Monday 21 March 2022

Sindh History (March 22, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (22nd March)
22nd March
BIRTH DATES
Moulana Taj Mahmood Amroti (Religious Scholar, Poet & Freedom Fighter of first rank/ Born 22nd March 1841),
Moulana Din Muhammad ‘Adeeb’ (Ferozshah/Religious Scholar, Poet & Freedom Fighter/ Born 22nd March 1897),
Indar Dev Bhojwani (Belo > Saurashitri/Poet/ Born 22nd March 1918),
Abdul Ghafoor ‘Sikayal; (Poet/ Born 22nd March 1938),
Abbas Ali Beg ‘Abbas; (Tando Agha/Poet/ Born 22nd March 1944),
‘Bulbil’ Khorwahi (Poet/ Born 22nd March 1954),
Shafique Halai (journalist/ Born 22nd March 1961)
DEATH DATES
Makhdoom Muhammad Usman Mutaalvi (Religious Scholar/ Death 22nd March 1805),
Pir Ali Muhammad Qureshi Ghouspoto (Religious Scholar/ Death 22nd March 1866).
EVENTS
1838: The Government of India asks Colonel Pottenger that apprise Sindh Rulers of views of British Government that the Government is surprised to know that they have submitted themselves to the Court of Persia and it has become matter of concern for the Government of India.
1948: Hindu members of Assemble holds meeting Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah at Dhaka to discuss and review the situation created by the partition and its impact/effect on Hindu community.
1949: Muhammad AyubKhuhro is disqualified for three year and now cannot take part in politics and political activities.
1951: Sindh Chief Minister Kazi Fazul-Ullah resigns.
!956: The new constitution is promulgated in Pakistan.
1971: Bhutto is holding meeting with Mujeeb in Dhaka. General Yahya asks Doultana, Sardar Shoukat Hayat, Muti Mahood, Wali Khan and GhousBuxBizinjo to holds talks with Mujeeb to resolve important political matters.
1977: Z.A.hutto blames PNA for avoiding negotiating vital political issues with his Government.PNA blames and claims arrest of its ten thousand workers.
1978: Heads of States and Governments of Egypt, Syria, Iran, Indonesia, Qatar, Bahrain and Canadian House of Commons appeal to Zia to commute Z.A.Bhutto’s death sentence. Qadafi sends Special emissary. British, U.S and India refuse to comment
 
Dr. Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
اڄ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ 22 مارچ جي حوالي سان تاريخ جا ورق کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل آھي.
اڄ جي واقعن کي غور سان پڙھو. اڄ تاريخ مثال ڏئي وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته ڌارين جي نظر ۾ سنڌي حڪمران ۽ سياستدان سونو هوندي به پتل جو آھي ۽ سچو هوندي به ڪوڙو آھي. ڀلي هو وفادار ٿيڻ جي ڪيڏي به ڪوشش ڪري, پر ڌاريا هن حالت ۾ ھن تي شڪ ڪندا ۽ موقعو ملندن ته بخش نه ڪندن. ٽالپورن کان وٺي ويندي ڀٽن تائين ايئن ٿيو. اهو سلسلو انهئ وقت تائين جاري رهندو جيسيتائين سنڌي حڪمران ۽ سياستدان پنهنجي محبتن, رغبتن ۽ نسبتن جا رخ سنڌي عوام ڏانھن نه ٿا موڙن. جيڪو سنڌي حڪمران يا سياستدان سنڌي عوام کي پاڻ سان نه کڻندو اهو اڪيلو ٿي ٻين جو نشانو ٿي ويندو. اها ڳالھ مان نه ٿو ڪريان, تاريخ ٿي ٻڌائي.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
22.3.1838:
ڪمپني حڪومت اڄ سنڌ ۾ موڪليل پنهنجي نمائندي پاٽينجر کي لکيو ته هو ميرن سان ملي کين ٻڌاء ته ڪمپني حڪومت کي ڳڻتي آھي ته اوهان ايران سان گهاٽي ياري پيا رکو ۽ اها ڳاله اسان کي پسند ڪانھي.
22.3.1842:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنرل جنرل اڄ حڪومت جي "سيڪريٽ ڪميٽئ" کي سنڌ جي صورتحال کان واقف ڪندي لکيو ته خبرون ملي رهيون آھن ته مير نصير خان ظاهر ۾ اسان سان آھي, پر اندر اندر ۾ اسان خلاف سازشن ڪرڻ ۾ مصروف آھي. هن تي ۽ حالتن تي ڪڙي نظر آھي ۽ في الحال ڪا ڳڻتئ جوڳي صورتحال ڪانھي.
22.3.1949:
پاڪستان جي بانئ جي وفات کان پوء سنڌ جي سياستدانن خلاف تڪڙا ۽ ڏکيا قدم کڻڻ جو آغاز ٿيو. ون يونٽ ٺھڻ تائين سنڌ جي حڪومتن جي ڊھڻ ۽ سياستدانن کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ جو هڪ قسم جو رواج شروع ٿيو.
اڄ محمد ايوب کهڙي کي ٽن سالن لاء سياست ۾ حصي وٺڻ کان نااهل قرار ڏنو ويو.
22.3.1951:
قاضي فضل الله به وڏ-وزارت جو مزو چکيو. اڄ سنڌ جي وڏ-وزات تان استعيفا ڏنائين.
22.3.1956:
جهڙو تهڙو پر پاڪستان کي هاڻي پنهنجو آئين ٿيو. ان کي اڄ کان نافذ ڪيو ويو. [آئين ٺاهڻ ۾ ڏسي وائسي سستي ۽ دير ان ڪري ڪئي وئي ته جيئن ڪاموراشاهي ۽ ملڪ جو دفاع ڪرڻ وارن کي حڪمرانئ وارئ گاڏئ کي پنهنجي پسند واري دڳ تي هلائڻ جو موقعو ملي ۽ سياستدان خواه سياسي پارٽيون پري رکي سگهجن].
22.3.1971:
قومي اسيمبلئ جو ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪري وقت جي حڪمرانن ککر ۾ کڙو اڇلايو. صدر يحيا خان جي چوڻ تي مجيب ۽ ڀٽي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيو. صدر اڄ دولتانه, مفتي محمود, ولي خان کي به چيو ته هو به شيخ مجيب سان ڳالهيون ڪن.
22.3.1977:
سياسي وڳوڙ وارين حالتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي بيان ۾ چيو ته حڪومت ته پي.اين.اي وارن سان ڳالهيون ڪري ٺاه ڪرڻ لاء تيار آھي, پر هو همراه جهيڙو جهيڙو پيا ڪن. ٻئي طرف پي.اين.اي وارن بيان ۾ چيو ته اسان جي ڏه هزار ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. سرڪار ڌڪ به هڻي ٿي ته دانهن به ڪري ٿي.
22.3.1978:
مصر, شام, قطر, بحرين ۽ انڊونيشا جي حڪومتن ۽ برطانيه, آمريڪا ۽ انڊيا جي اڳواڻن, ڪرنل قدافئ خاص ماڻھون موڪلي ۽ ڪئناڊا جي هائوس آف ڪامنس جنرل ضياء الحق کي اپيل ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي جيئدان ڏي.
***************
{22 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[]جنم ڏينهن:[]
22 مارچ 1897ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جي ولادت جو ڏينهن آهي.
22 مارچ 1918ع شاعر اندر ديو ڀوڄواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
22 مارچ 1938ع شاعر عبدالغفور سڪايل جو جنم ڏينهن آهي.
22 مارچ 1944ع شاعر عباس علي بيگ عباس (ٽنڊو آغا) جو جنم ڏينهن آهي.
22 مارچ 1954ع شاعر بلبل کورواهي جو جنم ڏينهن آهي.
22 مارچ 1980ع صحافي مصطفيٰ جروار جو جنم ڏينهن آهي.
[]وڇوڙو[]
22 مارچ 1805ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عثمان جو لاڏاڻو ٿيو.
22 مارچ 1866ع بزرگ پير علي محمد قريشي غوثپوٽو جو انتقال ٿيو.
22 مارچ 2005ع اداڪار رشيد خمار ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment