Thursday 10 March 2022

Sindh History (March 11, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (11th March)
11th March
BIRTH DATES
Syed Miran Muhammad Shah ‘Mahjoor’ (Tukhar/Freedom Fighter, Speaker Sindh Legislative Assembly & Poet/ Born 11th March 1898),
Lal Bux Chandio (Ladhan/Folklore Poet/ Born 11th March 1910),
Himoon Kalani (Sukkur/Freedom Fighter/ Born 11th March 1924.
Note: in some documents his Birth Date is given as 21th and 23rd and year is given as 1923),
Kodomal ‘Kod’ (Poet/ Born 11th March 1935),
Mohan Mihrchandani (Dara Khan Marri > Jaipur/Stage Director/ Born 11th March 1943),
Dr.Deedar Hussain Shah Rizvi (Thatto/Economist/ Born 11th March 1948),
Saman Dherwani (Rajkot/Poet & Novelist/ Born 11th March 1951),
‘Majboor’ Memon (Veji/Poet/ Born 11th March 1960),
Noor Rahojo (Lal Rahojo/Journalist & Writer/ Born 11th March 1963),
Jamil Shahzad (Sukkur/Poet/ Born 11th March 1968),
Jami Chandio (ThoriBum ijar/Social worker & Writer/ Born 11th March ch 1969),
Zubair Masroor Buriro (Mirpur Buriro/Poet/ Born 11th March 1971),
Khadim Satani (Satani Chandia/Poet/ Born 11th March 1980),
DEATH DATES
Makhdoom Fatahullah Bhatti (Hala/Religious Scholar/ Death 11 March 1712),
Major Outram (Political Agent in Sindh/ Death 11 March 1863),
Akhund Rahamatullah Sanwni (Hala/Religious Scholar/ Death 11 March 1887),
Hussain Bux ‘Khadim’ Sarwari (Khatian/Poet & Singer/ Death 11 March 1992).
EVENTS
1836: Colonel Pottenger, Political Agent of the Government of India, in Sindh, informs his Government that he has discussed the Draft of new treaty with Mir Noor Muhammad Khan.
1850: On behalf of Governor-General of India, presents are made to His Highness Mir Ali Murad Khan by the Collector of Shikarpur and on this occasion a horse and camel is presented to the Governor-General by His Highness and is received by the Collector. Presents given by His Highness were sold in Rs.2973 at Hyderabad and amount was deposited in Government Treasury.
1917: 4th Sindh Provincial Conference starts at Shikarpur. It is the great political event in the political history of Shikarpur. Hindus and Muslims are with one Agenda to serve Sindh and her people. Details of this Conference are available on the Gul Hayat website (http://www.gulhayat.com/)
1923: It is Sunday today and a big public meeting is held at Ubaoro with Moulvi Ali Sher in chair. The function is organized by the local branch of Khilafat Committee so as to create political awareness.
1931: Addressing a gathering of students at the Arabic College, New Delhi, MrsSarojini Naidu referring to the Muslim demand for safeguards, says that it shows that Muslims were weak and afraid of other communities. This is an entirely erroneous idea. Muslims with their culture and traditions, courage and virility could never be weak.
1945: The Central Parliamentary Board of the All-India Muslim League calls upon the Sindh Premier to tender the resignation of the whole cabinet and to reconstitute a Coalition Ministry in which there should not be any Muslim who is not a Muslim Leaguer.
1952: The ‘Sindh Sudhar League’ demands Sindhi as an official language.
1955: Sindh Chief court declares appointment of AyubKhuhro as illegal.
1969: Political Pandits doubts about imposition of Martial Law and beginning of destruction.
1971: Foreign nationals start leaving East Pakistan due to critical political situation.
1981: Hijackers of a PIA plane give list of 55 persons , to be released from Pakistani prisons.
1984: No room for Western Democracy in Pakistan, declares Zia-ul-Haq. As an Agenda is being set for Talibanization.
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
صبح ٿئي ۽ سج اڀري ته آئون به اچي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيان. اڄ 11.3.2022 آھي ۽ اوهان کي 11 مارچ جي حوالي سان تاريخ مان واقعا ٻڌائڻا آھن ۽ ٻي وڌيڪ معلومات ڏيڻي آھي. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
اڄ تاريخ وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته جڏهن ڪراچي ۽ ٻيٽ ڌارين جي هٿ ۾ آيا ته سنڌ هٿن مان هلي وئي. انهن ٻنھي ماڳن وڃائڻ سان اسان حاڪم هوندي به ڌارين جي نظر ۾ محڪوم ٿي وياسين.
اڄ تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته سنڌي ماڻھن پاڻ کي دين ڌرم, ذات پات ۽ رنگ نسل کي پاسيرو رکي فقط سنڌي بڻجي متحد ٿيا ته فيل مست فرنگي حڪومت کي نڪ ۾ دم ڏنائون.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
11.3.1836:
اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته هن مير نور محمد سان ملاقات ڪري ساڻس معاهدي بابت ڳالھ ٻوله ڪئي آھي.
11.3.1839:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جو گورنر پنهنجي سيڪريٽرئ معرفت پاٽينجر کي لکي ٿو ته اسان اهو چاهيون ته مير اسان جا "زيردست وفادار" ٿي رهن ۽ سنڌوندئ جي آبي آمدرفت اسان جي هٿ هيٺ هجي ته جيئن ان مان اسان فوجي ۽ واپاري فائدا وٺي سگهون. ڪراچي اسان فتح ڪئي آھي, ان ڪري مير ان جي مالڪئ ۽ وارثئ جو سوچي به نه ٿا سگهن. نئين معاهدي ۾ مير اهڙو شرط رکن ته تون ڳالهين دوران رد ڪري ڇڏجان.
11.3.1840:
حيدرآبادي ميرن پنهنجي طرفان سيد محمد جعفر شاه کي موڪليو ته هو ممبئي وڃي صوبائي گورنر سان ملي ۽ ميرن طرفان تحفا به ڏئي ۽ ياراڻا لاڳاپا رکڻ جو به يقين ڏياري. گورنر هن سان نه مليو ۽ هن تي چڙ ڏيکاريائين ته ميرن پوليٽيڪل ايجنٽ معرفت وڪيل جي ملڻ جي اجازت ڇونه ورتي.
ياد رهي ته پاٽينجر صوبائي گورنر کي کان ميرن جي وڪيل جي ساڻس ملڻ جي گذارش ڪئي هئي. پر پاٽينجر ويو ته چارج آئوٽرام کي ملي ۽ انھئ گذارش جي پوئواري نه ٿي هئي. ميرن پوء آئوٽرام معرفت گورنر کان معافي ورتي.
سنڌ جي حاڪمن جي هٿن مان جڏهن منوڙو ٻيٽ ۽ ڪراچي هليا ويا ته ميرن کي انگريز محڪومن واري نظر سان ڏسڻ لڳا هئا.
11.3.1843:
نيپيئر اڄ جوکين جي سردار مهر علئ کي لکيو ته هاڻي تنھنجئ چال چلت ۾ جيڪا بهتري آئي آھي, اها مان گورنر جنرل کي ٻڌايان ٿو ۽ پوء ڏسون ته هو تنھنجي آزادئ بابت ڪهڙو ٿو حڪم ڪڍي. اوهان جي گهر ڀاتياڻين کي اجازت آھي ته هو جيڏانھن وڃڻ چاهن ته وڃن. سندن عزت ۽ احترام ۾ اسان طرفان ڪا ڪمي ڪانه ايندي.
11.3.1850:
شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ گورنر جنرل پاران مير علي مراد خان کي تحفا ڏنا. ان جي موٽ ۾ مير وري هڪ گهوڙو ۽ هڪ اٺ گورنر جنرل کي تحفي ۾ ڏيڻ لاء ڪليڪٽر حوالي ڪيا. اهي ٻئي جانور 2973 روپين ۾ حيدرآباد ۾ وڪرو ڪري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي.
11.3.1917:
انگريزن جي زماني ۾ شروع کان وٺي 1930 تائين هندن ۽ مسلمانن هٿ هٿ ۾ ڏئي ساڳين پليٽ فارمن تان گڏجي سياست ڪئي. انھي ايڪي ۽ اتحاد واري زماني ۾ 1920 تائين سنڌ ۾ ”سنڌ پراونشل ڪانفرنس" جي نالي سان هنن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪانفرنسون ڪيون. اڄ انھئ سلسلي جي چوٿين ڪانفرنس شڪارپور ۾ ٿي. ڪانفرنس جي مڪمل ڪاروائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
11.3.1923:
اوٻاڙي ۾ مولوي علي شير جي صدارت ۾ خلافت تحريڪ جو جلسو ٿيو. تقرير ڪندڙ حڪومت جي عوام ۽ اسلام دشمن پاليسئ جي مذمت ڪئي.
11.3.1945:
آل انڊيا مسلم ليگ جي سينٽرل پارليامينٽري بورڊ سنڌ جي وزير اعظم کي استيفا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن سنڌ ۾ ”گڏيل حڪومت" ٺاهي سگهجي.
11.3.1952:
"سنڌ سڌار ليگ" مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولئ کي سنڌ جي "دفتري ٻولي" بڻايو وڃي. ياد رهي ته انگريزن سنڌئ کي دفتري ٻولي بڻايو, پر 1947 جي سياسي تبديلئ کان پوء سنڌي ٻولئ کان اهو حق کسجي ويو. بنگالين جي ٻولئ تي اهڙو ڏکيو دور آيو ته هنن پنهنجي جوڌن جوانن جي قرباني ڏئي اهو حق واپس ورتو. ليڪن اسان مطالبن ڪرڻ ۽ جلوسن ڪڍڻ تي ئي ڳنڍ ٻڌي ٻولئ کي انھئ حق کان محروم ڪندا رهيا آھيون.
11.3.1971:
اوڀر پاڪستان جي وڳوڙي حالتن کي ڌيان ۾ رکندي, اتي رهندڙ ٻين ملڪن جا ماڻھون پنهنجي پنهنجي وطن ورڻ لڳا.
11.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي اسٽرائيڪ ڪئي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو. ڪالھ پوء به چونڊون ٿيون. پيپلز پارٽئ سنڌ ۾ سو في صد, پنجاب ۾ 240 سيٽن مان 232, سرحد ۾ 80 مان 69 ۽ بلوچستان ۾ 40 مان 34 سيٽيون کٽيون.
11.3.1981:
پاڪستاني جهاز ڀڄائي ويندڙن اڄ پاڪستان سرڪار کي 50 ماڻھن جي نالن جي لسٽ ڏني ته کين مختلف جيلن مان آزاد ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ جي آزادي ڏيو.
11.2.1992:
ملڪ جي وزير اعظم اڄ غلام مرتضا جتوئئ کي پنهنجي وزارت مان ڪڍي ڇڏيو.
***************
{11 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
11 مارچ 1898ع ليکڪ ۽ سياستدان ميران محمد شاهه جي پيدائش ٿي.
11 مارچ 1910ع سگهڙ لعل بخش چانڊيو جي پيدائش ٿي.
11 مارچ 1924ع فريڊم فائيٽر شهيد هيمون ڪالاڻي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1935ع شاعر ڪوڏومل ڪوڏ جي ولادت ٿي.
11 مارچ 1943ع اسٽيج ڊائريڪٽر موهن مهرچنداڻي (دريا خان مري / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1951ع شاعر سمن ڌيرواڻي (راجڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1960ع شاعر مجبور ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1963ع ليکڪ نور راهوجو جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1968ع شاعر جميل شهزاد (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1969ع ليکڪ ۽ سوشل ايڪٽوسٽ جامي چانڊيي جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1971ع شاعر زبير مسرور ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1980ع شاعر خادم ستاڻي (ستاڻي چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
11 مارچ 1712ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم فتح الله ڀٽي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 1863ع سنڌ ۾مقرر برطانيه جي پوليٽيڪل ميجر آوٽرام جو انتقال ٿيو.
11 مارچ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر آخوند رحمت الله سانواڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 1993ع صداڪار ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي اهم شخصيت ايم بي انصارئ جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 2013ع ناميارو راڳي غلام علي سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment