Tuesday 15 March 2022

Sindh History (March 16, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (16th March)
16th March
BIRTH DATES
Mirza Nadar Beg (Short Story writer/ Born 16th March 1891),
Agha Abdul Nabi Aleg ‘Agha’ (Shikarpur/Poet/ Born 16th March 1903),
Muhammad Bachal Tunio (Larkano/Writer, Politician/ Born 16th March 1938),
Valiram Valabh (Islamkot/Short Story writer/ Born 16th March 1941),
Ata-u-Rahman Memon (Dadu/Writer/ Born 16 march 1952),
Haresh Maidasani (Nagpur/Artist/ Born 16th march 1955),
Nazar Lakhani (Wada Lakha/Poet/ Born 16th march 1956),
Haji Nizam-u-din Aalmani (Dokri/Folklore Poet/ Born 16th march 1958),
Lal Lakyari (KN Shah/Poet/ Born 16th march 1958),
‘Sail’ Sindhi (Kanhri/Poet/ Born 16th march 1964),
Rasheed Rajar (Ramzan Rajar/Journalist/ Born 16th march 1964),
Aziz Qasmani (Jumo Khan Chandio/Poet/ Born 16th march 1971),
Aram Mehboob (Hyderabad/Poetess/ Born 16th march 1975),
Tariq Aslam Shaikh (Shahdadkot/Writer/ Born 16th march 1980),
Abdullah Abal ‘Udas’ (Dadu/Poet/ Born 16th march 1980).
DEATH DATES
Pir Haji Hidayatullah Shah Rashdi (Thullah/Religious Scholar/ Death 16 March 1914),
Kazi Muhammad Qasim (moro/Writer/ Death 16 March 1961),
Arjun Bhambhani (Writer/ Death 16 March 2012).
17th March
Pir Turab Ali Shah Rasdi (Kamber/Freedom Fighter/ Death 17 March 1938),
Munshi Abdul Shakoor (Hyderabad/Journalist/ Death 17 March 1980),
Data Vilayat Ali Shah (Himbah/Poet/ Death 17 March 1982).
EVENTS
1916: The meeting of the Sindh Graduates Association is held in the office of Young Amils’ Association, Burns Road Karachi to fix Aims & objects and to pass Rules & bye-laws.
1922: Sindhi Press asks people to boycott all official events to be organized to welcome Prince of Wales on the eve of his visit to Sindh.
1936: Ali Muhammad Delhvi, the President of Bombay Legislative Council arranges Farewell Party in honour of members from Sindh. As due to separation of Sindh, they ceased to be members of the Bombay Council.
1965: IMF authorizes Pakistan to draw amount of 37,500,000 over the next 12 months to better its balance of payment situation.
1966: West Pakistan High court dismisses petitions challenging the detention of opposition leaders under DPR.
1971: U.N experts leave Dhaka and Moulana Abdul HameedBhashani declares his full support to ShaikhMujeeb in his Bengali nation struggle.
1972: NED and Tando Jam colleges are upgraded as universities.
1977: PNA’s protest rallies defy legal ban on demonstrations. PNA workers court arrested.
1996: Prime Minister Benazir Bhutto performs ground breaking ceremony of the Karachi Hass Transits project.
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روز جيان اڄ به 16.3.2022 تي اوهان لاء دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جي جهولي ڀري, اوهان کي اوهان جي تاريخ ٻڌائڻ لاء حاضر ٿيو آھيان. اڄ سٻاجهئ سنڌ جي تاريخ مان 16 مارچ جو ڏينھن جا ڪي واقعا ٻڌائڻ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات پيش ڪندس. هن سان گڏ پنهنجو وڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
تاريخ اسان سان ڳالهائي ٿي ۽ ان کي غور سان نه ٿا ٻڌون ته پاڻ ورجائي ٿي ته من ڪو مون کي ٻڌي پنهنجي سوچن ۽ لوچن جا قبلا درست ڪري.
اڄ ٽي واقعا ٻڌائن ٿا ته تاريخ پاڻ ورجائي رهي آھي. 1). هڪ واقعو ڪراچئ جي مالڪئ/وارثئ جو آھي. ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ جو اٽوٽ حصو آھي. پر لڳي ٿو ته تاريخ ڪجھ محسوس ڪري ٿي ته متان ان تي مالڪئ جهڙا اختيار ۽ ڪراچئ جا ذريعا وسيلا اقتدار-ڌڻي رضا خوشئ سان ٻين کي لکي ڏين.
2).ٻيو تاريخ ورجائڻ وارو واقعو اهو آھي, جيڪو 1977 ۾ ٿيو. مٿيئن سطح جي سياست ۾ لڙ ٿيندو پيو وڃي, جنھن مان ڪانون کي ان مان مزو ملي سگهي ٿو. مهاڏو اٽڪائيندڙ سڀئي ڌريون ملڪ کي انارڪئ طرف وٺي وڃي سگهن ٿيون. تاريخ يادگيرو ڏياري هوشيار ٿي ڪري ته عوام باه جو ٻارڻ نه ٿئي. ڇو ته هئ اقتدار جي جنگ آھي ۽ عوام لاء ناهي. سمورين ڌرين مان 99 سيڪڙو ساڳي ئي گهر مان جنم ورتو ۽ ساڳي ئي کوه تان پاڻي پي اسريون ۽ اڀريون آھن. جت پنھونء جا ڀائر آھن. اهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وڏڙن جي بي فرماني به ڪندا آھن. انھن ڪي ڪن-مهٽ ۽ ڪنهن گهربل مقصد/ فيصلي لاء پنھنجي ئي ٻچڙن جي رڌڻي ۾ رولو به وجهرائبو آھي.
3). ٽيون واقعو 1971 جو آھي. ڀاشانئ جهڙي بزرگ سياستدان ثابت ڪري ڏيکاريو ته پنهنجي ذاتي حيثيت ۽ گروهي مفاد قومي مفادن کان مٿي نه ٿيندا آھن.
اهو آئون نه ٿو چوان, پر تاريخ اوهان کي ٻڌائڻ سمجهائڻ گهري ٿي.
***************
توجه طلب واقعا
***************
16.3.1916:
جيئن هن وقت سنڌ ۾ ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن" آھي, ايئن انگريزن جي دور ۾ انھئ نالي سان شڪارپور ۾ الڳ ۽ ڪراچئ ۾ الڳ سماجي تنظيمون هونديون هيون. اڄ ڪراچئ واري "سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن" جي گڏجاڻي ٿي,جنهن ۾ تنظيم جا پيٽي قاعدا منظور ڪيا ويا.
16.3.1922:
فرنگي سرڪار سنڌ پريس تي دٻاء رکيو هو ته سڀاڻي پرنس آف ويلس ڪراچئ اچي رهيو آھي ۽ پريس عوام کي بدگمان نه ڪري. انھئ تاڪيد باوجود سنڌ پريس نه مڙي ۽ ان کان سواء پارٽين پوسٽر ڇپرائي ماڻھن کي هڙتال ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو.
16.3.1936:
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل هڪ صوبائي ڪائونسل هئي ۽ 1936 تائين ڪيترا سنڌي ان جا ميمبر ٿي ويا. انھن جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
جڏهن سنڌ ممبئئ کان الڳ ٿي ۽ ان جي پنهنجي ليجسليٽو اسيمبلي ٺھي ته پوء سنڌ مان ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر ڪونه ٿيندا هئا. اڄ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي صدر علي محمد دهلوئ ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن کي الودائي پارٽي ڏني.
16.3.1957:
ڪراچي, سنڌ جي جان آھي. 1839 ۾ انگريزن پنهنجي قبضي ورتي ته پوء کين سنڌ ڦٻائڻ ۾ آساني ٿي. پاڪستان ٺھيو ته پهريون ڪراچئ کي گادئ جو شهر بڻائي سنڌ لاء دکن دردن جي لکڻ جو آغاز ڪيو ويو. اڳتي هلي مرڪز هن شهر کي پنهنجي هٿ هيٺ رکيو. سنڌ جي سياستدانن اڪيلي سر ايوانن ۾ دانھون ته ڪيون, پر انھئ ڪاپاري ڌڪ کان بچڻ يا ڪنڌ ڇڏائڻ لاء عوامي مزاحمتي تحريڪ هلائي نه سگهيا. سنڌي صحافت هن ويڌن تي خاموش نه رهي. اڄ ”مهراڻ“ اخبار ايڊيٽوريل لکيو. ان جو عنوان هو: "خدا کان ڊڄو". اخبار لکي ٿي ته : "سنڌ, ڪراچئ جي اڏن ۽ مڏن تي پنجاه ڪروڙ روپين کان مٿي خرچ ڪري چڪي هئي. ليڪن سنڌ اسيمبلئ جي متفق مخالفت باوجود هڪ ئي ڌڪ سان ڪراچئ کي سنڌ کان ڪاٽي مرڪز جي ماتحت ڪيو ويو ۽ سنڌ جا خرچ ڪيل ڪروڙين روپيا بنا ڌڪار هضم ڪيا.
16.3.1971:
اقوام متحده جا ماهر اوڀر پاڪستان مان نڪري ويا. مولانا ڀاشانئ بيان ڏنو ته هو شيخ مجيب جي قيادت ۾ هلندڙ عوامي تحريڪ جي غير مشروط پٺڀرائي ڪري ٿو. هن پنهنجي قومي مفاد ڪري ذاتي مفاد ۽ حيثيت کي قربان ڪيو. [ان ڪري اتي پندرهن مان پنج ٿيا ۽ اسان وٽ پنجن مان پندرهن ٿيندا رهن ٿا. قومي مقصد ڪري ڪيترا پنهنجي پارٽي يا قائدانه حيثيت تان هٿ کڻڻ لاء هت تيار نه ٿيندا]
16.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي جلوسن ڪڍڻ تي لڳايل پابندئ جي ڀڄڪڙي ڪندي مختلف شھرن ۾ جلوس ڪڍيا ۽ ڪيترن هنڌن تي ڪارڪنن پنهنجيون گرفتاريون ڏنيون.
***************
{ڏينهن16 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
16 مارچ 1891ع ليکڪ مرزا نادر بيگ (حيدرآباد) جي پيدائش ٿي.
16 مارچ 1903ع ليکڪ آغا عبدالنبي عليگ (شڪار پور) جي پيدائش ٿي.
16 مارچ 1909ع مشهور مزاحيه شاعر امام الدين ضامن(دٻي / ميهڙ) جي پيدائش ٿي.
16 مارچ 1938ع ليکڪ ۽ سابق سياستدان محمد بچل تنيو (لاڙڪاڻو) جي ولادت ٿي.
16 مارچ 1907ع مشهور ليکڪ ليکڪ ولي رام ولڀ(اسلام ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1952ع ليکڪ عطا ميمڻ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1952ع ليکڪ عبدالرحمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1955ع اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ميداساڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1958ع سگهڙ نظام عالماڻي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1958ع ليکڪ لال لڪياري (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1964ع صحافي راشد راڄڙ (رمضان راڄڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1964ع شاعر سائل سنڌي (ڪنهري) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1975ع شاعره ارم محبوب(مهتاب محبوب جي ڌيء) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1980ع ليکڪ طارق عالم شيخ (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
16 مارچ 1980ع شاعر ابل اداس ٻٻر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
16 مارچ 1914ع مذهبي اسڪالر پير حاجي هدايت الله راشدي جو انتقال ٿيو.
16 مارچ 1961ع ليکڪ قاضي محمد قاسم (مورو) جو انتقال ٿيو.
16 مارچ 1982ع بزرگ سيد ولايت شاهه جيلاني جو انتقال ٿيو.
16 مارچ 1996ع ناليواري راڳي فوٽو خان زرداري وفات ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment