Friday 4 March 2022

Sindh History (March 5, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (5th March)
5th March
BIRTH DATES
Kazi Mian Abdul Rehman (Kotri/Religious Scholar/ Born 5th March 1872),
Shaikh Abdullah ‘Abid’ (Karachi/Poet/ Born 5th March 1910),
Syed Hajan Shah ‘Hamwatan’ (Sita Road/Poet/ Born 5th March 1913),
Soofi Muhammad Yousif (Nasirabad/Poet/ Born 5th March 1930),
Muhsan Larkanvi (Miranpur/Poet & Politician/ Born 5th March 1930),
‘Dargahi’ Merani (Hunbah/Poet & Singer/ Born 5th March 1942),
Muneer Manik (Naushero Feroz/Journalist & Writer/ Born 5th March 1943),
Syed Rashid Morai (Jonano/Poet/ Born 5th March 1944)
,Umed Ali Solangi (Bulhreji/Folklore poet/ Born 5th March 1951),
Khaliq Qazi (Nasrpur/Journalist & Political activist/ Born 5th March 1954),
Ashok Chanchlani (Barya/Acter/ Born 5th March 1959),
Nazir Hayat (Sehwan/Poet/ Born 5th March 1960),
Anees ‘Gul’ Abbasi (Larkano/Poet/ Born 5th March 1961),
Abdul Razaq Dero (Larkano/Social & Political activist/ Born 5th March 1963),
Aakash Kandhro (Malook Tunio/Artist & Political activist/ Born 5th March 1963),
Abdul Sattar ‘Shad’ Wasan (Pir Gado/Poet/ Born 5th March 1969),
Muhammad Juryal Chandio (Hamzo Chandio/Folklore Poet/ Born 5th March 1971),
Ali Ghulam ‘Aasi’ (Faqir Umar Junijo/Poet/ Born 5th March 1975),
Abdul Majeed ‘Aas’ Babur (Hur Camp Johi/Poet/ Born 5th March 1977),
Mumtaz Phul (Poet/ Born 5th March 1982).
NOTE: Following were born on 5th of March, but their Birth Years are not recorded in my files:
Abdul Malik Khoso ,
Ali Hassan Brohi
, Anees Joyo,
Asghar Kandhro,
Dr. Qadir Bux,
Intzar Chhlgri,
Liaquat Nohri,
Muhammad Ali Brohi,
Muhammad Mataro Hingoro,
Sajid Sindhi,
Shuja Mahesar,
Zafar Hussain Chachar,
DEATH DATES
Mir Faiz Muhammad (Khairpur/Ruler/ Death 5th March 1909),
Ahmad Chagla (Karachi/ Death 5th March 1953),
Sarkash Sindhi (Larkano/Poet/ Death 5th March 2012).
EVENTS
1836: Assistant Surgeon Hathorn who was deputed to take medical care of Mir Noor Muhammad, is recalled from Sindh. Colonel Potenger, Political Agent in Sindh requests and suggests his Government that this act can be taken by Mir Noor Muhammad in another way. On this day and date Potenger also informs MunshiJethanan that Bombay merchants have been disturbed by Sindhi people. Therefore Sindh Government may issue orders not to interfere with their boats .
1837: Captain Carless arrives at Karachi and received by Seth Naomal.
1906: The Sindh Branch of British Empire League is formed at Karachi. It remained active for years and worked for creating loyalty for the British in masses.
1916: Very active NGO ‘Karachi Social Service League’ celebrates its first anniversary. The function is presided over by Prof.Shahani, Patron of the League. Other participants include Jethmal Parsram (Eminent Writer), Wadhumal; LalchandAmardinomal (Eminent Writer); Seth GidumalFatihchand,;ShamdasGidwani (Secretary of the NGO); Bheromal Lekhraj; Dr.Khubchand, Dr.DoulatramAdvani; DiwanWasanmal; BheromalMaharchandAdvani (Eminent Writer), PartabsingShahani; H.Mevaram; EsardasParomal&Toormal.
1931: The Special session of the All-India Muslim Conference held at New Delhi and attended by Haji Abdullah Haroom, resolves that: “ This Conference approves the decision of the Round Table Conference that Sindh be separated from the Bombay Presidency and constituted into a separate Governor’s Province and demands that such separation should take effect prior to or simultaneously with the inauguration of the new constitution”.
1939: Mahatma Gandhi continues his fast at Rajkot, numerous messages not only from individuals but from some of the provincial governments are sent to the Viceroy to intervene.
1956: Governor-General Iskandar Mirza becomes President of Pakistan.
1977: Government decides to upgrade NED Engineering college Karachi as full-fledge university.
1995: Seventeen people including three police constables, a ranger and army personnel are killed during three days of Eid in Karachi.
 
5.3.2022 تي ادب احترام ۽ پيار پاٻوه سان دعائون, سلام ۽ نيڪ تمنائون ساڻ کڻي اوهان کي پنهنجئ پيارئ سنڌ جي تاريخ مان 5 مارچ سان لاڳاپيل تاريخ جو ورق ٻڌائڻ آيو آھيان. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل آھي.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
5.3.1832:
پاٽينجر حيدرآبادي مير سان ٺاه ڪرڻ کان پوء اڄ خيرپور ۾ مير رستم علي خان سان ملاقات ڪئي ته جيئن هن سان به ٺاه تي ڳالهيون ڪري.
5.3.1936:
سنڌي ماڻھن انھن فرنگي واپارين ۽ ماڻھن کي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو, جيڪي سنڌوندئ ذريعي اتر سنڌ طرف ويندا هئا. اهي اقعا وڌي ويا ته پاٽينجر مير نور محمد کي گذارش ڪئي ته انھئ آزار مان اسان جي جان ڇڏايو. ياد رهي ته جيڪي واپاري ۽ فرنگي ڪڇ ڀڄ کان سنڌ ۾ ايندا هئا ته انھن کي اتي کوسا ۽ سوڍا ڦريندا هئا. جيڪي فرنگي ۽ واپاري اتان بچي ۽ ڀڄي سنڌوندئ ذريعي اتر سنڌ ڏي ويندا هئا ته انھن کي وري تر پاسي وارا سنڌي بخش ڪونه ڪندا ھئا. سنڌ جو عوام فرنگين کي سمجهي چڪو هو ۽ کين ميرن جي فرنگين سان دوستئ تي اطمينان ڪونه هو.
5.3.1840:
ڏکڻ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر آٽورام اڄ پنهنجئ سرڪار کي تفصيلي خط لکي سنڌ جي حالتن مطابق صلاحون به ڏنيون ۽ هدايتون به گهريون.
1).خط مان پتو پئي ٿو ته مير شير محمد آٽورام کي گذارشون ڪري رهيو آھي ته حيدرآبادي ميرن منھنجي ڪيتري علائقي تي قبضو ڪيو آھي, اهو قبضو ڇڏائي ڏيو, 2). ڪراچي ۽ ان جو بندر اسان لاء ڪم جا آھن. اسان هتي آفيم جي واپار تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري سگهون ٿا. ڪراچئ ۾ هر سال 600 کان 700 تائين غلامن جو واپار ٿيندو آھي ۽ اڳي انھن مان ميرن کي ساليانو هڪ لک روپيا آمدني ٿيندي هئي.اهو واپار اڃان هلي ٿو, 3).جوکين جي ڄام اسان کي آڇ ڏني آھي ته اسان سان ياري رکڻ ۽ نڀائڻ لاء ھو گهاري وارو ننڍو بندر اسان جي حوالي ڪرڻ لاء تيار آھي, 4). شڪارپور جي حصن ۽ وارثئ بابت حيدرآبادي ميرن وچ ۾ تضاد ۽ اختلاف موجود آھن.
5.3.1840:
آئوٽرام اڄ مير نور محمد خان کي لکيو ته منشي چوئٿرام اوهان جو نياپو پهچايو آھي ته اوهان لاهور جي درٻار ۾ پنھنجو وڪيل موڪلڻ گهرو ٿا. اسان کي ان تي ڪو اعتراض ڪونهي.
5.3.1842:
مير رستم علي خان اڄ ميجر آئوٽرام کي لکيو ته هو وچ ۾ پئي, اهي پنج ڳوٺ سندس حوالي ڪري, جيڪي راس بيل فيصلو ڪري مير علي مراد جي حوالي ڪيا. ياد رهي ته خيرپور ۾ فرنگين "ويڙھايو ۽ پنھنجو اثر وڌايو" جي حڪمت عملئ تي ڪم ڪيو. خيرپوري مير حاڪم ۽ حڪمران هوندي به پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ بدران فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽن کان ڪرائڻ لڳا ته فرنگين انھن اختلافن مان فائدو ورتو.
5.3.1843:
ڪراچئ ۾ گرفتار ڪيل ٽالپور حڪومت جي عملدارن کي آزاد ڪيو ويو. نائونمل جي ڀاء سکرامداس کي ڪسٽمس جو ڪليڪٽر ۽ ديوان مولچند کي ٽائون پوليس چوڪئ جو انچارج مقرر ڪيو ويو.
5.3.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ حڪومت جي گورنر جنرل پڌرنامو جاري ڪري سنڌ جي فتح کي جائز قرار ڏنو ۽ مياڻئ جي جنگ ۾ وڙھنڙ فوجين کي القاب ۽ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. کين سلامي ڏيڻ لاء حڪم ڪڍيو ته سمورين فوجي ڇانوڻين ۾ 21 توبن جي سلامي ڏني وڃي.
5.3.1850:
اتر سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪندڙ بگٽين کي پڪڙي کين لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ڪالونيون ٺاهي ويهاريو ويو. اڄ سنڌ پوليس جي ڪئپٽن سرڪار کي لکيو ته حيدرآباد ضلعي ۾ قائم ٿيل ڪالونين کي حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي انتظام ھيٺ رکيو وڃي ۽ مير خان محمد کي چيو وڃي ته انھن تي نظر رکي.
