Friday 25 March 2022

Sindh History (March 26, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (26th March)
26th March
BIRTH DATES
Laxman Komal (Kandyaro - New Delhi/Writer/ Born 26th March 1936),
Aasandas Visani (Sindh - Ahmadabad/Artist/ Born 26th March 1938),
Moulana Abdul Wahab Chachar(Religious Scholar/ Born 26th March1942)
EVENTS
Part1
1843: The Governor - General approves proposal of Charles Napier to carry on the general Government ofSindh from Karachi and measurers be adopted for facilitating communication between Karachi and Hyderabad.
1920: Sindh Khilafat Conference is held at the Dargah of Makhdoom Bilawal. It is attended by more than ten thousand people.
1931: Jawahrlal Nehru presides over 'All - India Students Conference' heldin Khalikdina Hall, Karachi. The Conference disapproves 'Gandhi - Irwin Settlement/Agreement' and resolve to form Provincial Working Committees of students. Tirath Sabhani, A.J.Mamtora, H.P.Mirchandani, H.G.Butani, B.T.Shahani, H.R.Wadhwani and V.I.Jagtiani played vital role in managing the Conference.
Part2
1950: JUP demands separate ministry for Religious Affairs and ban forever on appointment of non - muslims/pakistanis on key military posts.
1956: Military officers can be removed from service without Court Martial, decides Govt.
1961: It is decided in Governors' Conference that Karachi Division shall be merged into West Pakistan.
1971: Awami League is banned, Shaikh Mujeeb is arrested and military is asked to restore writ of the govt. in East Pakistan.
1973: Bhutto appeals opposition to end boycott and opt for dialogue.
1977: PNA boycotts oath taking ceremony. However, 161 members of the National Assembly take oath.
1991: Four persons at Singapur Airport try to hijack Pakistan Plane but are killed. PPP was blamed for that act and arrests are made in Pakistan.
Dur Muhammad Pathan: Sindh in History today (26th March). Research & Video by Dr.Pathan
چوندا آھن ته اڳي هر شئ, پکي پکڻ ۽ وڻ ٽڻ, انسانن سان ڳالھائيندا هئا. اهي اڄ به ڳالھائن ٿا. پر, اسان ٻڌون ڪو نه ٿا. ڇا تاريخ اسان سان نه ٿي ڳالھائي؟ پر, اسان ڪٿي ٿا ان کي ٻڌون؟
تاريخ ور ور ڏئي پاڻ دهرائي ٿي ۽ اسان کي ياد ٿي ڏياري ته اسان پنهنجي سوچن ۽ لوچن جا ڪعبا قبلا درست نه ڪنداسين ته بدتر حالتون بي پاڙئ ول جيان وڪوڙي وينديون. تاريخ سمجهائي ٿي ته وڏڙن جي چڱائين لڱائين مان سبق پرايو.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ ساڃھ-وندن لاء کوڙ سبق موجود آھن. اهو ڏسو, ٻڌو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ڪريو. پنھنجئ تاريخ پڙھڻ لاء وقت ڪڍو.

***************
توجھ طلب واقعا
************-**
26.3.1920
مخدوم بلاول جي درگاه تي خلافت ڪانفرنس ٿي,جنهن ۾ اٽڪل ڏه هزار ماڻھون شريڪ ٿيا.
[ اسان جي وڏڙن اڳ درگاهن کي به سياسي مقصدن لاء ڪم آندو. پر اسان هاڻي سياست کي درگاه بڻائي ڇڏيو آھي. جيڪا سياسي شخصيت هئ جهان ڇڏي وڃي ٿي, اسان سندس مزار تي پڙ چاڙھي پير فقير بڻائي ڇڏيون ٿا].
26.3.1931:
ڪراچئ ۾ پنڊت جواهر لال نهرو جي صدارت ۾ “آل انڊيا اسٽوڊنٽس ڪانفرنس" ٿي, جنهن ۾ ”گانڌي-ارون ٺاه" رد ڪيو ويو. اهو فيصلو به ڪيو ويو ته صوبن ۾ شاگرد يونئين جون "ورڪنگ ڪميٽيون" جوڙيون وڃن.
ھن ڪانفرنس ۾ تيرٿ سڀاڻئ, آسانند مامتورا, ايڇ.پي.ميرچنداڻئ, ايڇ.جي.بوٽاڻئ, بي.ٽي.شاهاڻئ, ايڇ.آر.واڌواڻئ ۽ وي.آء. جڳتياڻئ اهم ڪردار ادا ڪيو.
26.3.1941:
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ طرفان ڊي.جي.ڪاليج ڪراچئ ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو. چيتن ماڙيوالا "ڪراچي ميونسپالٽئ جي تاريخ" جي موضوع تي پنهنجو ليڪچر ڏنو.
26.3.1971:
اوڀر پاڪستان ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙھي وئي ۽ فوج کي اختيار ڏنو ويو ته صوبي ۾ حڪومت جي مڃتا کي يقيني بڻايو وڃي.
شيخ مجيب کي گرفتار ڪيو ويو. بنگالين انڊيا طرف ڀڄي جان بچائڻ جي شروعات ڪئي.
26.3.1977:
پي.اين.اي قومي اسيمبلئ ۾ ميمبرن جي حلف کڻڻ واري رسم جو بائڪاٽ ڪيو. ان هوندي به 161 ميمبرن حلف کنيو.
26.3.1996:
نواز شريف-حڪومت مخالف ڌر وارن اڳيان جهڪي پئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته مخالف ڌر سان غير مشروط ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آھيون.
***************
[26 مارچ تي جنم وٺندڙ ]
26 مارچ 1936ع هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ ليکڪ لڇمڻ ڪومل(ڪنڊيارو / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
26 مارچ 1938ع اداڪار آسنداس واسياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
26 مارچ 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدلوهاب چاچڙ(سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
 

No comments:

Post a Comment