Tuesday 29 March 2022

Sindh History (March 30, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (30th March)
30th March
BIRTH DATES
Moulvi Ghulam Rasool (Shikarpur/Religious Scholar/ Born 30th March 1863),
Allah Bux Nizamani (Thari/Writer/ Born 30th March 1905),
Khadim Hussain ‘Hamdam’ Sarwari (Hala/Poet/ Born 30th March 1944),
M.Ashraf Afghan (Shahdadkot/Journalist/ Born 30th March 1970),
Ahmad Khan Ahmadani (Digri/Writer/ Born 30th March 1970),
Qalandar Bux Mangrio (Writer/ Born 30th March 1972)
, Dr.Makhmoor Bukhari (Hala/Scholar/ Born 30th March 1979),
Mir Bitab Paryo (Nawabshah/Poet/ Born 30th March 1980),
Suhail Akhtar Korejo (Piaro Goth/Writer/ Born 30th March 1981),
Dholan Jani (Daro/Poet/ Born 30th March 1983),
Ghulam Abbas ‘Wafa’ (Poet/ Born 30th March 1984).
DEATH DATES
Makhdoom Abu-al-Qasim (Thatto/Scholar/ Death 30 March 1726),
Mir Hassan Ali ‘Hassan’ (Hyderabad/Poet/ Death 30 March 1878).
EVENTS
1839: Colonel Pottenger recommends and requests Officer Commanding Thatta that army be instructed not to damage Shikargahs of Sindh Rulers while they are passing through their territory.
1918: The Sindh Provincial Conference opens in Karachi. It is being presided over by MurlidharJeramdas, a Pleader of Shikarpur. Nearly 500 delegates from all parts of Sindh are participating. Details are available on the website
1919: Sindh protest against Rowlaat Bill. Processions are taken out and meetings are held in major cities.
1954: An agreement is signed with NIPPON Electric Co. of Japan to establish two experimental T.V. stations at Lahore and Dhaka.
1955: Pakistani flag is desecrated at Kabul, Qandhar and Jalalabad.
1972: ‘Pakhtoonistan’ is no longer issue with our party, says NAP chief.
1973: Bhutto invites opposition for talks.
1979: Z.A. Bhutto’s habeas-corpus pleas are dismissed.
1984: Pakistan’s Nuclear program to continue, says Chief of Army Staff, General Abdul Waheed .
1995: President Frooq Laghari holds talks with MQM leaders in bid to restore peace and normalcy in Karachi.
Dur Muhammad Pathan: Sindh in History today (30th March). Research & Video Talk by Dr.Pathan
اسان تاريخ پڙھئون ٻڌئون گهٽ ٿا. پر تاريخ اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي ٿي جو ڪپاٽ ئي کلي وڃن ٿا.
* اسان ٻيلن ۽ شڪارگاهن جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي, پر 1839۾ انگريزن کي به اونو هو ته اهي تباه نه ٿين.
* انگريزن جي دور ۾ سنڌ جون صوبائي ڪانفرنسون ٿيون. انهن بابت هزار ڏيڍ صفحن جو سياسي ادب گل حيات جي ويب تي موجود آھي. 1918 وارئ اهڙي ڪانفرنس ۾ ڇا ٿيو, سو ڏنو اٿم.
* سنڌي جڏهن هندو مسلم ڪئمپن ۾ ورهائجي ويا ته ملڪي وحدت ۽ ٻڌي کي هاڃو رسيو. ڏسو 1927 ۾ ھندو مسلمان انڌ جي گهوڙي تي ڇو چڙھيا.
* اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ اڃا کوڙ ڳالهيون آھن. ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
30.3.1839:
پاٽينجر اڄ ٺٽي ۾ ترسيل/رکيل فرنگي فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل اسپلر کي خط لکي تاڪيد ڪيو ته فوجي ميرن جي شڪارگاهن کي نقصان نه پهچائن. شڪارگاه ميرن کي پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ پيارا آھن.
30.3.1851:
اتر سنڌ ۾ جيڪب آباد يا شڪارپور ۾ ”بگٽي ڪالوني" ٺاهڻ ۽ قيدي اسلام خان بگٽئ جي گهر وارئ جي سرڪار کان زمين گهرڻ بابت درخواست تي ڪمشنر جي اپر سنڌ جي ڪليڪٽر سان لکپڙھ ٿي.
30.3.1918:
ڪراچئ ۾ "سنڌ پراونشل ڪانفرنس" جي نالي سان هندو ۽ مسلمان, پارسين ۽ سکن جي گڏيل ڪانفرنس شروع ٿي. ان جي صدارت شڪارپور واري مرليڌر جيرامداس ڪئي. هن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان 500 وفدن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس جو تفصيلي احوال فقط گل حيات جي ويب تي موجود آھي
30.3.1919:
سرڪار طرفان اسيمبلئ ۾ پيش ڪيل "روولٽ ائڪٽ" بل جي مخالفت ۾ سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا. هن ائڪٽ کي ڪارو قانون به چيو ويندو آھي. ان سان سرڪار کي اختيار ڏنو ويو هو ته سياست ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف پنهنجئ مرضئ موجب ڪات ڪهاڙا کڻي.
30.3.1921:
سوامي امرداس ٻائي سکر مان هفتيوار "ڌرم وير" اخبار جاري ڪئي. هئ اخبار سالن جا سال هلي ۽ مسلمانن خواه سکن جي خلاف لکيو.
30.3.1927:
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هندن طرفان مسلمان مائي ڀڄائي گم ڪرڻ تي فساد شروع ٿي چڪا هئا. لاڙڪاڻي جي "هندو سڀا" ۽ "هندو پئنچات" سنڌ ۽ هند جي هندو اڳواڻن سان رابطا ڪيا. سندن واهر ڪرڻ لاء ھرچندراء وشنداس جي اڳواڻئ ۾ پرنسپال شاهاڻي, آر.بي.شيوارام, سيٺ لوڪومل, سيٺ ايسرداس ۽ سيٺ حڪومتراء وفد جي صورت ۾ ڪمشنر سان مليا.
***************
{ڏينهن 30 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
30 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول (شڪارپور) جي پيدائش ٿي.
30 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1941ع سياستدان ۽ اڳوڻي صدر وسيم سجادجو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1944ع شاعر خادم حسين همدم (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1945ع اديب آخوند عبدالحميدجو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1970ع ليکڪ احمد خان احمداڻي (ڊگهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 مارچ 1970ع صحافي ايم اشرف افغان (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 مارچ 1979عاسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1980عشاعر مير بيتاب پريو (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 مارچ 1981 ليکڪ سهيل اختر ڪوريجو (پيارو ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1984ع شاعر غلام عباس وفا جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
30 مارچ 1726ع بزرگ مخدوم ابو القاسم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو.
30 مارچ 1878ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مير حسين علي خان حسين جو انتقال ٿيو.
30 مارچ 2011ع اداڪاره روشن عطاجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment