Tuesday 8 March 2022

Sindh History (March 9, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (9th March)
9th March
BIRTH DATES
Rano Chandarsing (Politician & Ex-Minister/ Born 9th march 1931),
Mumtaz Mahar (Journalist & Politician/ Born 9th march 1942),
Manzoor Mashori (Larkano/Writer/ Born 9th march 1961),
Muhammad Aslam Soomro (Daro/Journalist/ Born 9th march 1963),
Saeed Shah (Writer/ Born 9th march 1969),
Abdul Karim ‘Awaz’ Chawro (Dargah Hassan Shah/Poet/ Born 9th march 1978)
DEATH DATES
Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (Dengan/Freedom Fighter/ Death 9th March 1924),
Hidayat Ali ‘Tariq’ Najfi (Lalu Rank/Poet/ Death 9th March 1939)
EVENTS
1917: A. Jeejibhoy speaks in a lecture program arranged by ‘Karachi Citizen’s Association’. Topic was the ‘Commerce and its cultivation’.
1945: The dismissal of Sardar Shukat Hayat Khan in Punjab is discussed and debated in the Punjab Assembly and action of the Governor is termed as unconstitutional.
1949: The Sindh Assembly appoints ‘Select Committee’ consisting of three ministers and five MPAs to discuss “Tenancy Act’. Select Committee members are Mir Ghulam Ali Talpur (Minister), Kazi Fazul-ullah (Minister), Agha Ghulam Nabi Pathan (Minister), Moula Bux Soomro, GhulamRasoolJatoi, NabiBux Bhutto, Jaffar Khan Jamali and TahilramTeckchand.
1951: Prime Minister Liaquat Ali Khan discloses conspiracy against Government; it gives birth to ‘Rawalpindi Conspiracy case’. Case is registered against Major General Akbar Khan, Brigd. Latif, Faiz Ahmad Faiz and others. It was first strong action against Communists in Pakistan.
1956: Moula Bux Soomro is inducted as state minister.
1972: Martial Law will be lifted on August 14. Bhutto makes announcement on Radio and T.V network.
1981: President Zia contacts Hafiz al-Asad of Syria on telephone to seek his help for release of PIA plane and passengers.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
[تاريخ پڙھو ۽ ڀيانڪ حالتن جي چڪڻ مان چڙھو]
اڄ 9.2.2022 جي تاريخ آھي. هر روز جيان اڄ به سج اڀرندو, صبح ٿيندو ۽ دعائن سلامن سان در محمد اوهان جي در تي ايندو. آئون تاريخ جو نمائيندو ۽ ترجمان ٿي اوهان کي 9 مارچ جا واقعا, ولادتن ۽ وفاتن جي معلومات عرض رکان ٿو.
دوستو! قوم جڏهن قدرن ۽ نظرين بدران شخصيتن کي مٿاهون سمجهنديون آھن ته اهي فرسودي نظام بدلائڻ بدران "منڍئ-مٽ" ڪنديون آھن. اهي حڪومتون ته بدلائي سگهنديون آھن, پر پاڻ يا پنهنجو مقدر نه بدلائي سگهنديون آھن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان صدين کان نظام بدلائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آھي. ان ڪري اسان جي سورن جا مذڪور کٽا ڪين آھن.
***************
توجه طلب واقعا
***************
9.3.1851:
سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري جبلن ۾ ڀڄي ويندڙ قبيلن جهڙوڪ بگٽي, مري, ڊوڪي ۽ کيتران وغيره تي فرنگي حڪومت مهم جوئي ڪري گرفتار ڪيو ۽ پوء انھن کي ڪئمپون ٺاهي آباد ڪيو ته جيئن کين سنڌي سماج جو اٽوٽ انگ بڻائجي. بگٽين جي هڪ ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ ٺاهي وئي هئي. اسلام خان بگٽئ کي اتر سنڌ ۾ رکيو ويو پر سندس وني ۽ ٻار لاڙڪاڻي ڪئمپ ۾ رکيا ويا هئا. اڄ اسلام خان بگٽئ سرڪار کي استدعا ڪئي ته سندس ونئ ۽ ٻارن کي اجازت ڏيو ته مون سان رهن.
9.3.1917:
اسان جي وڏڙن انگريزن مان جند ان ڪري ڇڏائي جو انھن انھئ عظيم مقصد لاء پنهنجو پنهنجو ڪم ڪيو. انھئ دور ۾ سماجي ۽ سياسي پارٽيون ڄڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا هيون. انھن عام راء ٺاهڻ ۾ هڪ جيترو ڪم ڪيو. هي اهو وقت هو جو عوام کي ٽڪي جي نوڪري ڪري سرڪاري غلامئ بدران ماڻھن ۾ هنر ۽ تجارت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويو.
اڄ ڪراچئ جي "سٽيزنس ائسوسيئيشن" تجارت ۽ واپار جي اهميت تي ليڪچر ڪرايو
9.3.1918:
"الحق" اخبار اڄ پنهنجي ايڊيٽريل ۾ سنڌي مسلمان اڳواڻ سياستدانن جي روش تي سخت تنقيد ڪئي ۽ لکيو ته اسان جي مسلماني فقط نالي فقط نالي جي مسلماني آھي. مسلمانن کي قومي ڪمن ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي... پاڻ پنهنجي مدد نه ٿا ڪريون, پر ٻين اڳيان مدد لاء ھٿ ٽنگيون ٿا.
9.3.1946:
سنڌ ممبئئ کان الڳ ٿي ۽ سنڌين پنهنجيون حڪومتون ٺاهيون ته انهن مان الله بخش سومري ۽ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومتن کي عوامي مفادن مطابق ڪم نه ڪرڻ واري جواز تي جي.ايم.سيد جهڙي سگهاري ۽ پارليامينٽري سياست تي اثرانداز ٿيندڙ سياستدان هٿان شديد مخالفت ڏٺي. هن دور ۾ حڪومتون ڊاهيون ۽ ٺاهيون ويون.
اڄ "قرباني" اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته :"اڄ سنڌ جي وڏي کان وڏي ضرورت ۽ تقاضا اها آھي ته موجوده بي جوابدار ۽ نالائق وزارت کي ڊاهي ان جي بجاء ھڪ ذميوار, ايماندار ۽ پبلڪ جي خيرخواه وزارت قائم ڪئي وڃي." ياد رهي ته هئ اخبار جي.ايم.سيد جي هئي.
9.3.1949:
اڄ ٽن وزيرن ۽ پنجن اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل هڪ سليڪٽ ڪميٽي ٺاهي وئي ته جيئن "سنڌ ٽينھسي ايڪٽ“ بابت پنهنجي راء ڏين. ان جا ميمبر هئا: مير غلام علي ٽالپور (وزير), قاضي فضل الله (وزير), آغا غلام نبي پٺاڻ (وزير), مولا بخش سومرو, غلام رسول جتوئي, نبي بخش ڀٽو, جعفر خان جمالي ۽ ٽهلرام ٽيڪچند.
9.3.1951:
ملڪي وزير اعظم انڪشاف ڪيو ته حڪومت خلاف وڏي سازش پڪڙي وئي آھي. ان جي پوئواري ڪندي فيض احمد فيض, ميجر جنرل اڪبر ۽ برگيڊيئر لطيف کي ٻڌو ويو.
ياد رهي ته وزير اعظم کي پهريون روس دعوت ڏني هئي, پر هن روس بدران آمريڪا جو دورو ڪيو هو. اها ڳالھ اڳتي هلي ملڪ ۾ ڪميونسٽ سوچ رکندڙن خلاف وئي.
9.3.1981:
جڏهن "الذوالفقار" تنظيم پاڪستان جو هائجيڪ ٿيل جهاز افغانستان مان اڏائي دمشق پهتا ته جنرل ضياء الحق اڄ حافظ الاسد سان فون تي ڳالهائي مامري سلجهائڻ ۾ مدد گهري.
***************
{9 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
9 مارچ 1846ع شاعر آخوند فقير محمد ”عاجز“جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1931ع سايستدان راڻا چندر سنگهه جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1942ع ليکڪ، نقاد ۽ صحافي ممتاز مهرجي پيدائش ٿي.
9 مارچ 1961ع ليکڪ منظور مشوري جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1963ع صحافي محمد عالم سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مارچ 1969ع ليکڪ سعيد شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1975ع صحافي صفدر وڳڻ جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1978ع شاعر عبدالڪريم آواز چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
9 مارچ 1924ع سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي وفات ٿي.
9 مارچ 1939ع شاعر فقير هدايت علي نجفي تارڪ جو انتقال ٿيو.
9 مارچ 1985ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر جي الانا جو انتقال ٿيو.
9 مارچ 2000ع سرائيڪي زبان جو ناميارو لوڪ راڳي پٺاڻي خان انتقال ڪري ويو.
9 مارچ 2010ع شاعر، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ملڪ نديم جو انتقال ٿيو.
 

No comments:

Post a Comment