Friday 11 March 2022

Sindh History (March 12, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (12th March)
12th March
BIRTH DATES
Choharmal Hinduja (Writer/ Born 12th March1902),
Mahboob Ali Channa (Sehwan/Writer/ Born 12th March1922),
Faqiryani Mai Begam (Singer/ Born 12th March1924),
Jamaluddin ‘Jogi’ (Poet/ Born 12th March1935)
, Shiv ‘Shama’ Bodani (Sukkur > Ulhasnagar/Poet and Artist/ Born 12th March1944),
Ghulam Nabi Mughal (Hyderabad/Fiction Writer/ Born 12th March1944),
Qazi Khizir Hayat (Ratodero/Writer & Artist/ Born 12th March1945),
Aashiq Dadvi (Dadu/Poet/ Born 12th March1958),
Rajib Bughio (Sehwan/Writer/ Born 12th March1963),
Rabnawaz Kamalani (Kambar/Journalist/ Born 12th March1967),
Idress Nahrio (Banbha Nahrya/Poet/ Born 12th March1971),
Shaman Lashari (Wahi Pandhi/Writer/ Born 12th March1972),
Naematullah Jonijo (Larkano/Compare/ Born 12th March1972),
Malik Waheed (Dadu/Writer/ Born 12th March1981)
DEATH DATES
Khowaja Nizamuddin (Shikarpur/Saint/ Death 13 March 1958),
Ghula Hussai Shaikh ‘Faqir’ (Shikarpur/Poet/Father of Shaikh Ayaz/ Death 13 March 1935),
Moulana Abdul Karim Dero (Raza Muhammad Dero / Religious Scholar & Writer/ Death 13 March 1945),
Habib Jalib (Urdu Poet/ Death 13 March 1993),
EVENTS
1843: The Governor-General of India declares Sindh as the part of their Government of India.
1919: Sir W. Vincent moves consideration of Select Committee Report on Rowlaat Bill in Imperial Legislative Council. A hot debate starts, non-official Indians opposes the Bill in one voice.
1930: Gandhi starts his March to Mandvi to offer civil disobedience through violation of the provisions of the Salt Law.
1932: In Bombay Legislative Council, Sir Shahnawaz Bhutto opposes motion demanding Government to hold conference of the leaders of various parties to get feedback and guidance for the Round Table Conference and its Sub-Committees.
1935: Seth Haji Abdullah Haroon’s cut motion protesting against ‘repression in Balochistan’ is carried by the Bombay Legislative Council.
1936: The smaller states of Gujrat and Kathiwar wish to have confederation of their own instead of their amalgamation with larger Indian States.
1942: Public meetings arranged by the local branches of the Sindh Muslim league at Kambar, Dokri and Gatahar declare that they will not accept any move minus Pakistan.
1948: Karachi is declared as the capital of Pakistan. Kelat asks for three months to decide amalgamation with Pakistan.
1952: Joint Secretary, Department of Defense, Government of Pakistan, is appointed as first ever Chief Commissioner of Karachi.
1955: increasing of regional and international responsibilities have increased liabilities of our army, and we have to improve our professionalism, says Defense Minister General Ayub Khan.
1965: Faiz Ahmad Faiz is released from ShahiQila.
1972: Chief Martial Law Administrator Z.A.Bhutto issues Martial Law Regulation for implementation of Land Reforms.
1977: PNA demands resignation of Bhutto Government, dissolution of the Election Commission and formation of interim government.
1981: Pakistan Government agrees to release 55 prisoners demanded by the hijackers of PIA plane.
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان اڄ 12.3.2022 تي اوهان لاء سنڌ جي تاريخ مان 12 مارچ جو ورق کڻي ڪجھ واقعا ٻڌائڻ ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي اٿم ته جيئن اوهان موضوع تي وڌيڪ ڳالهيون ٻڌي سگهو.
اڄ تاريخ جا ورق اوهان کي شاهدين ثابتين سان سنڌ لاء ڪراچئ جي اهميت بيان ڪري ٻڌائيندا. مورڙيئي جو هن شھر جي سنڌين وارثي ۽ مالڪي ڪئي ته ان کي ايشيا جي راڻي بڻائي ڏيکاريو. پر ڪراچي جڏهن جڏهن سندن هٿن مان نڪتي ته انهن هٿن ۾ غيرن ٽانڊا وڌا ۽ سنڌين کي بي بسي بي پاڙئ ول جيان وڪوڙي وئي. اهو آئون نه ٿو چوان, اهو تاريخ ٻڌائي ٿي. اچو پنهنجي تاريخ پڙھون.
***************
توجه طلب واقعا
***************
12.3.1919:
امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل ۾ "روولٽ بل" بابت سليڪٽ ڪميٽئ جي رپورٽ تي بحث شروع ٿيو. غير سرڪاري ميمبرن ان جي مخالفت ۾ نھن چوٽئ جو زور لڳايو.
12.3.1930:
گانڌئ مانڊوي طرف مارچ شروع ڪيو ته جيئن اتي پهچي "لوڻ جي قائدن" کي ٽوڙي حڪومت خلاف عدم تعاون جي تحريڪ جي شروعات ڪري. ياد رهي ته "لوڻ جي قائدن ٽوڙڻ واري تحريڪ" ۾ سنڌي ڪانگريسين ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترا جيلن ۾ ويا.
12.3.1932:
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ راء بهادر ڪالي جي موشن تي بحث ھليو ته سرڪار سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي ڪانفرنس سڏائي ته جيئن "گول ميز ڪانفرنس" جي سب ڪميٽين جي ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائجي.
سر شاهنواز ڀٽي انھئ موشن جي مخالفت ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڳواڻن جي ڪانفرنس گول ميز ڪانفرنس جي سب ڪميٽين جي ڪم ۾ مونجهارا پيدا ڪندي. ان ڪري اڳواڻن جي ڪانفرس نه ڪوٺائجي.
12.3.1942:
ڏوڪري, محبوب تنيئي, گهٽھڙ ۽ قمبر جي مسلم ليگ جي برانچن عوامي ميڙاڪا ڪرايا ۽ اتي ٺھراء پاس ڪري هندستان جي وائسراء کي چتاء ڏنو ته مسلمان اهڙئ جوڙجڪ کي قبول نه ڪندا, جيڪا آل انڊيا مسلم کي قبول نه هوندي. [مطلب ته اسان کي پاڪستان کپي. سنڌي پاڪستان چاهڻ ۽ ٺاهڻ لاء اهڙيون کوڙ تاريخي شاهديون ۽ ثابتيون ڏئي سگهن ٿا.]
12.3.1948:
انگريزن جي دور ۾ اسان جي وڏڙن ڪراچي فرنگين جي حوالي ڪئي ۽ پوء سنڌ سندن پيرن هيٺان کسڪي وئي, اها 7 فيبروري 1839 جي تاريخ هئي. اڄ وري ڪراچي وفاقي حڪومت جي گادي بڻائي وئي. پوء جيڪي رنگ اڀريا, انھن سان تاريخ ڀري پئي آھي.
12.3.1952:
پاڪستان ڊفينس جي جوائنٽ سيڪريٽرئ کي ڪراچئ جو پهريون چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. سنڌ مان کين ڪو لائق ماڻھون نظر نه آيو.
12.3.1955:
ڪمانڊر ان چيف جنرل ايوب خان چيو ته علاقائي ۽ بين الاقوامي حالتن جي تقاضا آھي ته فوج انھن حالتن ۽ ذميوارين مطابق پنهنجي تربيت ڪري.
12.3.1965:
مشهور شاعر فيض احمد فيض کي آزاد ڪيو ويو.
12.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي حڪومت کان استعيفا ڏيڻ ۽ عبوري حڪومت ٺاهڻ جي گهر ڪئي. ان کان سواء اليڪشن ڪميشن کي نئين سر جوڙڻ جو مطالبو ڪيو.
12.3.1978:
بيگم نصرت ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو.
12.3.1981:
جنرل ضياء الحق جي حڪومت جهاز ڀڄائي ويندڙن جو مطالبو مڃي ورتو ته انھن 55 قيدين کي آزاد ڪيو ٿو وڃي, جن لاء مطالبو ڪيو ويو هو.
12.3.1991:
سکر ضلعي جي مختلف هنڌن تان 20 ماڻھون اغوا ٿي ويا.
***************
{12مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
12 مارچ 1902ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 مارچ 1922ع اسڪالر محبوب علي چنا (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1924ع صوفي راڳ جي مشهور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي جي پيدائش ٿي.
12 مارچ 1935ع شاعر جمال الدين جوڳي جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1944ع شاعر ۽ اداڪار شيوا شمع بوداڻي (سکر / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1944ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ اديب غلام نبي مغل جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1945ع ليکڪ ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 مارچ 1958ع ليکڪ عاشق دادوي جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1963ع شاعر رجب ٻگهيو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1967ع صحافي ربنواز ڪمالاڻي (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1972ع ليکڪ شمن لاشاري (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1981ع ليکڪ ملڪ وحيد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
12 مارچ 1925ع صوفي فقير موهن لال آهوجا ديهانت ڪري ويو.
12 مارچ 1992ع شاعر ۽ فنڪار حسين بخش خادم جو انتقال ٿيو.
12 مارچ 1993ع انقلابي ۽ باغي شاعر حبيب جالب جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment