Thursday 3 March 2022

Sindh History(March 4, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (4th March)
4th March
BIRTH DATES
Moulvi Haji Fazul Ahmad(Religious scholar/ Born 4th March 1904),
Gangaram Aaildas (Abji > Ajmir/Social worker/ Born 4th March 1905),
Parkash ‘Deep’ (Poet/1919), Chailal ‘Antar’(Larkano > India/Writer/ Born 4th March 1929),
Naimatullah Bhutto (Shikarpur/Journalist/ Born 4th March 1937),
Dr. Qamar Wahid (Hyderabad/Scholar/ Born 4th March 1938),
Dr.’Khadim’ Dad Muhammad Brohi ((Jacobabad/Poet & Scholar/ Born 4th March 1940),
Ali Bux ‘Asghar’ (Jacobabad/Journalist & Poet/ Born 4th March 1951),
Abdul Majid Sindhi (Baqar Khan Marri/Writer/ Born 4th March 1954),
Ishaq Ansari (Larkano/Writer/ Born 4th March 1960),
Gulshan Shaikh (Bihman/Journalst/ Born 4th March 1973),
Tabasum Shar (Gaman Khan Shar/Poet/ Born 4th March 1975),
Ayaz Danish (Badin/Poet/ Born 4th March 1982),
Iftkhar Rind (Radhan Station/Writer/ Born 4th March 1983).
NOTE: Following were also born on 4th of March, but their Birth year is not recorded in my files:
Rashid Brohi,
Manzoor Abbasi;
Pir Ghulam Mujadid Sarhandi;
Aftab Noohpoto,
Akash Sindhi;
Hubdar Jagirani;
Javaid Lark;
Abdullah Malik;
Babar Ali Bhutto;
Zishan Khoso;
Abid Kalwar;
Shaid Khaskheli;
Fareed Ahmad Bughio;
Mahrab Khan Bajeer,
Anam Ali
Tahra Jaan.
DEATH DATES
Ahmad Khan’Sheda’ (Hala/Poet/ Death 4th March 1960),
‘Aslam’ Mahesar (Muhammad Sidiq Mahesar/Poet/ Death 4th March 1964)
EVENTS
1841; Keeping in view the unsettled state of affairs at Heart and Qandhar, British Government of India decides to send to Karachi the Ordinance and Military stores and place at them at the disposal of Major Outram, their Political Agent for Lower Sindh.
1931: The settlement is arrived at between Mahatma Ghandi and the Viceroy, with the result that Civil disobedience movement is to be discontinued and certain action are to be taken by the Government and local Governments which include amnesty to persons convicted in connection with this movement, withdrawal of Ordinances etc .
1936: Sir Agha Khan warns against the formation of parties on a communal basis. While addressing gathering in Bombay, he says that he favours the rich being taxed for the benefit of poor.
1967: It is the day of resentment of Sindhi students and reaction by Hyderabad Administration. They day is celebrated as 4th Marchevery day.
1971: Complete strike is observed in East Pakistan to protest against postponement of the session of the National Assembly.
1973: Z.A.Bhutto rejects opposition’s demand to lift emergency
 
آئون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائون,سلام ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ اوهان لاء تاريخ مان 4 مارچ جو ورق کڻي ڪي واقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. هن سان وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي اٿم ته جيئن اوهان موضوع تي اڃا وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهو.
سڄڻو! قوم سدائين امر ۽ غلطين کان پاڪ ٿيندي آھي. البته ان جا حڪمران ۽ سگهارا فرد جيڪي چڱايون يا لڱايون ڪندا آھن, اهي قوم جي کاتي ۾ لکيون وينديون آھن. سنڌ سان ايئن ئي ٿيو آھي ۽ اهڙا مثال اسان کي تاريخي واقعن مان ملن ٿا.
اسان جي دور ۾ به ڌڙن, گروهن ۽ تنظيمن تحريڪون هلايون.4 مارچ ان جو مثال آھي. پر, آئون اهو چوندس ته ڪالاباغ ڊيم جي تحريڪ ڪامياب رهي. باقي ٻين تحريڪن مثال ون يونٽ خلاف تحريڪ يا ٻولئ جي تحريڪ, يا 4 مارچ تحريڪ وقت اسان جي محسنن قربانيون ته ڏنيون, پر انھن جا گهربل نتيجا وٺي نه سگهيا. ون يونٽ اسان جي تحريڪ سان نه ٽٽو. سرڪار ٽوڙيو, ڇو ته اوڀر پاڪستان الڳ آزاد ٿيڻ سندن سوچن ۾ ھو ۽ اهڙئ صورت ۾ ون يونٽ جو ٽوڙڻ ضروري هو. ايئن لڳ ڀڳ اسان جون 80 سيڪڙو تحريڪون منطقي نتيجن تائين نه پهتيون آھن.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
4.3.1939:
اڄوڪئ تاريخ تي شاه شجاع جي نمائندي, سنڌ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ ڪمپني حڪومت وچ ۾ چڱي خاصي خط و ڪتابت ٿي آھي. شاه شجاع جي نمائندي لکپڙھ ۾ ڪمپني حڪومت تي زور ڀريو آھي ته اسان مهم جوئئ لاء ڪوچ ڪري رهيا آھيون, ان ڪري خيرپوري مير ساز و سامان کڻائڻ ۾ مدد ڪن. هن جو انھئ ڳالھ تي به زور آھي ته مير سهراب خان اسان ست لک روپيا ڏن ۾ ڏئي.
ايسٽ انڊيا ڪمپني کيس جواب ڏئي ٿي ته مير رستم علئ اسان کي بکر جو قلعو ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون, ان ڪري هن کان ڏن جا ست لک نه وٺبا. البته اهو بار مير مبارڪ علي تي رکبو.
4.3.1841:
انگريز پٽڪو ٻڌي ويا ته افغانستان فتح ڪرڻ, پر هرات ۽ قنڌار جي حالتن انھن کي بدحواس ڪري وڌو. انھئ صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي ڪمپني حڪومت کوڙ سارو بارود ۽ اسلحو ڪراچئ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ضرورت وقت فرنگي فوجين کي مهيا ڪري سگهجي.
4.3.1930:
خلافت تحريڪ کان پوء جنھن پارٽئ انگريز حڪومت کي رت ڪيو, اها ڪانگريس پارٽي هئي. اڄ هن پارٽئ حڪومت خلاف نان ڪو آپريشن جي تحريڪ هلائي, جيڪا پورو سال هلي. سنڌ ۾ به اڄ انھئ تحريڪ جو آغاز ٿيو.
ياد رهي ته 4 مارچ 1931 تي گانڌئ ۽ وائسراء وچ ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ ھئ تحريڪ بند ڪئي وئي. جوشيلا ڪانگريسي هن ٺاه ڪرڻ تي گانڌئ تي ڏمرجي پيا هئا ته هن ڪارڪنن جي قربانين تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.
4.3.1947:
سرهارئ ۾ ”سنڌ هاري ڪميٽئ" طرفان سالياني هاري ڪانفرنس ٿي, جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس "بٽئي اڌو اڌ" واري سوچ کي عام ڪيو.
4.3.1957:
"بزم ناز" خيرپور ۽ "جميعت الشعراء سنڌ" جي گڏيل سهڪار سان خيرپور ۾ ”سترهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس" ٿي. ڪانفرنس جو سيڪريٽري عطا محمد حامي هو. ان جو افتتاح عثمان علي انصارئ ڪيو. جڏهن ته مختلف نشستن جا صدر مخدوم طالب المولا, ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ عبدالله چنا ٿيا. هن ڪانفرنس جي مشاعري لاء ھري دلگير طرفان ڏنل طرح مصرع هئي:
"پنهنجي برپٽ کي وري گلشن بڻائيندا هلو."
4.3.1967:
سنڌ جي شاگرد برادرئ کي جڏهن به موقعو مليو آھي ته انھن سنڌ جي سورن واري مذڪور کي گهٽائڻ لاء مثالي قربانيون ڏنيون آھن. اڄ شاگردن ۽ حيدرآباد جي انتظاميه وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترا شاگرد ڦٽي به ٿيا ته ڪيترا گرفتار به ڪيا ويا.
4.3.1971:
قومي اسيمبلئ جي اجلاس ملتوي ڪرڻ تي اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. اڄ عوامي ليگ جي سڏ تي اتي جتي ڪٿي اسٽرائيڪ ٿي.
4.3.1973:
ذوالفقار علي ڀٽي امرجنسي هٽائڻ بابت مخالف ڌر جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ويتر هڪ سال کان پوء ان ۾ ڇهن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي.
4.3.1973:
ڀڳوانداس هرچنداڻئ جي ايڊيٽرئ ۾ ڀوپال مان هفتيوار "ڪام دو" نالي اخبار جاري ٿي.
4.3.1981:
پي.آء.اي جو جهاز ڀڄائي ويندڙن اڄ اڄ 28 مسافرن کي آزاد ڪيو, جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون.
4.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر, ملڪ آگاڻئ ۽ سرڪش سنڌئ پنهنجيون لکڻيون پيش ڪيون.
4.3.1992:
مظفر شاه سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو.
ون-يونٽ ٽٽڻ کان پوء اڄ تائين سيد واحد ذات آھي, جنهن مان سنڌ جا وڏا وزير گهڻي کان گهڻا ٿيا. مثال قائم علي شاه, غوث علي شاه, مظفر شاه, موجوده وڏو وزير ۽ سندس پئ.
***************
{4 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
4 مارچ 1904ع مذهبي اسڪالر مولوي حافظ فضل احمد جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1905ع سماجي ورڪر گنگارام آئلداس (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي.
4 مارچ 1929ع شاعر چينراء انتر (لاڙڪاڻو / ڄامنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1937ع صحافي نعمت الله ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1938ع اسڪالر ڊاڪٽر قمر واحد (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1940ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1949ع ليکڪ پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1951ع شاعر علي بخش اصغر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1956ع ليکڪ آزاد جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1960ع ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرناما نگار ڊاڪٽر اسحاق انصاريجو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1961ع اديب ۽ ڪهاڻيڪار نثار ابڙو(لاڙڪاڻو / مڪو شريف ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1970ع ليکڪا نجمه وفا (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1971ع سگهڙ غلام محمد ڪنرائي جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1975ع شاعر تبسم شر جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1980ع شاعر زخمي رشيد مهر جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1982ع ليکڪ اياز دانش جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1989ع شاعر درد هوش محمد (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
4 مارچ 1960ع شاعر احمد خان ابڙو شيدا(هالا) جي وفات ٿي.
4 مارچ 1964ع شاعر اسلم مهيسر رفيقوي جو انتقال ٿيو.
4 مارچ 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله لاشاري جي وفات ٿي.
4 مارچ 1985عناصر بلوچ کي الذوالفقار سان لاڳاپن سبب جهاز اغوا ڪيس ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي ڏني وئي.

No comments:

Post a Comment