Saturday 5 March 2022

Sindh History (March 6, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (6th March)
6th March
BIRTH DATES
Abdul Nabi Agha (Born 6th March 1903),
Pir Sabghatullah Shah alies Soorih Badshah (Pagaro & Freedom Fighter/ Born 6th March 1909),
Hakim Muhammad Salih Lakho (Budho Dahri/Poet/ Born 6th March 1921),
Arjun Aatmaram Sachani (Sukkur > Rajkot/Writer/ Born 6th March 1934),
Manohar Matai (Karachi > New Delhi/Poet/ Born 6th March 1938),
Dr.Abdul Rahman Qureshi (Ghotana/Scholar/ Born 6th March 1938),
Ameen Thebo (Writer/ Born 6th March 1952),
Ayaz Gul (Sukkur/Poet/ Born 6th March 1959),
Khald Veesar (shikarpur/Poet/ Born 6th March 1979),
Saeed Sachai (khairpur Nathanshah/Poet/ Born 6th March 1980),
‘Azad’ Anwar Kandhro (Ahmad Khan Kandhro/Poet & Journalist/ Born 6th March 1980).
NOTE: Moosa Khokhar ,
Barkat Noonari
Fahmida Soomro was also born on 6th of March.
DEATH DATES
Jam Sadiq (Ex-Chief Minister Sindh/ Death 6th March 1992),
Allah Bux ‘Anees’ Ansari (Larkano/Poet & Short story writer/ Death 6th March 2000).
EVENTS
1843: Governor-General of India requests Charles Napier to take up himself the Government of of the Province of Sindh and also intimates him that he had asked the Commander-in-Chief to send two regiments of infantry and one of artillery to Sukkur, so as to protect invaded Sindh country from any threat.
1916: Annual General meeting of the Zorastrian Club of Karachi is held to elect new office-bearers. Those elected are: K.B.Nusserwanji R. Mehta (Father of Jamshed Mehta/President), Dhanji Shaw Jamsetji&BurjorajC.Dubash (Vice Presidents), KawasjiH.Katrak (Chairman of Managing Committee), RuttonjiByramjiEdulji&NadirshawR.Mehta (Joint Secretaries), H.P.Byramji (Treasurer) and B.P.Golwalla (Hon.Steward)
1920: RaisGhulam Muhammad Bhurgri writes to the Governor of Bombay and demands curtail of powers of Sindh Commissioner.
1934: Dow Committee Report recommends Government for the separation of Sindh from Bombay Presidency one year earlier than promulgation of new scheme of Reforms.
1953: Following widespread rioting against Qadyanis, Punjab is put under military rule. General Azam is appointed M.L.A.
1971: General Tikka Khan is appointed as Governor of East Pakistan replaces S.M.Ahsan.
 
آئون اوهان جو خيرخواه ۽ خادم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ 6.3.2022 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, اوهان کي 6 مارچ جي حوالي سان توجھ طلب واقعن ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. هن سان گڏ ساڳي موضوع تي وڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
دوستو! ڪاپي ڪلچر اسان جي نئين نسل جي هٿن مان ڪتاب کسي ورتا, وبائي بيمارئ جي ڊپ ۾ اسان سال تعليمي ادارن کان پري رهياسين. ايئن لکڻ پڙھڻ جي عادت ئي مٽبي رهي آھي. ٻه ڪن آھن, پر ٻڌئون نه ٿا. ٻه اکيون آھن, پر پڙھون ٿا. مٿان مصيبت اها اچي ڪڙڪي آھي ته اسان پاڻ کي عالم ۽ علم جا اڪابر سمجهي, ٻئي کي ٻڌڻ لاء تيار ناهيون. لاچار کان جيڪو پڙھون ٿا, اهو فقط پنهنجي گروه, پارٽئ يا نظريئي واري جو پڙھون ٿا. اسان ڄڻ ڏاهپ, اضافي ڄاڻ ۽ حڪمت جا دروازا پاڻ تي بند ڪري ڇڏيا آھن. اهڙئ صورتحال ۾ اوهان دلچسپئ ۽ غور سان سنڌ جي تاريخ پڙهو ٿا. سچ پڇو ته ائين عظيم قوم جي ساڃھ-وند فرد هجڻ جي ثابتي ڏيو ٿا. تاريخ جي لفظ لفظ ۾ ڏاهن لاء ڏس هوندو آھي.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
6.3.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو اڄ نيپيئر کي سنڌ فتح ڪرڻ تي مبارڪ ڏني ۽ لکيو ته
1). سنڌ جو انتظام اوهان سڀاليو,
2). سکر ۾ وڌيڪ فوج رکي بچاء ڪيو ته متان اتر کان اوهان اسان تي ڪو چڙھائي ڪري,
3). لکپت وٽ سنڌوندئ جي ڇوڙ ۾ پيل رڪاوٽون ختم ڪرايو ته پاڻي آسانئ سان سمنڊ ۾ وڃي,
4). سنڌ جو نقشو تيار ڪرايو, جنهن ۾ خيرپور رياست, ميرپور ۽ اسان جي علائقي کي مختلف رنگن ۾ ڏيکاريو.
6.3.1857:
سنڌ جي ڪمشنر سوچيو ته ڪراچئ ۽ سيوهڻ وچ ۾ جبلن منجهان ريل هلائجي. ان لاء ريلوي وارن کي سروي جي ڪم لاء چيو ويو
6.3.1916:
پارسي واپاري ڪميونٽئ طور سنڌ ۾ آيا ۽ تجارت ۾ وڏو نالو ڪمايائون. هن ڪميونٽئ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي دل تي سنڌ جي سماجي,تعليمي ۽ سياسي خدمت ڪئي. ڪراچئ ۾ پارسين تعليمي ادارا ٺاهيا, ٿيئيٽر قائم ڪيا, ڪلبس جوڙيون ۽ سماجي طور تي پاڻ کي منظم ڪيائون. "زوريسٽرين ڪلب" سندن هڪ آڳاٽي ڪلب هئي. اڄ ان جو ساليانو ميڙ ٿيو ۽ ڪلب لاء نوان عهديدار چونڊيا ويا. نامور ميئر ۽ سنڌ دوست سياستدان جمشيد مهتا جي پئ خانصاحب نسروانجي آر مهتا کي انھئ ڪلب جو صدر چونڊيو ويو.
6.3.1920:
نامور سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ اڄ ممبئئ جي گورنر کي لکيو ته سنڌ جي ڪمشنر کي جيڪي 1898 واري ائڪٽ مطابق اختيار ڏنا ويا آھن, اهي کانئس واپس وٺو. ڇو ته انھن اختيارن ڪري هو ڪنهن وزير جي به ڪونه ٿو ٻڌي.
6.3.1953:
پنجاب جي سر زمين استعمال ٿي ۽ اتي "احمدي مذھب" جنم ورتو. اتان ئي قاديانين خلاف وڏي تحريڪ هلي. انھئ ڪري جڏهن پنجاب وڳوڙن ۾ وڪوڙجي ويو ته اڄ اتي مارشل لا لڳائي جنرل اعظم خان کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.
6.3.1968:
تربيلا ڊيم جي اڏاوت جو ٺيڪو 827 ملين ڊالرس ۾ ”اٽلين-فرينچ ڪنسورشيم" کي ڏنو ويو.
6.3.1971:
لفٽيننٽ جنرل ٽڪا خان کي اوڀر پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن سان منسوب آھي ته اتي عهدي سنڀالڻ بعد چيو هو ته اسان کي ماڻھن جي نه, پر ڌرتئ جي اون ضرورت آھي.
6.3.1981:
جهاز ڀڄائي ويندڙ ”الذوالفقار" تنظيم اڄ ڪئپٽن طارق رحيم کي ماريو ۽ پاڪستان حڪومت کان گهر ڪئي ته 8 مارچ تائين سندن مطالبا مڃيا وڃن, ٻئ صورت ۾ تنظيم نتيجن جي ذميوار نه هوندي.
***************
{6 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
6 مارچ 1903ع سياستدان آغا عبدالنبي (سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي .
6 مارچ 1909ع سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي ولادت ٿي.
6 مارچ 1921ع شاعر محمد صالح لاکو (ٻڍو ڏاهري) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1934ع ليکڪ ارجن سچاڻي (سکر / راجڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1938ع اسڪالر عبدالرحمان قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1938ع ليکڪ منوهر مٽائي (ڪراچي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1952ع ليکڪ امين ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1959ع مشهور شاعر اياز گُل(سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1980ع شاعر سعيد سچائي (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1980ع ليکڪ آزاد انور ڪانڌڙو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
6 مارچ 1967ع ديني عالم ابوبڪر شبلي(لاڙڪاڻو) جي وفات ٿي.
6 مارچ 1992ع سياسستدان ۽ اڳوڻو وزير اعلى ڄام صادق علي وفات ڪري ويو.
6 مارچ 2000ع ليکڪ ۽ شاعر الله بخش انيس انصاري جو لاڏاڻو ٿيو.
6 مارچ 2001ع ليکڪ ۽ شاعر انور ضياء عباسي(ميهڙ) انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment