Wednesday 9 March 2022

Sindh History (March 10, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (10th March)
10th March
BIRTH DATES
Moulana Obedullah Sindhi (Religious Scholar, Revolutionary and Founder of Sindh Jamina Nirbda Sagar Party/ Born 10th march 1872),
Allah Bux alies Sunhno Saeen (Khanwahan/Saint/ Born 10th march 1910),
Chandomal ‘Pardesi’ (Shikarpur > Ulhasnagar/Poet/ Born 10th march 1913),
Sundardas Chandnani (Sukkur > Ajmir/Social Worker/ Born 10th march 1923),
Zaib Bhatti (Tando Muhammad Khan/Poet/ Born 10th march 1932),
Gul Parohat (Karachi > Ulhasnagar/Poet & Singer/ Born 10th march 1935),
Bashir Moriani (Shikarpur/Poet & Short Story writer/ Born 10th march 1935),
Shahzado Gulfam (Artist/ Born 10th march 1935),
‘Zigham’ Hyderi (Hala/Poet/ Born 10th march 1939),
Zulfikar Rashdi (Shah Goth/Poet/ Born 10th march 1938),
Imdad Hussaini (Tukhar/Poet/ Born 10th march 1940),
Ghulam Sarwar ‘Masroor’ Bhatti (Ganwal Khan/Poet/ Born 10th march 1947),
Aasha Sainani (Poono/Artist/ Born 10th march 1952),
Adil Sakhirani (Pir Ganio/Writer/ Born 10th march 1957),
Illahi Bux Chachar (Qadirpur/Journalist/ Born 10th march 1964),
Wazir Mangi (Waso Kalhoro/Writer/ Born 10th march 1968),
Razia Leghari (Poetess/ Born 10th march 1969)
Amar Malah (Sita Road/Poet/ Born 10th march 1973),
Haji Ghafoor Chhuto (Ghari Jageer/Poet/ Born 10th march 1974),
Farzana Sindhu (Writer/ Born 10th march 1976),
Zafar Ahmad Lahbar (Piyaro Station/Writer/ Born 10th march 1982),
shafiqAhmad Shaikh (Dadu/Writer/ Born 10th march 1984).
DEATH DATES
Comrade Taj Muhammad Abro (Larkano/Judge & Politician/Social Worker/Writer/ Death 10th March 1986).
EVENTS
1923: Moulvi Muhammad Hashim presides over public meeting at Mirpur Mathelo. It is organized bt the local branch of the Khilafat Committee.
1940: The construction work of the building of the Sindh Legislative Assembly starts. Foundation stone lying ceremony held with Sindh Governor as the chief guest.
1943: The Sindh Assembly Muslim League Party decides to ask Government for imposing ban on local made Wine and take appropriate steps to curbs social evils.
1950: Pir Illahi Bux is expelled from Muslim League for five years.
1951: NWFP Governor I.I. Chundrigar dissolves the provincial Assembly.
1952: Fatima Jinnah criticizes low process in constitution-making. Addresses public meeting.
1954: Head of Ahamadis Mirza Bashiruddin is attacked by his follower in Rabwah.
1969: Government-Opposition talks starts in Rawalpindi. Bhutto, Bhashani and General Azam refused to participate. Opposition team consists of MoulanaMudoodi, Doultana, Nawabzada Nasrullah, Mufti Mahood, Sardar Shoukat and others.
1989: The dissolution of the National Assembly on May 29, 1988 was unconstitutional, says Supreme Court.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڄ 10.3.2022 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ اوهان لاء 10 مارچ جي حوالي سان تاريخي واقعن ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات کڻي آيو آھيان. هن سان گڏ وڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
قومن جي مقدر مٽائڻ ۾ واپار ۽ تجارت جو اهم ڪردار رهيو آھي. ايسٽ انڊيا ڪمپني بنيادي طور واپاري ڪمپني هئي, پوء واپار جي ڏڍ تي حڪومت قائم ڪري ورتائين ۽ پنهنجئ انھئ حيثيت بچائڻ لاء جنگيون جوٽيائين. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌاريا حڪمران قومن کي غلام ڪري, انھن ملڪن مان ڪچو مال ڍوئيندا, آمدنئ جي ذريعن وسيلن تي قبضو ڪندا ۽ نشو يا اسلحو اتي عام ڪندا. سنڌ ۾ انگريزن جي زماني ۾ به ايئن ٿيو ۽ پوء به ايئن ٿيو.
***************
توجه طلب واقعا
***************
10.3.1843:
انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ غلامن جو ۽ آفيم جو واپار وڏي پئماني تي هلندو هو. غلامن جو وڪرو سنڌ ۾ ٿيندو هو, ليڪن آفيم سنڌ کان سواء ڏيساور به موڪليو ويندو هو. انگريزن آفيم جي واپار تي هڪ هٽي قائم ڪئي. ابته غلامن واري واپار کي تڪڙي بند ڪرڻ بدران ان تي نظر رکي ته انھئ غلامن جي واپار مان فرنگين کي ڪهڙو فائدو ٿي سگهي ٿو. اڄ ڪمپني حڪومت نيپيئر کي هدايت ڏني ته غلامن جي واپار تي نظر رک.
ياد رکڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته اڳتي هلي انگريزن غلامن واري واپار تي بندش وڌي. ڇو ته اڪثر ڪري شيدي غلام سنڌي سماج جو وفادار قبيلو ٿيڻ ۾ ٻين کان اڳرو هو. انگريز هوش محمد شيدئ جون اکيون اڳ ئي ڏسي چڪا هئا.
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ بلاشڪ حڪومت ٺاهي, پر واپار ۽ تجارت ان جو اولين مقصد هو. آفيم جي واپار تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ سان انگريزن کي ٻه وڏا فائدا ٿيا. هڪ ته انھن جي آمدني وڌي, ٻيو ته انھن ملڪن کي "آفيمي ملڪ" بڻايو.
10.2.1923:
ميرپور ماٿيلي ۾ مولوي محمد هاشم جي صدارت هيٺ خلافت جو وڏو جلسو ٿيو. تقريرن ۾ مسلمانن کي مذھبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ لاء عملي قدمن کڻڻ جي صلاح ڏني وئي ۽ حڪومت جي اسلام دشمن پاليسين جي مذمت ڪئي وئي.
10.3.1943:
سنڌ اسيمبلئ جي مسلم ليگي ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ٺھراء پاس ڪري گهر ڪئي وئي ته: 1). سنڌ ۾ گانچي جي وڪري تي پابندي وڌي وڃي, 2). رشوت بند ڪرڻ لاء عملدار مقرر ڪيا وڃن, ۽ 3). بدامنئ جي ڪارڻن معلوم ڪرڻ لاء سرڪار هڪ ڪميٽي جوڙي.
10.3.1940:
سنڌ اسيمبلئ جي عمارت جي اڏڻ جي ڪم شروع ڪرڻ لاء سنڌ جي گورنر اڄ پيڙھ جو پٿر رکيو.
10.3.1950:
پير الاهي بخش کي پنجن سالن لاء مسلم ليگ مان ڪڍيو ويو.
10.3.1959:
صدارتي حڪم نامو جاري ٿيو ته بدعنوان عملدارن خلاف جاچ پڙتال شروع ڪبي ۽ ڪنهن کي به اپيل ڪرڻ جو حق نه هوندو.
10.3.1969:
راولپنڊئ ۾ حڪومت ۽ مخالف اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون. ڀاشانئ, ڀٽي ۽ جنرل اعظم شرڪت نه ڪئي, البته مولانا مودودي, شيخ مجيب, دولتانه, نوابزادي نصرالله, مفتي محمود ۽ سردار شوڪت شرڪت ڪئي.
10.3.1977:
پاڪستان ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون. ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي انھن چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو.
10.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت جي صابو راهو شاخ عهديدار چونڊ ڪئي, جنهن ۾ فدا حسين سنجراڻي (سيڪريٽري), عبدالرحمان سائر (جوائنٽ سيڪريٽري) , ذاڪر حماد الله (آڊيٽر), ديدار علي سائر (پريس سيڪريٽري), عبدالجبار لاکو (خزانچي) منتخب ٿيا.
10.3.1995:
دهشتگردن هٿان هاڻي ديني جائيون به محفوظ نه رهيون. ڪراچئ ۾ مسجد ٻاهران بم ڦاٽو, جنهن 12 بيگناه ماڻھن کي اجل جو شڪار بڻايو.
***************
{10 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
10 مارچ 1872ع مولانا عبيدالله سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 مارچ 1910ع صوفي الله بخش عرف سهڻو سائين جي خانواهڻ ۾ پيدائش ٿي.
10 مارچ 1913ع شاعر چندومل پرديسي (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1923ع سماجي ورڪر سندرداس (سکر / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1932ع شاعر زيب ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1933ع شاعر ۽ ليکڪ بشير مورياڻي(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1935ع شاعر ۽ گلوڪار گل پروهت (ڪراچي / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1935ع آرٽسٽ شهزادو گلفام جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1938ع شاعر ذوالفقار راشدي (شاهه ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1939ع شاعر ضيغم حيدري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1941ع مشهور شاعر امداد حسيني(ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1945ع ليکڪ ڀڳوان اٽلاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1947ع شاعر غلام سرور مسرور جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1957ع ليکڪ عادل سخيراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1964ع صحافي الاهي بخش چاچڙ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1965ع ليکڪ وزير منگي (واسو ڪلهوڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1973ع ليکڪ امر ملاح (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1974ع شاعر حاجي عبدالغفور ڇٽو جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1976ع ليکڪا فرزانه سنڌو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
10 مارچ 1986ع سياستدان، جج ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتقال ٿيو.
10 مارچ 1995ع صوفي راڳي موهن ڀڳت لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment