Monday 14 March 2022

Sindh History (March 15, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (15th March)
15th March
BIRTH DATES
Moulana Allah Bux ‘Abojho’ (Punjab > Sindh/Sindh Madressah Teacher & Founder Secretary of the Sindh Muhammadan Association/ Born 15th march 1846)
, Moulana Muhammad Sadiq (Khada Karachi/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Born 15th March 1874),
Hari Sundar Roopchand (ocial Worker & Singer/ Born 15th March 1897),
Rasool Bux Akhund (Rohri/Educationist/ Born 15th March 1897),
Habibullah ‘Fikri’(Karachi/Poet/Poet & Journalist/ Born 15th March 1907),
Amar Lal Sadhwani (Dadu > New Delhi/Poet/ Born 15th March 1913),
Muhammad Ibrahim ‘Anees’ Maheri (Tando Muhammad Khan/Poet/ Born 15th March 1918),
Saleem Garhvi (Garhi Mori/Poet/ Born 15th March 1925),
Lakhmichand ‘Preem’ (Garhi Yaseen/Poet/ Born 15th March 1928),
Dr.Ghulam Ali Allana (Tar Khowaja/Research Scholar & Ex-V.C/ Born 15th March 1930),
Allah Warao Siddiqui (Shikarpur/Journalist/ Born 15th March 1935),
Rahmatullah Soomro (Shikarpur/Journalist/ Born 15th March 1938),
Teckchand ‘Mast’ (Chohar Jamali > Ulhasnagar/Poet/ Born 15th March 1938),
Manohar Bajlani (Larkano > Ulhasnagar/Poet/ Born 15th March 1939),
Laxman Dubi (Village Shar > India/Poet/ Born 15th March 1942),
Sarwech Soomro (Tharri Muhabat/Poet/ Born 15th March 1949),
Noor Ahmad ‘Nashad’ (Bahadurpur/Poet/ Born 15th March 1949),
Hussain Bux ‘Khadim; Sarwari (Poet & Singer/ Born 15th March 1951),
Nazir Naz (Poetess & Publisher/ Born 15th March 1953),
Abid soomro (Goth Bohar/Writer/ Born 15th March 1953),
Pir Mushtaq Rashdi (Jhudo/Poet/ Born 15th March 1960),
Qalandar ‘Baghi’ (Talpur Wada/Poet/Poet/ Born 15th March 1963),
Noor Hussain Bhatti (Tando Muhammad Khan/Journalist/ Born 15th March 1968),
Riaz Ahmad Bharchood (Daro Illahi Bux/Journalist/ Born 15th March 1975),
Attaullah ‘Sagar’ Abro (Mathelo/Poet/ Born 15th March 1980),
Akmal Mathelvi (Mathelo/Poet/ Born 15th March 1983),
Imran Jilani (Badah/Writer/ Born 15th March 1983),
DEATH DATES
Sobhraj ‘Fani’ (Poet & Freedom Fighter/ Death 15 March 1956)
, Dr.Shahnawaz Sodhar (Larkano/Scholar/ Death 15 March 2001),
EVENTS
1884: Consequent upon developing differences with Dyaram and Sadhu Hiranand Hindu members of the Sindh Hindu Sabha, Hassan Ali Effendi forms ‘Sindh Muhammadan Association’ and with the result that later on Sindh stood divided in Hindu and Muslim camps. Sindh Muhammadan Association remained active till the separation of Sindh from Bombay Presidency.
1919: 2 day Sindh Educational Conference starts at Sukkur. Hindus and Muslims participated.
1920: Sindh Upkark, an anglo-sindhi Journal of Shikarpurstrats writing against Islam. The Journal damaged Hindu-Muslim unity for some time.
1925: Jamiat-ul-Ulema Sindh in its meeting held at Sukkur elects its new office-bearers. They are; Syed QaziAsadullh Shah of Tukhar (President), Moulana Muhammad Sadiq of Khada&Moulana Mir Muhammad Nauragzado (Both Vice Presidents) and Dim Muhammad ‘Wafai’ (Secretary).
1938: Smallpox causes 9 deaths in Larkana district. Due to ever increasing cases festivals are banned. Muhammad Yaqoob Agha and syedAltafHussainTrimzi, both Mukhtyarkars are appreciated by the District Local Board for their valuable services rendered in this regard.
1953: Sindh AwamiMahaz invites application for party tickets to contest election. The meeting is presided over by G.M.Syed, whereas it is attended by seven members of the Parliamentry Board
1955: Kotri Barrage is inaugurated by the Governor-General Ghulam Muhammad.
1973: PirPagaro is elected to head opposition’s United Democratic Front Action Committee.
1995: Mir Murtaza Bhutto assumes the office of the chairman of PPP (SB).
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
15.3.2022 تي دعائون, سلام ۽ نيڪ تمنائون کڻي اوهان کي اوهان جي تاريخ ٻڌائڻ آيو آھيان. اڄ 15 مارچ جي حوالي سان تاريخ اوهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي. هن سان مون پنهنجو وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي آھي.
اڄوڪي تاريخي واقعن مان سنڌ جي سياسي اڳواڻن جي باهمي اختلافن جي مثالن سان ڀريا پيا آھن. مثال ”سنڌ سڀا" ٽٽي ۽ ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن" نالي ٻي جماعت قائم ٿي. "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽئ" عهدن تي اختلافن ٿيڻ ڪري ٽٽي ته " سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي" نالي ٻي جماعت ٺھي. "پيپلز پارٽي" ڀاء ڀيڻ جي اختلافن ڪري ٻن پارٽين ۾ ورهائجي وئي. مختصر لفظن ۾ ايئن چئجي ته سياسي اڳواڻن تاريخ جي اڪثر دورن ۾ سنڌ ۾ ”سياسي مفاهمت ۽ اتحاد“ بدران سياسي اختلاف پيدا ڪري قومي قوت ۽ سنڌ کي نقصان ڏنو. اسان جي دور ۾ سنڌ سطح تي ساڳين مقصدن لاء گهڻين پارٽين جو هجڻ به انھئ سلسلي جي ڪڙي آھي.
اڄوڪي تاريخ اهو به سبق ڏئي ٿي ته ڌارين اسان مان ئي ماڻھون چونڊي, اسان خلاف استعمال ڪرڻ جي روايت رکي, جيڪا اڄ تائين قائم آھي. اهڙا ٽي مثال اڄ تاريخ ڏنا آھن ۽ هتي شامل آھن.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
15.3.1835:
پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي سنڌ جي صورتحال کان باخبر ڪرڻ لاء لکي ٿو ته: 1). پيرو کوسي مير نور محمد کي دانهن ڏني ته بلمير ۾ فرنگي فوجي ڪمانڊر سندس پئ کي ڌمڪيون پيو ڏئي, ان جي واهر ڪريو. پر مير هن کي مايوس ڪن موٽ ڏني, 2). راجا رنجيت سنگ پنهنجو وڪيل چنيلال ڪابل موڪليو آھي ته ڏسي ٻڌي اچي ته اتي ڇا پيو وهي واپرجي, 3). مير نور محمد پنھنجي طرفان مرزا محمد باقر کي قلات موڪليو هو ته جيئن اتي حڪمرانن سان دوستئ جو معاهدو ڪري اچي. مرزا اهو معاهدو ڪري سنڌ موٽي آيو آھي, 4). جيسلمير جي حاڪم پنهنجي طرفان هڪ وڪيل ۽ سلامتراء منشي مير نور محمد ۽ مير نصير خان ڏي موڪليا آھن. اهي تحفا به کڻي آيا آھن.
15.3.1841:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ لوئر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي اجازت ڏني ته تون ڀلي سيد سليمان شاه ۽ سندس خاندان کي ڏوڪڙ ڏئي هٿ رک. ان سان حيدرآبادي دربار بابت گهڻو ڪجھ پتو پئجي ويندو.
15.3.1841:
ڪمپني سرڪار سنڌ ۾ سندن پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر آئوٽرام کي لکيو ته سنڌ جو نقشو ٺاهي موڪل.
15.3.1843:
نيپيئر اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته پتو پيو آھي ته مير شير محمد ٽيھ هزار فوجي گڏ ڪري ورتا آھن. پر خبر نه ٿي پئي ته هن وٽ نه ايترو پئسو آھي نه پاڻي. پوء ھو ايڏي فوج ڪيئن سنڀالي سگهندو. جيڪڏهن ضرورت پئي ته مون کي فيروزپور مان فوج گهرائڻي پوندي, پر ايڏو خرچ نه ڪندس. مان پنهنجئ فوج سميت هن لاء ڪافي آھيان.
15.3.1847:
سنڌ جي ڪمشنر ۽ ڪراچئ جي ڪليڪٽر وچ ۾ ھيٺ ڏسيل هنڌن تي پيئڻ جي پاڻئ جي مستقل بندوبست ڪرڻ بابت لکپڙھ ٿي:
ٺٽو, سونڊا, ڪياماڙي, منوڙو ۽ گذري.
15.3.1884:
حسن علي افندئ "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" جي نالي سان جماعت ٺاهي, جيڪا 1935 تائين فعال رهي.
15.3.1919:
سکر ۾ مسلمانن طرفان وڏي پئماني تي تعليمي ڪانفرنس ٿي جيڪا ٻه ڏينھن هلي.
15.3.1925:
سکر ۾ "جمعيت العلماء سنڌ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سنڌ جي برک عالمن شرڪت ڪئي. انھئ موقعي تي پارٽئ جا ھن ريت عهديدار چونڊيا ويا:
قاضي اسدالله شاه ٽکڙائي (صدر), مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا مير محمد نورنگزادو (ٻئي نائب صدر) ۽ مولانا دين محمد وفائي (سيڪريٽري).
15.3.1930:
حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربندئ جي موقعي تي وڳڻ ۾ لاڙڪاڻي جي "جمعيت العلماء سنڌ" جو ميڙاڪو ٿيو. هن گڏجاڻئ ۾ پارٽئ کي وڌيڪ فعال بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان کان سواء ”شارڌا ائڪٽ“ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بئراج جي کوٽائئ وقت مسجدن جي حرمت کي ڪو نقصان نه پهچي.
15.3.1838:
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنورئ 1938 کان ماتا جي وبا پکڙي. اڄوڪي تاريخ تائين 106 ڪيس ٿيا, جن مان 9 مريض مري ويا. سرڪار انھئ گنڀير صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي ضلعي اندر ميلن ملاکڙن تي پابندي مڙھي ڇڏي.
15.3.1936:
ڪراچئ ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ پارٽئ کي وڌيڪ فعال بنائڻ ۽ چونڊن ۾ ڀرپور حصي وٺڻ بابت فيصلا ڪيا ويا.
15.3.1934:
ايس.ايف.گولوالا "ڪراچي ايئرو ڪلب" جو ميمبر هو. هن هندستان جي تاريخ ۾ پهريون هوائي چڪر ڏيندي ڪراچي, ممبئي, احمد نگر,سچيندرآباد, بئنگلور, مدراس, ڪلڪتي, الله آباد, ڪانپور, آگري, دهلي, جوڌپور ۽ حيدرآباد جو هوائي سفر 48 فلائينگ اورس ۾ پورو ڪيو.
15.3.1953:
جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ”سنڌ عوامي محاذ“ جي پاليامينٽري بورڊ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ڪامريڊ صوڀي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ به شرڪت ڪئي. گڏجاڻئ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ ھن پارٽئ جي ٽڪيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ خواهشمند پنهنجون درخواستون جلد موڪلي ڏين.[ ياد رهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين جي.ايم.سيد پاليامينٽري سياست ڪئي, بلڪ پنھنجئ پارٽئ جي قيادت ڪئي.]
15.3.1955:
گورنر جنرل ڪوٽڙي بئراج جو افتتاح ڪيو.
15.3.1969:
محمد موسا جي جڳه تي يوسف هارون کي اولھ پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اهڙي تبديلي هن ڪري وقت جي تقاضا هئي ته ڀٽو سنڌ مان سياسي حيثيت بڻجي اڀري رهيو هو ۽ وڏي سرڪار کي انهئ موجهاري جو ڪجھ نه ڪجھ حل ڪڍڻو هو.
15.3.1973:
پير پاڳاري کي مخالف ڌر جي سياسي پارٽين جي اتحاد " يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" جي ائڪشن ڪميٽئ جو سربراه بڻايو ويو.
15.3.1981:
پاڪستاني جهاز ڀڄائي ويندڙن مسافرن کي آزاد ڪيو ۽ جهاز مان هٿ ڪڍيا. سندن اهم مطالبو مڃيندي, پاڪستان 54 قيدن آزاد ڪري چڪي هئي.
15.3.1995:
مير مرتضا ڀٽو پيپلز پارٽي (ش.ڀ) جي چيئرمني سنڀالي.
***************
[ڏينهن 15مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
15 مارچ 1874ع مشهور مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ مولانا محمد صادق کڏيواري جي پيدائش ٿي.
15 مارچ 1897ع سماجي ورڪر هري سُندر روپچند جي پيدائش ٿي.
15 مارچ 1897ع تعيلمي ماهر رسول بخش آخوند جي ولادت ٿي.
15 مارچ 1907ع شاعر حبيب الله فڪري جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1913ع شاعر امر لال ساڌواڻي (دادو / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1925ع ناليواري شاعر سليم ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1928ع شاعر لکمي چند پريم (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1930ع اسڪالر، لسانيات جي ماهر ۽ اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر غلام علي الانا جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1935ع صحافي الله ورايو صديقي (شڪار پور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1938ع صحافي رحمت الله سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1938ع شاعر ٽيڪچند مست (چوهڙ جمالي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1939ع شاعر منوهر بجلاڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1944ع ليکڪ سيد حبيب الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1949ع شاعر نور احمد ناشاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مارچ 1949ع شاعر سرويچ سومرو (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1951ع شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1951ع ليکڪ جاويد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1953ع شاعره، ليکڪا ۽ پبلشر نذير ناز جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1961ع ليکڪ فاروق احمد ڀٽو (بنگل ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1963ع شاعر قلندر باغي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1968ع صحافي نور ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1969ع اديب استاد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1975ع صحافي رياض ڀرچونڊ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع شاعر عطا الله ساگرابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع شاعر اڪمل ماٿيلوي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار عبد السلام ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1982ع شاعر تنها اصغرجو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1983ع ليکڪ عمران جيلاني جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
15 مارچ 1956ع شاعر سوڀراج “فاني” جو انتقال ٿيو.
15 مارچ 2001ع ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment