Wednesday 16 March 2022

Sindh History (March 17, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (17th March)
17th March
BIRTH DATES
Dayaldas Chhatwani (Sindh > Ajmir/Freedom Fighter/ Born 17th march 1919),
Qimatrai ‘Katib’ (Tando Adam > Ajmir/Poet & Singer/ Born 17th march 1921),
Ghulam Rasool ‘Masroor’ (Karachi/Poet/ Born 17th march 1955),
Saifullah ‘Saif’ (Poet/ Born 17th march 1961),
ashok ‘Azad’ Chandnani (Qazi Ahmad/Poet/Poet/ Born 17th march 1971),
Zulfkar Korai (Pano Aqil/Poet/ Born 17th march 1971).
EVENTS
1832: government of India while writing letter to His Highness Mir Murad Ali Khan, assures that they will not take Shikarpur in their possession and integrity of Sindh dominions will be respected.
1850: The Sindh Commissioner asks the Collector of Hyderabad that prisoners should be taught habits of industry and mode to maintain themselves by their own cultivation.
1917: RewachandVasanmal, Advocate, delivers his lecture on the topic of ‘Amil economic’. The lecture program is organized by the ‘Young Amil’s Association’, Karachi.
1920: Khilafat Conference is held at Sunn, with Hakim Fatih Muhammad Sehwani as its President. Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Dr. Noor Muhammad Shaikh, Shaikh Abdul Aziz, Moulvi Muhammad Suleman, and Moulvi Abdul Qayoom participate and deliver speeches. G.M.Syed was the host.
1922: On the eve of the arrival of the Prince of Walles, complete hatral is observed in Karachi. MehrajLokram Sharma and KesomalJhangyani are arrested for instigating people to observe strike. Later on Sharma earned 18 months imprisonment, whereas Kesomal is awarded 30 months imprisonment.
1933: White Paper issued by the British Government indicates that Sindh is going to be separated from the Bombay Presidency.
1952: Air flight service starts between Karachi and Hyderabad.
1954: Anti-Muslim League Day is observed in many cities of Pakistan. It is encouraged so as to minimize the political and party pressure on governance and to pave way for taking birth of any puppet party by people in power, for people in power and of people in power.
1965: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto doubts Indian attack on Pakistan. Later on the War took place between both countries. Very difficult to differentiate between ‘political vision’ and ‘political strategy’.
1992: No option for Pakistan to go for nuclear, due to ever increasing Human Rights violation in Kashmir, says Syed Ghous Ali Shah, Defense Minister of Pakistan.
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
نئين ڏينھن تي آئون اوهان لاء تاريخ جو نئون نياپو کڻي ايندو آھيان. اڄ 17 مارچ 2022 جي تاريخ آھي. مان دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سميت اوهان لاء 17 مارچ جي حوالي سان توجه طلب وقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن بابت معلومات کڻي آيو آھيان. هن سان وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل آھي.
*************** توجھ طلب واقعا
***************
17.3.1832:
پاٽينجر ميرن سان معاهدي ڪرڻ جي سلسلي ۾ حيدرآباد کان پوء خيرپور ۾ مصروف هو. اڄ پنهنجئ سرڪار کيس صلاح ڏني ته خيرپوري ميرن کي پڪ ڏجانء ته اسان انگريز شڪارپور تي قبضو ڪرڻ نه ٿا گهرون ۽ خيرپوري ميرن جي ملڪ کي اسان مان ڪو خطرو ڪونهي.
17.3.1839:
پاٽينجر اڄ پنهنجي اسسٽنٽ ايسٽ وڪ کي تفصيلي خط لکي هدايتون ڏنيون ته: 1). مان هفتي کن ۾ سنڌ ڇڏي ويندس ۽ صحت سڌرڻ تي واپس ٿيندس. منهنجئ غير حاضرئ ۾ سڄو ڪم سنڀالجان. 2). شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ واري مامري تي تون ميرن سان ڪو وعدو نه ڪجان,3).مون حيدرآبدي ميرن کي ٻڌائي ڇڏيو آھي ته اسان جي فوج ڪيتري هوندي ۽ سنڌ ۾ ڪٿي ترسندي.
17.3.1850:
سنڌ جي ڪمشنر اڄ حيدرآباد واري ڪليڪٽر کي لکيو ته بگٽي قيدين کي پوکي راهئ ۾ تربيت ڏيارڻ جو بندوبست ڪر ته جيئن هنن جون عادتون مفيد مقصدن لاء موڙي سگهجن.
17.3.1851:
ڪمشنر جي حڪم تي سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي لسٽ ۽ ان جي آدمشماري لکي ڏانھنس موڪلي.
17.3.1920:
سيوهڻ ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ, ڊاڪٽر نور محمد شيخ, شيخ عبداعزيز, مولوي محمد سليمان ۽ مولوي عبدالقيوم شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جو بندوبست جي.ايم.سيد ڪيو هو.
17.3.1922:
ڪراچئ ۾ پرنس آف ويلس جي اچڻ تي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ھڙتال ڪئي وئي. ڪراچئ ۾ مهراج لوڪرام شرما ۽ ڪيسومل جهانگياڻئ کي گرفتار ڪيو ويو. مهراج شرما کي 18 مهينا ۽ جهانگياڻئ کي 30 مهينا ٽيپ ڏني وئي.
17.3.1933:
برطانيه جي سرڪار "وائيٽ پيپر" جاري ڪيو, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ وارئ ڳالھ کي به قبول ڪيو ويو هو
17.3.1940:
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ طرفان ڊي.جي.ڪاليج ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو, جنھن ۾ اي.بي.آڏواڻئ "حيدرآباد ريزيڊنسئ جو دفاع" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. اهو ليڪچر پوء ھسٽاريڪل سوسائٽئ جي رسالي ۾ ڇپيو. ياد رهي ته مياڻئ جي جنگ کان اڳ ميرن جي ماڻھن حيدرآباد ۾ فرنگين جي ريزيڊنسئ تي حملو ڪيو هو. هئ پيپر انھئ تي تيار ڪيو ويو هو.
17.3.1952:
ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ ھوائي جهاز جي سروس شروع ڪئي وئي.
17.3.1954:
پاڪستان ۾ ”مسلم ليگ مخالفت ڏينھن" ملهايو ويو. ان جو ڏٺو وائٺو سبب هئ هئو ته اقتدار ۾ آيل سياستدان پارٽئ کي پنهنجو هٿيار ڪري نه هلائن. اهم سبب هئ هئو ته سياسي پارٽين کي بدنام ڪيو وڃي ته جيئن انھن مان عوام جو ويساه گهٽجي ۽ اقتدار تي غير سياسي ڌريون قابض ٿي سگهن.
17.3.1965:
پاڪستان جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽي خدشو ظاهر ڪيو ته انڊيا ۽ پاڪستان ۾ جنگ ٿي سگهي ٿي.
17.3.1981:
"سچل سنگت ادبي سنگت" خيرپور جي اهتمام سان مختيار ملڪ جي ٻال - گيتن جي مجموعي " ٽم ٽم ٽانڊاڻا" جي رونمائي تقريب ٿي. ان جي صدارت رشيد ڀٽئ ڪئي, جڏهن ته خاص مهمان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو هو. هن موقعي تي نصير مرزا, ملڪ نديم, اياز گل, ڊاڪٽر تنوير عباسئ, امين ٿيٻي, ڪوثر ٻرڙي, رزاق مهر ۽ سميع لنڊ وغيره مختيار ملڪ ۽ سندس ڪتاب تي ويچار ونڊيا.
***************
{17 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
17 مارچ 1920ع بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي پيدائش ٿي.
17 مارچ 1919ع سماجي ورڪر ديالداس چتواڻي (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي.
17 مارچ 1921ع شاعر گلوڪار ۽ موسيقار قيمت راء ڪاتب (ٽنڊو آدم / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مارچ 1955ع شاعر غلام رسول مسرور (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
17 مارچ 1961ع شاعر سيف الله سيف جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
17 مارچ 1938ع فريڊم فائيٽر پير تراب علي شاهه (قمبر) جو انتقال ٿيو.
17 مارچ 1980ع صحافي منشي عبدالشاڪر (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
17 مارچ 1994ع مشهور اديب ۽ عالم ڪلياڻ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment