to head 8 - member cabinet. 1957: During a meeting with Malik Feroz Khan Noon, U.S Secretary of state, assures him that U.S.A would support Pakistan if it were ever attacked. (The assurance indicates the pressure for bringing changes in foreign policy with special reference to U.S.S.R and India) 1958: President Iskandar Mirza constitutes a 12 - man Central Cabinet with Ayub Khan as Prime Minister. Z.A.Bhutto is also included as the minister. 1996: Eleven policemen are arrested in Mir Murtaza Bhutto murder case.

No comments:

Post a Comment