Tuesday 1 March 2022

Sindh History (March 2, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (2nd March)
2nd March
BIRTH DATES
Syed Muhammad Alim ‘Alim’ (Poet/ Born 2nd March 1889),
Sir Shahnwaz Khan Bhutto (Garhi Khuda Bux/Ex-Bombay Minister & politician/ Born 2nd March 1892),
Choharmal Hinduja (Phaka > Ajmir/Publisher & Writer/ Born 2nd March 1902),
Qazi Abdul Majeed ‘Abid’ (Sehwan/Journalist & Ex-Federal Minister/ Born 2nd March 1915),
Shaikh Ayaz (Shikarpur/Poet/ Born 2nd March 1923)
, Sughar Muhammad Punhal Shaikh (Phulpota/Folklore Poet/ Born 2nd March 1930),
Jairam Rohra (Larkano > Ulhasnagar/Writer/ Born 2nd March 1938),
Hiro Thakur (Hyderabad > Delhi/Scholar/ Born 2nd March 1943),
Vasdev Mohi (Mirpurkhas > Ahmadabad/Poet/ Born 2nd March 1944),
Dr.Gul Buledi (Larkano/Poet/ Born 2nd March 1964),
‘Wafa’ Yaseen (Piaro Araeen/Poet/ Born 2nd March 1970),
Gul Akhdam (Khan Goth/Writer & Social worker/ Born 2nd March 1973),
Aziz Solangi (Moro/Poet/ Born 2nd March 1985).
DEATH DATES
Hadi Bux ‘Miskeen’ (Poet/ Death 2nd March 1941),
Wajid ‘Naz’ (Larkano/Poet/ Death 2nd March 1995).
EVENTS
1916: Eminent writer and teacher Pahlajrai Lilaram Wasvani delivers his lecture on the topic ‘Why to change ourselves?’ . The lecture is organized by the NGO of Karachi ‘Young Amil’s Association’.
1917: The Karachi Congress Committee in its meeting resolves to offer thanks to Justice A.Rahim on his ‘Minority Report’. The party also decides to demand ban on indentured labour .
1930: Enrolment of volunteers to participate in ‘Non-c-operation Movement’ starts in Larkano. Moorsing, Gurmal and Munshi are enrolled on the spot.
1943: Muslim League Assembly Party meets at Karachi and demands protection of interests of landlords.
1945: The Daily ‘Al-Waheed’ of Karachi criticizes G.M.Syed for his attitude towards Quaid-i-Azam and his strong worded criticism on him.
1954: A Satellite town is planned in Karachi under Town expansion scheme for 120,000 persons.
1963: Border Agreement is signed between Pakistan and China.
1969: Z.A.Bhutto, while addressing a big rally in Karachi, challenges President Ayub to have a debate on Tashkent Declaration.
1971: Postponement of the National Assembly session creates resentment. Curfew is imposed in Dhaka.
1977: PNA boycotts election in Baluchistan. Demands withdrawal of army from there.
 
[اچو ته پنهنجئ تاريخ سان دوستي رکون ۽ تاريخ جو مطالعو ڪريون]
2.3.2022 تي اوهان جو دعاگو در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سميت حاضر آھي. اڄ ٢ مارچ جي حوالي سان اوهان جي خدمت ۾ ڪجھ واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات عرض رکڻي آھي. هن سان گڏ ويڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
سڄڻو! تاريخ اسان ۾ ”اجتماعي سوچ ۽ لوچ“ پيدا ڪندي آھي. تاريخ سمجهائيندي آھي ته ڪنهن فرد يا خاندان يا گروه جي اقتدار وارئ جنگ جو کاڄ نه ٿيو. ڇو ته اها هڪ بدترين داخلي غلامئ کي جنم ڏيندي آھي. اسان جي وڏڙن اهڙيون غلطيون ڪيون ۽ نتيجي ۾ اسان ڀوڳيون ٿا. اسان کي اهو دڳ ڇڏڻ گهرجي.
گروهي, قبائلي ۽ ذات جي بنياد تي اسان جي وڏن غلامي ڪئي ته سنڌ برهمڻن, عربن, سمن, سومرن, ترخانن, ارغونن, مغلن, ڪلهوڙن, ٽالپورن, انگريزن وغيره وغيره جون حڪومتون ته جڙيون, پر سنڌ ۾ سنڌ جي حڪومت ڪڏهن به قائم نه ٿي. اهو مان نه, مگر تاريخ چئي ٿي.
***************
توجه طلب واقعا
***************
2.3.1843:
ميرن کي حيدرآباد ۾ شڪست ڏيڻ کان پوء فرنگين کي ڊپ ٿيو ته متان اتر سنڌ مان هنن تي ڪو چڙھائي ڪري ۽ حالتن جو پاسو بدلجي وڃي. ان ڪري اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي لکيو ته فيروزپور مان فوج گهرائي سکر کي محفوظ بڻاء.
2.3.1917:
ڪراچي ضلعي جي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ٺھراء پاس ڪري جسٽس اي. رحيم کي "اقليتن بابت رپورٽ" لکڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون. ٻئي ٺھراء ۾ سرڪار کان گهر ڪئي وئي ته سنڌ ۾ خرڪاري پورهيئي تي پابندي وڌي وڃي.
2.3.1933:
انڊين ليجسليٽو ڪائونسل جي سنڌي هندو ميمبر لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراء اڄ اجلاس ۾ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته جڏهن "جوائنٽ پاريامينٽري ڪميٽي" ٺاهي وڃي ته ان ۾ سنڌ جي هندن کي به مناسب نمائندگي ڏني وڃي.
2.3.1934:
حاجي محمود خادم جي ڪوششن سان قائم ٿيل "سنڌي سڌار سوسائٽئ“ طرفان ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ "موضوعاتي مشاعرو" ٿيو, جنھن جي صدارت علامه آء آء قاضئ ڪئي. "بهار" جي موضوع تي شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.
2.3.1945:
جي.ايم.سيد جي ڏاهپ ۽ جرئت مسلم ليگ کي سنڌ جي مقبول پارٽي بڻايو. هن مسجد منزل گاه جي تحريڪ کي ڪامياب ڪرائڻ کان وٺي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ مان پاڪستان جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪرائڻ ۾ اڳواڻئ واري سياسي تدبر کان ڪم ورتو. پر سنڌ جي سياستدانن هن تي مسلم ليگ جا دروازا بند ڪرايا. ان کان پوء جي.ايم.سيد ۽ قائد اعظم وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا. اڄ ”الوحيد" اخبار تفصيلي ايڊيٽوريل لکي جي.ايم.سيد لاء لکيو ته هو تنقيد ڪندي سخت زبان استعمال نه ڪري.
2.3.1954:
ڪراچي ملڪ جي گادئ واري شهر ۽ مرڪز جي هٿ هيٺ آئي ته ٽن طريقن سان ان جي آبادي وڌڻ لڳي: 1). بنا روڪ هندستاني مسلمانن جي آمد, 2). پٺاڻن جي آمد ۽ 3). وفاقي ملازمن ۽ سندن ڪهولن جي آمد. انھن جي آبادڪارئ لاء وڏي سرڪار سوچيو ته ڪراچئ ۾ ”سيٽلائيٽ ٽائون" ٺاهي هڪ لک ويھ ھزار ماڻھن کي آباد ڪجي.
2.3.1971:
قومي اسيمبلئ جي 3 مارچ تي ٿيندڙ اجلاس کي نه ڪرائڻ واري فيصلي تي اوڀر پاڪستان ۾ ان جي مخالفت ۾ شديد ردعمل ظاهر ٿيو ۽ اتي وڳوڙ شروع ٿي ويا. اڄ ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
2.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي بلوچستان اسيمبلئ لاء ٿيندڙ چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو ۽ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته بلوچستان مان فوج واپس گهرائي وڃي.
2.3.1981:
ڪراچئ کان پشاور پي.آء.اي جو هوائي جهاز "الذوالفقار" ڀڄائي ڪابل پهچايو ويو.
***************
{2 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
2 مارچ 1888ع سياسي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1889ع شاعر سيد محمد عالم شاهه عالم جي پيدائش ٿي.
2 مارچ 1902ع ليکڪ ۽ پبلشر چوهڙ مل هندوجا (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1915ع صحافت ۽ سياست سان تعلق رکندڙ قاضي عبدالمجيد عابدجو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1923ع ع شيخ اياز جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1930ع سگهڙ پنهل شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1938ع ليکڪ جئه رام روهڙا (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1943ع ناليواري اسڪالر ۽ ليکڪ هيرو ٺڪر (حيدرآباد / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1944ع شاعر واسديو موهي (ميرپور خاص / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1964ع ليکڪ ڊاڪٽر گُل بليدي جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1970ع شاعر وفا ياسين (پيارو آرائين) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
2 مارچ 1941ع شاعر هادي بخش شاهه مسڪين جي وفات ٿي.
2 مارچ 1995ع شاعر واجد ناز (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment