Saturday 12 March 2022

Sindh History (March 13, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (13th March)
13th March
BIRTH DATES
Moulana Akhud Ghulam Hyder Soomro (Religious Scholar/ Born 13th March 1899),
Dev Sabhani (Larkano > India/Writer/ Born 13th March 1911),
Anees Maheri (Tando Muhammad Khan/Poet/ Born 13th March 1918),
Parshotam ‘Chand’ (Karachi > Mumbai/Singer & Artist/ Born 13th March 1927),
Abdul Ghafar Sidiqui (Shikarpur/Journalist/ Born 13th March 1941),
Umar Sanjrani (Writer/ Born 13th March 1945),
Tirath Chandwani (Hyderabad > Jonagarah/Poet/ Born 13th March rch 1946),
Dr.Mazhar Mughul (Larkano/Nationalist/ Born 13th March rch 1955),
Bashir Ahmad Abro (Tharecha/Folklore Poet/ Born 13th March 1955),
Noor Hussain Bhatti (Tando Muhammad Khan/Journalist/ Born 13th March 1968),
Zahid Jam ro (Ghulam Jaffar/Poet/ Born 13th March 1975),
Arif Kanasro (Karachi/ Born 13th March 1995),
DEATH DATES
Mian Abdul Rahim (Mulan Katyar/Saint/ Death 14 March 1940).
Qadir Bux ‘Bashir’ (Poet/ Death 14 March 1954),
Pir Ali Muhammad Shah Rashdi (Bihman/Jornalist, Freedom Fighter,
Sindh Minister & Writer/ Death 14 March 1987)
EVENTS
1843: Charles Napier is feeling threat in northern Sindh. He has asked the Bombay Government to send two regiments of infantry and one of artillery to Sukkur. But, he is advised to contact Naval officers at Karachi to send guns and mortars.
1907: The British Empire League, Karachi branch celebrates its first anniversary. The function is presided over by its Vice President M.de.Web. New office-bearers for the next year are also elected on the occasion. The details of the meeting and the Karachi branch of British Empire League are available at Gul Hayat website .
1929: Soon after offering celebration of EidRamzan, a public meeting is held at Amrote and it is decided to launch movement for saving demolition of mosques during construction work of canals.
1932: The Governor of the Bombay Presidency declares Congress Committees of Hyderabad and Nawabshah Districts . This action is taken under Indian Criminal Law (Amendment) Act of 1908.
1934: Jageerdars of Sindh decides to hold ‘Sindh Zamindar and Jageerdar Conference’ in April at Hyderabad so as discuss the situation created by Sukkur Barrage.
1949: The Hari Committee in its meeting held at Hyderabad with HyderBuxJatoi in chair demands abolition of Jageerdari system in Sindh.
1952: Sindh Judicial court is upgraded as Chief Court.
1972: Thirteen hundred civilian officers are per-maturely retired.
1977: PPP Government offers unconditional talks with PNA.
 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
اڄ 13.3.2022 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سميت اوهان کي سنڌ جي تاريخ مان 13 مارچ جو ورق کڻي تاريخي واقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل آھي.
تاريخ جو ورق ورق اسان سان وڏي واڪ ڳالهائيندو آھي. اڄ تاريخ اسان کي پنھنجي هڪ وڏي خامي ٻڌائي ٿي ته اسان جي هر دور جي حاڪمن پنهنجئ ڪرسي بچائڻ يا ڌارين سان پڳ مٽي ياري رکڻ جي خفت ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ٻٽئ غلامئ ۾ ڦاسايو. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌي اڪثر دورن ۾ سورن ۽ عذابن ۾ رهيا.
***************
توجه طلب واقعا
***************
13.3.1839:
ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ "سيڪريٽ ڪميٽئ" کي سنڌ بابت هڪ طويل رپورٽ پيش ڪري ٿو, جنھن جو خاص ڳالهيون هي آھن: 1). سکر ۾ درياھ مٿان ٻيڙين جو پليون ٺھي رهيون آھن, هاڻي اسان جي فوج کي شڪارپور پهچڻ ۾ آساني ٿيندي, 2). خيرپوري ميرن بکر قلعو رضا خوشئ سان سولي معاهدي مطابق اسان حوالي ڪري ڇڏيو آھي, 3). مير نور محمد ۽ مير نصير خان ايران جي بادشاه سان خط و ڪتابت ڪري,اسان خلاف محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش پيا ڪن. مون پاٽينجر کي هدايتون ڏيون آھن ته هو ڏکڻ سنڌ ۾ جاسوسئ جو نظام فعال ڪري ته جيئن حيدرآبادي ميرن جي هر چال تي نظر رکجي, 4). مان سوچيان ٿو ڏکڻ سنڌ ۾ "مددگار فوج" رکڻ لاء ميرن کان ان جو مڪمل خرچ وٺڻ بدران ٿورو خرچ وٺجي ۽ ان جي معوضي طور هنن کان ٺٽو وٺجي, 5). شاه شجاع جي فوج شڪارپور ڇڏي لاڙڪاڻي تي قبضي ڪرڻ لاء نڪتي آھي. ان سان مير کيس ڏن ڏيڻ ۾ ويرم ئي ڪونه لائيندا.
13.3.1843:
نيپيئر اڄ حيدرآباد منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مون کي ميرن سان ڪو ذاتي ساڙ ڪونهي. منهنجي هنن سان ذاتي دشمني به ڪونهي. هنن پنهنجو پاڻ سان دشمني ڪئي آھي. انهئ روش هنن کي کي حاڪمن مان محڪوم بڻايو. هي بي اعتبارا آھن. مير صوبدار ظاهر ۾ اسان سان يارئ جي دعوا پيو ڪري, پر هن جي پنج هزار سپاهي جنگ جي ميدان ۾ اسان سان وڙھي رهيا هئا.
مون هتي سنڌ ۾ پهرين ڦاهئ جي سزا ڏني آھي. خونئ هڪ پارسئ کي ماريو هو. ملڪ ۾ ٺاپر اچي رهي آھي ۽ ويڙھ لاء آيل ماڻھون پنهنجي ڳوٺن ڏي موٽي رهيا آھن. ميرن پاڻ جيڪي پنهنجون تلوارون مون اڳيان آڻ مڃي ڦٽي ڪيون هيون, سي کين موٽائي ڏنيون اٿم. هو انھن تلوارن هوندي پنھنجو ملڪ بچائي نه سگهيا, ان ڪري مون کي هنن مان ڪو خطرو ڪونهي. انھن تلوارن هوندي به هو پاڻ به بچائي نه ٿا سگهن هاڻي جنگي قيدي آھن.
13.3.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ سيڪريٽ ڪميٽئ کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بابت خبر ۽ جواز ڏيندي لکيو ته افغانستان مان مليل ڦٽ اڃان ڇٽا ئي ڪونه هئا ته ڏکڻ سنڌ جي ميرن جي سازشن اسان کي پريشان ڪري وڌو. مون ٽي مهينا اڳ نيپيئر کي چيو هو ته سنڌ پنهنجي هٿن ۾ وٺجي. هن جي تدبر ۽ مهارت کي جس هجي جو هن اڻ هوند مان هوند ڪئي ۽ سگهارن ويڙھاڪ ٻروچن کي حڪمت عملئ سان شڪست ڏني. هاڻي سنڌوندي اسان جي واپار ۽ فوجي مفادن لاء ڪم ايندي ۽ اسان سنڌ وٽان هڪ ناقابل شڪست طاقت ۽ حيثيت جا مالڪ بڻجي ويا آھيون.
13.3.1849:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ ممبئئ وارو سول جسٽس جو انتظام لاڳو ڪيو.
13.3.1907:
"برٽش سنڌ امپائير ليگ" جي ڪراچي شاخ جي پهرين سالياني گڏجاڻي نائب صدر ايم.ڊي.ويب جي صدارت ۾ ٿي. هن ليگ ۾ ميمبرن جي اڪثريت گورن عملدارن جي هوندي هئي. ليگ جي ڪارڪردگئ جو تفصيلي احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي.
13.3.1929:
رمضان شريف جي عيد نماز پڙھڻ کان پوء امروٽ ۾ خلافت تحريڪ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو. انھئ زماني ۾ بئراج جي تعمير دوران ڪن مسجدن کي شھيد ڪرڻ لاء ڳالهيون هلي رهيون هيون. تقريرون ڪندڙن حڪومت کي چتاء ڏنو ته ڪابه مسجد شھيد نه ڪئي وڃي, ٻئ صورت ۾ سخت تحريڪ هلائي ويندي.
13.3.1932:
ممبئي صوبي جي گورنر "انڊين ڪرمنل لا امينڊمينٽ ائڪٽ (X11 of 1908)" هيٺ سنڌ ۾ ڪانگريس ڪميٽين ۽ انھن جي ذيلي شعبن کي غير قانوني قرار ڏئي بندش وڌي.
13.3.1934:
سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن طرفان اخبارن ۾ دعوت نامو ڇپيو جنهن ۾ لکيو ويو ته اپريل ۾ حيدرآباد ۾ ڪانفرنس سڏرائي بئراج کلڻ کان پوء پيدا ٿيل مسئلن تي ويچاريو ويندو. هن دعوت نامي ۾ سنڌ جي مکيه جاگيردارن ۽ زميندارن جا نالا به ڏنل آھن.
13.3.1949:
ڪراچئ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ جي صدارت هيٺ ھاري ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, جنھن ۾ ٺھراء ذريعي سرڪار کان جاگيرن ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
13.3.1952:
سنڌ جڊيشل ڪورٽ جو درجو وڌائي ان کي چيف ڪورٽ بڻايو ويو.
13.3.1972:
1300 سرڪاري عملدارن کي وقت کان اڳ زورئ رٽائير ڪيو ويو.
13.3.1977:
ڀٽي جي حڪومت اڄ مڃيو ته مخالف ڌر پي.اين.اي سان غير مشروط ڳالهين لاء تيار آھيون.
13.3.1984:
ليفٽيننٽ جنرل کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
13.3.1995:
حقيقي ايم ڪيو ايم جا 13 ورڪر ايم ڪيو ايم جي ٻئي ڌڙي آفيس تي حملو ڪري ماري ڇڏيا.
***************
{13 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
13 مارچ 1828ع مغربي محقق ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي جرمنيءَ ۾ پيدائش ٿي.
13 مارچ 1911ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ پبلشر ديو ساڀاڻي جي پيدائش ٿي.
13 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1927ع شاعر ۽ گلوڪار پرشتم چاند (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1941ع صحافي عبدالغفار صديقي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1946ع شاعر تيرٿ چاندواڻي (حيدرآباد / جهونا ڳڙهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع سگهڙ بشير ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1963ع ناليواري شاعر حليم باغي(روحل واء لڳ عمرڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1968ع صحافي نور حسين ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1976ع سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ، ليکڪ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي باني محمد سليمان وساڻ جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
13 مارچ 1857ع بزرگ خواجه ناظم الدين جي وفات ٿي.
13 مارچ 1935ع غلام حسين فقير شيخ (شڪارپور / شيخ اياز جو والد) جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2007ع سينيئر صحافي احمد علي خان جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2016ع قومپرست سياستدان ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment