Sunday 6 March 2022

Sindh History (March 7, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (7th March)
7th March
BIRTH DATES
Moulvi Abdul Ghafoor ‘Muftoon’ (Hamayoon/Religious Scholar, Freedom Fighter & Poet/ Born 7th March 1844),
Dev Kirshan Bhojwani (Hyderabad > Mumbai/Painter/ Born 7th March 1916),
Lalchand Arya (Arain > New Delhi/Writer/ Born 7th March 1919),
Badam Natwan (Shikarpur/Writer/ Born 7th March 1924),
Abdul Rasool ‘Mir’ (Gambat/Poet/ Born 7th March 1950),
Muhammad Usman (Jacobabad/Journalist/ Born 7th March 1954),
Naz Kazmi (Khosa/Writer/ Born 7th March 1955),
Abbdul Karim ‘Premi’ (Poet/ Born 7th March 1955),
Haji Khan Chachar (Khai/Writer/ Born 7th March 1964),
Tariq Amar Arijo (Khair Muhammad Arija/Writer & Political activist/ Born 7th March 1965),
Bukhari Afzal (Agra/Writer/ Born 7th March 1974),
Mir Dilshad Dharejo (Mitha Khan/Writer/ Born 7th March 1981),
Habib Khaskheli (Adam Khan Khaskheli/Artist/ Born 7th March 1981)
EVENTS
1914: The Graduates Association of Shikarpur was one of very active NGO of Shikarpur. It rendered valuable social services for a long time. Today, it has organized lecture on the topic of social awareness.
1926: Shaikh Abdul Majeed Sindhi launches movement for awareness about importance of education. Today, his appeal for cause is published in the Daily Al-Waheed of Karachi, in which he has diverted attention of readers towards critical situation of education in Sindh.
1935: Sir Shahnawaz Bhutto, Minister for Self Local Government of Bombay Presidency presents Budget Estimates for Forests in the Bombay Legislative Council.
1937: Sindh Muslim Adabi Society of Hyderabad remained very active for years. Today, It has arranged ‘Al-Sindh Poetic sitting’ at Hyderabad. Poets presented their poems.
1962: Pakistan Government sanctions six new industrial units under cash ceiling of Rs.20,000,00 development program for the current year for the Multan Region.
1969: Nine persons are injured by the firing of pro-Ayub procession in Rawalpindi.
1971: ShaikhMujeeb announces a program of action for non-co-operation movement and puts conditions for attending the session of National Assembly to be held on 25th March. His conditions include end of Martial Law, sending army back to barracks and transfer of power to elected representatives immediately.
1977: General elections are held by PPP Government and PPP wins 155 while PNA wins 35 seats out of total of 200. PNA alleges pre- planned massive rigging.
1991:MQM Chairman Azim Tariq expels Badar Iqbal, Afaq Ahmad and Aamir Khan on charges of conspiracy to eliminate Altaf Hussain
1992: Syed Muzaffar Shah is elected unanimously as the leader of the house/Sindh Chief Minister.
 
Dr Pathan: [ سنڌ سان محبت جي تقاضا اها آھي ته سنڌ جي تاريخ پاڻ پڙھجي ۽ دوستن کي پڙهائجي]
7.2.2022
روز اوهان کي دعا ڏيان ٿو ۽ سلام ڪريان ٿو ته دل کي سڪون ملي ٿو. وري جڏهن تاريخي واقعا ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات اوهان کي پهچايان ٿو ته دل جو بار هلڪو ٿئي ٿو.
سچ پڇو ته تاريخ جڏهن سچ ٻڌائي ٿي ته ذھن ۽ ضمير تي بار وڌي وڃي ٿو. اسان جا حڪمران ۽ عوام الڳ الڳ طريقي سان پنھنجو ۽ سنڌ جي بچاء ڪرڻ جي نالي ۾ سنڌ کي نقصان ڏنو. صدين کان ۽ هر دور ۾ حڪمرانن سمجهوتي بازي ڪئي ۽ عوام حاڪمن ۽ ڌارين جي باه پاڻئ ۾ سڙندو ٻڏندو رهيو.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
7.3.1839:
سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻن کي خبر آھي ته ڪراچئ ۽ منوڙي تي هڪ مهينو اڳ فرنگين قبضو ڪري ورتو هو. اڄ انھئ صورتحال ۾ سنڌ جو فرنگي ريزيڊنٽ پنهنجئ سرڪار کي تفصيلي حال احوال لکي موڪلي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير نور محمد خان ۽ ٻين ميرن جي پٽن مون سان ملڻ آيا. ميرن جو لهجو ۽ رويو دوستاڻو پيو لڳي. مير نور محمد چيو ته پڪ آھي ته اسان کان جيڪي اوڻايون ٿيون آھن, گورنر جنرل اهي درگذر ڪندو ۽ انگريز فوج سنڌ ۾ دائمي طور رهي ته دوستئ جو ماحول پيدا ٿيندو,
2). هو لکي ٿو ته مون وراڻي ڏني ته جيئن مير اسان سان هلندا,تيئن اسان ساڻن هلنداسين. هاڻي مير اسان جي اختيار ۾ آھن. ميرن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ هاڻي انھئ هندستان جو حصو آھي, جنهن ۾ اسان جو اختيار هلي ٿو. اسان سنڌ ۽ عوام جي مفاد ۾ جيڪو مناسب ڄاڻنداسين, سو ڪنداسين,
3).هو لکي ٿو ته جن ماڻھن فرنگي فوج سان بدتميزي ڪئي آھي, انھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. مانجھند جي ڪاردار کي به پڪڙيو اٿن,ڇو ته سندس حدن ۾ ماڻھن اسان جي ماڻھن ۽ فوجين کي ڦريو لٽيو. مير چون ٿا ته ڪراچئ جي مالڪئ ۽ وارثئ لاء جيڪو فيصلو گورنر جنرل ڪندو اهو قبول ھوندو. ميرن اهو به چيو ته اوهان جي مرضي آھي ۽ ڪٿي به زمين چونڊي ريزيڊنسئ جي عمارت جوڙايو.
خط تمام وڏو آھي ۽ هن ۾ اڃا وڌيڪ ڳالهيون ڪيون آھن, جن ۾ شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ واري ڳالھ به شامل آھي. خط گواهي ڏئي ٿو ته تاريخ ۽ حالتون ڀيانڪ رخ وٺي رهيون آھن.
7.3.1840:
ڏکڻ سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل پنهجي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ والس کي هدايت ڪئي ته هو ڪراچئ وڃي ميرن جي عملدارن سان گڏجي شهر جي ڪارونهار هلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪر ۽ پنھنجي واپارين جي مفادن جو تحفظ ڪر. وڏي سرڪار کان جڏھن ڀون ڀاڙي يا محصول جا اگه مقرر ٿي مليا ته تو کي موڪلي ڏبا ۽ ڪراچئ ۾ اهي نافذ ڪبا.
7.3.1842:
آئوٽرام کي گورنر جنرل طرفان هدايتون پهتون ته مير نصير خان ۽ سندس عملدار جيڪي مسئلا پيدا ڪن ٿا, اهي هوشيارئ ۽ عقلمندئ سان ٺارڻ جي ڪوشش ڪر ته جيئن اسان جي مفادن کي ڪو ڇيهو نه رسي.
7.3.1914:
انگريزن جي دور ۾ ڪراچئ ۽ شڪارپور ۾ ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن" نالي سماجي تنظمون هونديون هيون. اڄ شڪارپور وارئ "سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن“ سماجي سجاڳئ جي موضوع تي مذاڪرو ڪرايو.
7.3.1937:
سيد ميران محمد شاه نامور مدبر ۽ دانشور هو. هن سياست ۽ علم ادب ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. هن ساٿين جي سهڪار سان ڀلاري ڀٽ-ڌڻئ جو سرڪاري سطح تي عرس ڪرائڻ جي ابتدا ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جو فائونڊر چيئرمن ۽ پوء اعزازي سيڪريٽري ٿيو. هن حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ قائم ڪئي. هن سوسائٽئ تاريخ تي ڪتاب ڇپرايا ۽ ادبي ميڙاڪا ڪرايا. اڄ سوسائٽئ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. ان لاء طرح مصرع هئي:
"ساغر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾.“ مشاعري ۾ سنڌ جي نامور شاعرن حصو ورتو.
ملتان ريجن ۾ 6 انڊسٽريل يونٽ قائم ڪرڻ لاء پاڪستان سرڪار هن سال لاء 2 ڪروڙ روپيا منظور ڪيا. ملڪ ۾ اهڙئ ريت قائم ٿيل انڊسٽريل يونٽ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ ڏسجي ته سرڪار انھئ حوالي سان سنڌ تي ڪيترو مهربان ٿي.
7.3.1971:
شيخ مجيب حڪومت خلاف هلايل عدم تعاون تحريڪ واپس وٺڻ لاء هي شرط رکيا: مارشل لا هٽائجي, فوج کي بيرڪن ۾ واپس موڪلجي ۽ بنا دير اقتدار چونڊيل نمائدن حوالي ڪجي. هن چيو ته جيڪڏهن اهي شرط مڃيا ويا ته پوء 25 مارچ تي ٿيندڙ قومي اسيمبلئ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿبو.
7.3.1977:
ڀٽي حڪومت طرفان عام چونڊون ڪرايون ويون. قومي اسيمبلئ جون پيپلز پارٽئ 155 ۽ پي.اين.اي 35 سيٽون کٽيون. پي.اين.اي بيان ۾ چيو ته چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آھي.
7.3.1990:
ايم.ڪيو.ايم ۾ ڏڦيڙ پيو. پارٽئ جي چيئرمن عظيم طارق اڄ بدر اقبال, آفاق احمد ۽ عامر خان کي ان ڪري پارٽئ ۾ مان تڙي ڪڍيو ۽ مٿن الزام هنيو ته هو الطاف حسين جا دشمن آھن.
7.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت جي هيٺ ڄاڻايل شاخن جون دستوري بيٺڪون ٿيون:
مهين جو دڙو, ڏوڪري, لاڙڪاڻو, نئون ديرو,جاتي ۽ ٽنڊو الهيار.
***************
{7 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
7 مارچ 1844ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور مفتون جي پيدائش جو ڏينهن آهي .
7 مارچ 1916ع پينٽر ديو ڪرشن ڀوڄواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي ولادت ٿي.
7 مارچ 1919ع ليکڪ لالچند آريا (آرائين / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1924ع ليکڪا بادام ناتوان (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1940ع ليکڪ موهن لال ناگديو (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1954ع صحافي محمد عثمان (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1955ع ليکڪ ناز ڪاظمي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1955ع ليکڪ عبدالڪريم پريمي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1964ع ليکڪ حاجي خان چاچڙ جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1965ع ليکڪ طارق امر آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مارچ 1974ع ليکڪ بخاري افضل جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1981ع آرٽسٽ حبيب خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
7 مارچ 1998ع ترقي پسند اديب، شاعر ۽ صحافي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جي وفات ٿي.
7 مارچ 1999ع ڪميونسٽ ۽ مزدور اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو انتقال ٿيو.
7 مارچ 2000ع سياستدان بيگم طاهره آغاجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment