Monday 28 March 2022

Sindh History (March 29, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (29th APRIL)

29th April 
 BIRTH DATES

1. Roopchan Sipahimlani (Hyderabad - Ajmir/Journalist/ Born 29th April 1915),
2. Muhammad Bux 'Johar' (Hyderabad/Journalist &Writer/
 Born 29th April 1919),
3. Mashkur Sargani (Sobdar Sargani/Poet/
 Born 29th April 1960).

DEATH DATES

1. Syed Abdul Rahman Sindhi (Religious Scholar/ Death 29th April 1830),
2. Syed Muhammad Kamil (Politician/
 Death 29th April 1937),
3. Ali Bux 'Raza' Ahmadzai (Poet/
 Death 29th April 1974),

EVENTS

Part1

1858: Bartel Frere inaugurates the construction work of Karach - Kotri Railway Line. The project is initiated soon after War of Independence and indicate Govt's intention to ensure deployment and transportion of troops in trouble areas without fail and also to send raw material to port in handsome quantity.
1927: The largely attended meeting of Muslims is held at Nawabshah with Moulvi Haji Hakim Muhammad Sidiq Morai. Kidnapping of Muslim woman, avoiding to handover Muslim kids by Hindus in Larkana is the sole agenda of the public meeting. Strong worded resolution is adopted asking Hindus to refrain such a events of high risk for peace and national unity.

 

Part2

1950: Sindh Safety Act to remain till further orders. Notification is issued in this regard. 
1954: Rainy days start for Communist leaders and workers in East Bengal (East Pakistan). The Chief Minister A.K.Fazul Haq orders for crackdown on large scale.
1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize.
1971: Pakistan proposes morutordim for six months on foreign debt repayment in view of a major set - back in the exports in East Pakistan.
1972: Agenda is set for summit meeting between Bhutto and Indira. Emissaries of both countries meet in Rawalpindi.
1977: Long March arranged by PNA in Islamabad.

Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
29 مارچ جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ وڊيو ٽاڪ/لنڪ سميت.
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
توجه طلب واقعا
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
29.3.1835:
فرنگي ماڻهون ۽ واپاري ڪڇ ڀڄ ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ته انھن کي کوسا ڦري ناڙ ڪندا هئا. اهڙا ڏوه ڪرڻ کوسن جي عادت به هئي ته سنڌ دوستي به هئي. اهي انگريزن جا پليد پير سنڌ ڌرتي تي ڏسڻ نه چاهيندا هئا. فرنگي سفارتڪارن ميرن کي دانھيو. اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مير نور محمد خان بهاري کوسي کي ڌمڪي ڏني آھي ته اتان لڏي سنڌ جي ڪنهن ٻئي هنڌ تي وڃي ويه ۽ فرنگين کي ڦرڻ ڇڏي ڏي.
29.3.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل ميرن سان ٿيندڙ معاهدي ۾ ڦير گهير آڻي پاٽينجر ڏي معاهدي جو نئون ترميم ٿيل متن ڏياري موڪليو ۽ کيس چيو ته مير هن متن کي ڪنهن اعتراض کان سواء جيئن جو تيئن قبول ڪندا ۽ دستخط ڪندا. ترميم ٿيل معاهدي ۾ نوان شرط هي رکيا ويا ته: 1). مير ڪراچئ جي مالڪئ وارو خيال لاهي ڇڏن, 2). في الحال مير صوبدار خان کان فرنگي فوج رکڻ بابت خرچ پکو نه وٺبو
29.3.1844:
سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۽ فرنگي حڪومت قائم ڪرڻ کان ستت پوء سنڌ جي فرنگي گورنر نيپيئر مير علي مراد خان ۽ قلات جي حڪمران جي مدد سان جبل کان اچي سنڌ ۾ ڏوه ڪري ڀڄي ويندڙ قبيلن خلاف فوجي آپريشن ڪري, ڪيترن کي گرفتار ڪيو هو ۽ ڪيترا هن اڳيان پيش پيا هئا. ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي خط لکي انھئ مهم جوئئ جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس هدايت ڪئي ته انهن ڏوهاري قبيلن کي مستقل طور سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺاه.
29.3.1851:
سنڌ جي ڪمشنر اڄ حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي لکيو ته تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪليو ته جيئن حيدرآباد ۾ ”ڪنزروينسي بورڊ“ ٺاهيو وڃي. ياد رهي ته وڏن شھرن ۾ ميونسپالٽين جي قائم ڪرڻ کان اڳ ڪنزروينسي بورڊ ٺاهيا ويا هئا.
29.3.1923:
سنڌي صحافت آزادئ جي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪا به اخبار رياستي ڏاڍ ڏمر کان بچي نه سگهي. اسان ڳالهيون وڏيون ڪندا آھيون, پر ڪم ڪونه ڪندا آھيون. هونء نه ته هن موضوع تي ڪم ڪري هڪ جامع ڪتاب پڙھندڙن کي ڏئي سگهون ٿا.
اڄ ”الوحيد" اخبار جي ايڊيٽر تي "انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 124 ۽ 153 الف" هيٺ ڪراچئ جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.
29.3.1931:
ڪراچئ مارچ جو پويون هفتو ڪانگريس جي سرگرمين جو مرڪز رهيو. هتي "اسٽوڊنٽس ڪانفرنس" ٿي, "نوجان ڀارت سڀا ڪانفرنس ٿي, "سياسي قيدين جي ساهتا بابت ڪانفرنس" ٿي. اڄ ھتي ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس شروع ٿي. صدارت ولڀ ڀائي پٽيل ڪئي.
29.3.1931:
آل انڊيا هندو ڪانفرنس ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي ممبئئ کان جدائئ جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪئي.
سنڌي هندن توڙي مسلمان پاڻ ۾ گڏ ويهي ڪنهن سياسي ٺاه ڪرڻ بدران سنڌ جي داخلي مسئلي کي هندستان جو مسئلو بڻائڻ جي غلطي ڪئي ۽ ٻين کي مداخلت جو موقعو ڏنو.
29.3.1941:
ڪراچئ ۾ ھلندڙ ”چوٿين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس" جو اڄ ٻيو ڏينھن آهي. صبح واري سيشن ۾ ٺھراء پاس ڪري يونيورسٽئ کان مطالبو ڪيو ويو ته گريجوئيشن ۽ ماسٽر ڊگرئ وارئ سطح تي سنڌي شامل ڪئي وڃي.
رات جو مشاعرو ٿيو, جنھن ۾ تمام گهڻن شاعرن شرڪت ڪئي, جهڙوڪ ڀيرومل آڏواڻي, حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, هري دلگير, نارائڻ شام, غلام احمد نظامي, رام پنجواڻي, هوندراج دکايل ۽ هاسانند جادوگر وغيره.
29.3.1953:
جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ”سنڌ قومي محاذ" جي پارليامينٽري بورڊ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ٺٽي, حيدرآباد, دادو, نواب شاه, سکر ۽ جيڪب آباد ضلعن جي پارٽي اميدوارن چونڊ وڙھڻ جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون.
29.3.1970:
چونڊن جي سرگرمين بابت اڄ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل يحيا خان "ليگل
فريم ورڪ آرڊر" جاري ڪيو.
29.3.1977:
ذوالفقار علي ڀٽي خلاف سياسي مخالفت جي باه ٻرندي رهي. اڄ پي.اين.اي طرفان مختلف شھرن ۾ مظاهرا ٿيا.
29.3.
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
{29 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
[جنم ڏينهن:]
29 مارچ 1815ع اڳوڻي ڪمشنر سر بارٽل فريئرجو جنم ڏينهن آهي. هن سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ سنڌي زبان جي صورتخطي سنڌي لِپي هن جي ڏينھن ۾ ٺھي.
29 مارچ 1918ع شاعر ۽ صحافي جهامنداس مسافر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1931ع شاعر بلاول پرديسي(خاڻوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مارچ 1943ع ليکڪ محمود يوسفاڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1943ع شاعر مولانا عبدالغفور احسن جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1954ع ٻاراڻي ادب جي ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام(ٽنڊو ڄام) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1958ع شاعر محمد حيات عاجز جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1962ع شاعر انوارالحق مطلق (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
29 مارچ 1992ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نامياري شاعر لقمان حڪيم کوکرجو انتقال ٿيو.
29 مارچ 1995ع شاعر ملزم سروري جي وفات ٿي.
29 مارچ 1996ع ناليواري وڪيل ۽ تعليمدان سيد احسان علي شاهه(حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
29 مارچ 2018ع ڪهاڻيڪار ۽ تنقيد نگار بنسي خوبچنداڻي(سکر/ بمبئي) جو لاڏاڻو ٿيو.

 

No comments:

Post a Comment