5.3.1922:
سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ٿيل خلافت ڪميٽئ جي شاخن عوامي ميڙاڪا سڏائي ترڪئ خلاف انگريز حڪومت جي دشمن پاليسئ جي مذمت ڪئي. [اسان جي دور ۾ مذمت ۽ مزاحمت ڪرڻ وارا جذبا ايترا ته ٿڌا ٿي چڪا آھن جو وڏي پئماني تي سمورئ سنڌ ۾ ھڪ واقعي تي ۽ هڪ ڏينھن تي احتجاج نه ٿو ٿئي.]
5.3.1924:
1923 ۾ سنڌ ۾ ”شدي تحريڪ" هلائي وئي ته انھئ سنڌ ۾ مذھبي ڪٽرپڻي کي هوا ڏني ۽ اڻ وڻندڙ واقعا رونما ٿيڻ لڳا. رتيديري ۾ ڪن شرپسند هندن سرعام قران شريف کي ساڙيو. ان تي رتيديري جي پوليس آريا سماج مندر مان ڌرمي ڪتاب کڻي وئي ته جيئن مسلمانن تي ڇنڊو پئي ۽ ڪو امن امان جو مسئلو پيدا نه ٿئي. قران شريف ساڙڻ جي ڏوه ۾ پرچومل ۽ ٻن هندو ڇوڪرن کي پڪڙي مٿن آء.پي.سي جي قلم 295 هيٺ ڪيس داخل ڪيو. ڪيس لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ وٽ ھليو. ڀوڄسنگ پهلاجاڻي هندن جو ۽ بئريسٽر پيرزادو مسلمانن جو وڪيل ٿيو.
5.3.1927:
”شڌي تحريڪ" وارن طرفان لاڙڪاڻي ضلعي مان ٻارن سميت مسلمان عورت ڀاڄائي گم ڪرڻ واري واقعي پوري ضلعي ۾ ھندو-مسلم فسادن ۽ ڇڪتاڻ کي پروان چاڙھيو. اڄ عيد جو ٻيو ڏينھن هو ۽ هندو طرفان مڪمل هڙتال ڪئي وئي. هندن لاڙڪاڻي ۾ فوج آڻڻ جي گهر ڪئي هئي. 70 مسلمان کي امن امان خراب ڪرڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو.
5.3.1947:
ڪالھ کان جيڪب آباد ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" شروع ٿي هئي. اڄ پير الاهي بخش, پيرزادي عبدالستار , محمد ايوب کهڙي, پنجاب جي مولانا عبداستار نيازئ, بهار جي عبدالقدوس, ڪوئٽيا جي ملڪ محمد عثمان, بلوچستان جي قادر بخش ۽ فضل الاهئ تقريون ڪيون[عجيب اتفاق آھي ته ٽن سنڌي سياستدان جن تقريرون ڪيون, اهي پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جا وڏا وزير ٿيا.]
5.3.1956:
گورنر جنرل اسڪندر مرزا نئين نظام مطابق ملڪ جو صدر ٿي ويو. هن جي مقابلي ۾ صدارتي عهدي لاء بيهڻ ۽ سوچڻ جي ڪنهن به سياستدان همت نه ڪئي.
5.3.1971:
ھن طرف اوڀر پاڪستان ڪرفيو جي لپيٽ ۾ آھي ۽ اهڙي اڻ وڻندڙ صورتحال ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ صدر يحيا جي پاڻ ۾ تفصيلي گڏجاڻي ٿي.
5.3.1977:
ڪراچئ جي اين.اي.ڊي ڪاليج کي يونيورسٽئ جو درجو ڏنو ويو.
5.3.1995:
ڪراچئ ۾ عيد ڏينھن دهشتگردن 17 ماڻھون ماريا. ماريلن ۾ رينجرس, فوج ۽ پوليس وارا به هئا.
***************
{5 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
5 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 مارچ 1910ع شاعر شيخ عبدالله عابد (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1913ع شاعر حاجن شاهه هم وطن (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1927ع ليکڪ نورالدين سرڪي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1930ع شاعر محسن لاڙڪاڻوي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1933ع سماجي ورڪر امرت ڪمار (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1942ع شاعر ۽ گلوڪار عبدالرحمان درگاهي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1943ع ليکڪ منير ماڻڪ (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1944ع شاعر راشد مورائيجو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1951ع سگهڙ اميد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1953ع شاعر محمد خان مصروف منڌرو جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1954ع صحافي خليل قاضي (نصرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1957ع سياستدان اعجاز جکراڻي(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1959ع سماجي اڳواڻ علي حسين بروهي (سگا) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1960ع ليکڪ نظر حيات (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1961ع شاعر انيس گل عباسي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1963ع سياستدان عبدالرزاق ڏيرو جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1969ع شاعر عبدالستار شاد وساڻ (پيرگڊو / خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1972ع شاعر جعفر جاني جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1977ع شاعر عبدالحميد آس جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1978ع شاعر ساجد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1975ع شاعر غلام علي آسي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1982ع شاعر مرتضى ڦل جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
5 مارچ 1909ع مير فيض محمد خان والي خيرپور رياست جو انتقال ٿيو.
5 مارچ 2012ع شاعر سرڪش سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو.
5 مارچ 2018ع ناميياري سياستدان ڪامريڊ ڄام ساقي جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment