Wednesday 23 March 2022

Sindh History (March 24, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (24th March)
24th March
BIRTH DATES
Asha Chand Punjabi (Mumbai/Artist/ Born 24th March 1951),
Gulsher ‘Pardesi’ (Dubi Masti/Poet/ Born 24th March 1976),
Mahboob Sindhi (Dadu/Poet/ Born 24th March 1982),
Saima Magsi (Gul Muhammad Magsi/Writer/ Born 24th March 1982),
Faiz Laghari (Lalhar/Writer/ Born 24th March 1984).
DEATH DATES
Hosh Muhammad Shidi (Originator of ‘Marvesoon Sindh na desson’, sacrificed his life while defending Sindh/ Death 24th March 1843).
EVENTS
1843: Charles Napier writes to Governor-General of India narrating battle between him and Mir Sher Muhammad. This letter has been written from Dubba, four miles from Hyderabad. It is important in a way also that it has indicated the death date of Hosho Shedi in this battle on 24th of March 1843.Whereas it is said and believed that HoshoShedi lost his life in the battle of Minani. Charles Napier writes: ‘ The forces under my command marched this morning at day-break. About half past 8 0’s clock we discovered and attacked the army under the personal command of the Mir Sher Muhammad, consisting of 20,000 men of all arms….. After a combat of about three hours, the enemy was wholly defeated with considerable slaughter, and the loss of all his standards and cannon.’ Napier ends his letter that:’Three Belochee chiefs fell in the action; one of them was the great promoter of the war,-- HOCHE Mahmud SEEDEE.’
1924: It was announced that the ‘National Baby Week’ will be celebrated in Karachi at various places and eminent Congress leader R.K.Sidhva will be its coordinator. In this connection the first program is held today at Lyari – the place, where people are witnessing heavy rains of bullets daily now. As per announcement, other programs will be held on 26.3.1924 at Old Town, on 30.3.1924 at Sadar and on 1.4.1924 at Kiamari.
1935: The branch of Indian National League is opened in Karachi. Details about its office-bearers and Aims & Objects are available at Gul Hayat website..
1941: In the public meeting held at Khalikdina Hall of Karachi, G.M.Syed presides over ‘Oath and Pledge Ceremony’ in the support of Pakistan. He starts reading it and is followed by participants. In that PLEDGE, it is said that we Muslims are different Nation and created by Allah with special Assignment, for translating it we need Pakistan. In this PLEADGE it is further said that any kind of sacrifice that is required by /for the cause will be made without any condition and objection.
1948: Urdu should be a common language of the country, says the founder of Pakistan, while addressing Annual Convocation of the Dhaka University.
1968: More arrests are made in connection with Agartala conspiracy. This drama was staged for years and none of accused was awarded any penalty or punishment. It is said that the script of that drama was written in West Pakistan as Bangladesh Flag was designed here and 6-poits were drafted here. It is said that some politicians of West Pakistan had decided to get rid of East Pakistan.
1985: Muhammad Khan Junijo is sworn in as the Prime Minister of Pakistan.
 
Dur Muhammad Pathan: Sindh in History today (24th March). Research & Video Talk by Dr.Pathan
اسان هن وقت جيڪو حالتن جو فصل لڻي رهيا آھيون, اهو اسان جي وڏڙن پوکيو هو. اسان پنهنجي عملن جو فصل پوکي رهيا آهيون, اهو مستقبل وارو نسل لڻندو. وڏڙن جيڪو فصل پوکيو, ان کي سمجهڻ لاء منھنجو اڄوڪو وڊيو ٽاڪ ٻڌو ۽ يوٽيوب تي شيئر ڪريو. هن ۾ شامل آھن:
1. نيپيئر جي لفظن ۾ دٻي جي جنگ جو تفصيل.
2. سائين جي.ايم.سيد 1941 ۾ پاڪستان ٺاهڻ لاء ڪهڙو حلف کڻايو ۽ وعدو ورتو؟
3. حڪومتن " راولپنڊي سازش ڪيس", " اگرتله سازش ڪيس" ڇو ٺاهيا؟
4. ڀٽي وانگر جوڻيجو به وزير اعظم ٿيو, پوء ھن جو ڪهڙو حال ٿيو؟
4. ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ
***************
توجھ طلب واقعا
***************
24.3.1839:
شاه شجاع جي نمائندي اڄ برنس کي لکيو ته ڪمپني حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته خيرپور وارو مير مبارڪ شاه شجاع کي ڏن طور ڏور ست لک رپيا ڏيندو ۽ ان کان سواء فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ لاء ھر سال هڪ لک روپيا ڏيندو.
ان ڪري اوهان اسان جي ستن لکن وٺي ڏيڻ لاء ترت قدم کڻو.
24.3.1843:
نيپيئر اڄ دٻي وارئ جنگ جي ميدان مان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مون جنگ ۾ مير شير محمد جي ويھ هزارن تي مشتمل فوج کي شڪست ڏني آھي. هن فوج مڙسئ سان وڙھندڙ ھوش محمد شيدي به ماريو ويو آھي.
24.3.1924:
ڪراچئ ۾ ”ڪراچي هيلٿ ائسوسيئيشن“ طرفان "ٻارن جو قومي هفتو" ملهائڻ وارين تقريبن جو آغاز ليارئ ۾ ٿيو. ان کان 26 تاريخ تي اولڊ ٽائون ۾, 30 تاريخ تي صدر ۾ ۽ پهرين اپريل تي ڪياماڙئ ۾ نمائش ۽ ليڪچر جو بندوبست ڪيو ويو.
24.3.1923:
لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور خلافتي اڳواڻ پير مٺل ٺلاهي 12 مهينا جيل جي سزا ڪاٽي آزاد ٿي آيو. سندس آزادئ جي خوشئ ۾ کيس آجياڻو ڏنو ويو ۽ ان موقعي تي محراب پور نزد ٺلاه جي خلافتئ مولوي غلام رسول جتوئئ شعر پڙهيو, جنهن جو هڪ بند آھي:
""مٺل پير پرڻجي آيو رات راڻي,
سکر جيل مان جارج پنجين جي نياڻي".
24.3.1935:
سنڌ ۾ ”انڊين نئشنل ليگ" جي شاخ کولي وئي. انھئ جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
24.3.1941:
ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ مسلم ليگ جي سهاري هيٺ مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو. انھئ موقعي تي مسلم ليگي اڳواڻ جي.ايم.سيد شرڪت ڪندڙن کان "پاڪستان بابت قسم" کڻايو. انھئ قسم نامي جو متن هي هئو:
"اسان جو اهو ڪامل يقين آھي ته اسان هندستان جا مسلمان ٻين هندستاني قومن کان ڌار ۽ جدا آھيون. اسان کي الله پاڪ وٽان دنيا ۾ ھڪ خاص مقصد لاء پيدا ڪيو ويو آھي. اسان جو ايمان آھي ته انسانذات ۾ جيڪي ملڪي, زباني, نسلي ۽ رنگي امتياز هٿراڌو پيدا ڪيا ويا آھن, سي ناجائز آھن. اسان جي سياست جو مقصد آھي ته روء زمين تي حڪومت الاهي قائم ڪئي وڃي. انھن مقصدن جي حصول لاء اسان جو ايمان آھي ته هندستان اندر پنهنجي خودمختيار آزاد حڪومت هئڻ گهرجي, تان ته پنهنجا اعلا مقصد ٻين جي مداخلت ۽ روڪ کان سواء حاصل ڪري سگهون. تنھن ڪري دارالسلام پاڪستان جنھن کي اسان هندستان جي مسلمانن لاء مسلم ليگ نصب العين مقرر ڪري رکيو آھي, سو ئي عملي ذريعو آھي.
آئون خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي, سچئ دل سان اقرار ڪريان ٿو ۽ وعدو ڪريان ٿو ته اڄ ڏينھن کان وٺي آئون پنهنجي خيالن خواه عملن کي اهڙئ طرح ڪم آڻيندس, جنهن سان تحريڪ پاڪستان کي مدد ملي.
آئون وعدو ٿو ڪريان ته پاڪستان قائم ڪرڻ لاء مسلم ليگ مون کي ڪنهن به قربانئ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته انهئ قرباني ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندس.
آئون ليگ جي ڪم ڪندڙن جي اخلاقي معيار کي بلند رکڻ ۽ سڄئ جماعت کي پاڪ ۽ صاف رکڻ لاء ھر وقت ۽ هر طرح ڪوشش ڪندو رهندس.
24.3.1955:
"راولپنڊي سازش ڪيس" جا ملزم ڇڏي, وري گرفتار ڪيا ويا.
24.3.1968:
"اگر تله سازش ڪيس" ۾ وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون.
24.3.1977:
پي.اين. اي وارن اعلان ڪيو ته هاڻي ڀٽي جي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون. حيدرآباد ۾ حالتون خراب ٿي ويون ته فوج گهرائي وئي.
24.3.1994:
”مخدوم غلام حيدر هاء اسڪول" هالا ۾ ”شھيد ھوش محمد شيدي ويلفيئر آرگنائيزيشن" طرفان "هوشو ڪانفرنس" ٿي, جنهن جي صدارت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي. جڏهن ته مخدوم شفيق الزمان خاص مهمان طور شريڪ ٿيو.
***************
{24 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
24 مارچ 1946ع اسڪالر ڊاڪٽر هدايت الله پريم(روهڙي) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1972ع صحافي ذوالفقار واهوچو جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1976ع شاعر گلشير پرديسي جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1978ع ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1982ع ليکڪ محبوب سنڌي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1982ع ليکڪا صائمه مگسي (گل مگسي) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1984ع صحافي فيض لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
24 مارچ 1843 ع هوش محمد شيدئ "مرويسون مرويسون, پر سنڌ نه ڏيسون" چوندي دٻئ جي جنگ ۾ لڙندي سنڌ تان جان قربان ڪئي.
24 مارچ 1932ع ديني عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولوي حاجي احمد ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو.
24 مارچ 2014ع سنڌي ٻوليءَ جو انقلابي شاعر راشد مورائي وفات ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment