Sunday 13 March 2022

Sindh History (March 14, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (14th March)
14th March
BIRTH DATES
Veeromal Tahilyani (Padedan > Ajmir/Freedom Fighter/ Born 14th March 1910),
Lal Bin Yousif (Hyderabad/Poet/ Born 14th March 1920),
Bardo Sindhi (Makan Kori/Poet/ Born 14th March 1922),
Miral Joyo (Abdul Rasool Joyo/Poet/ Born 14th March 1930),
Doulat Thanwani (Shahdadpur > Ajmir/Artist/ Born 14th March 1935),
Sarwech Sujawali (Ibrahim Tarro/Poet/ Born 14th March 1937),
Nashtar Nathanshahi (Garhi/Poet/ Born 14th March 1939),
Syed Shabir ‘Hatif’ (Thukhar/Poet/ Born 14th March 1940),
Moulana Azizullah Bohiyo (Khair Muhammad Bohiyo/Religious Scholar & Politician/ Born 14th March 1946),
Adeeb Inqlabi (Gahi Khan/Writer/ Born 14th March 1959),
Qaimuddin Sahito (Folklore Poet/ Born 14th March 1960),
Khadim Sodhar (Khairpur Nathanshah/Poet/ Born 14th March 1976),
Aijaz Qadir Mahar (Poet/ Born 14th March 1979),
Raja Wasim Abro (Hothi/Poet/ Born 14th March 1980),
Imtiaz Khaskheli (Berani/Poet/ Born 14th March 1985),
Hosh Muhammad ‘Dard’ Abro (Jeal Kolab/Poet/ Born 14th March 1989),
EVENTS
1843: The Government of India announces to prepare Standards of three colours of Military Ribbon of India, inscribed with words ‘Hyderabad 1843’ to be presented to ‘Sindh Horse’ for defeating enemy in battle of Meanee.
1932: Under Section 16 of the Indian Criminal Law Amendment Act, 1908 (X1V of 1908), Congress Committees of Karachi and Nawabshah and their branches are declared unlawful.
1944: The Sindh Provincial Muslim League elects G.M.Syed as president and Syed GhulamHyder Shah of Mirpurkhas as General Secretary.
1951: Cash prize of Rs.5000 is announced by the Government for proving information regarding where about of Syed SajjadZaheer, the master mind of the Rawalpindi conspiracy.
1952: Urdu is and will remain official language in Sindh, says Khuhro, the president of Sindh Muslim League,
1954: Governor’s rule is imposed in East Pakistan.
1969: Moulana Moudoodi asks his party men to fight against menaces of Socialism.
1975: Z.A.Bhutto, the Prime Minister of Pakistan inaugurates Larkana Sughar Mills.
1977: PNA is on roads. Processions are taken out in various cities of Punjab.
 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سڄڻو! 14.2.2022 جي تاريخ آھي. آئون دعائن,سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان سج ۽ صبح سان گڏ اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. دعا آھي ته اهو صبح ٿئي جنهن ۾ صدين جي اونداهي سوجهري ۾ بدلجي وڃي ۽ سونھن ۽ سچ جي روشني ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وڃي ۽ امن امان, سک ۽ سڪون اسان جو در ئي نه ڇڏن.
اڄ مان 14 مارچ جي حوالي سان اوهان کي اوهان جي تاريخ جا ڪجھ واقعا ۽ ٻي معلومات ٻڌائيندس. پنهنجو وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي اٿم.
تاريخ ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿي ته اسان جا حاڪم ۽ حڪمران ڏکين حالتن کي بهادرئ سان منھن ڏئي نه سگهيا. پنهنجي مفاد لاء سنڌ ۽ سنڌين کي قربانئ جو ٻڪرو بڻائيندا رهيا. پوء وري اسان مٿان اهڙو وقت آيو ته اسان پنهنجي حاڪمن, اقتدار-ڌڻين ۽ اڳواڻن جي غير مشروط پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. مئن ۽ زنده آدرشن کي مافوق الفطرت هستيون ڄاڻي عبادت ڪرڻ, نظرين ۽ قدرن کان اتم ۽ اهم ڄاڻڻ شروع ڪيو. اهو ئي اڄ به اسان جي زندگئ جو عظيم مقصد آھي. انھئ داخلي غلامئ مان دڳ ڪڍڻ لاء اسان کي تاريخ مان سبق وٺڻو پوندو, پاڻ کي بدلائڻو پوندو نه ته حالتون ڪونه بدلبيون
***************
توجه طلب واقعا
***************
14.3.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ شڪارپور ۾ مقرر ڪيل سياسي مامرن کي سنڀالڻ واري عملدار کي هدايت ڪئي ته هر هڪ مير کان شاه شجاع لاء ست ست لک روپيا ڏن وٺ. جيئن ته مير رستم علئ اسان کي مفت ۾ بکر جو قلعو ڏنو آھي, ان ڪري هن کان ڪجھ به نه وٺبو. ليڪن مير مبارڪ خان کان ست لک روپيا ڏن ضرور وٺبو.
14.3.1839
پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي تفصيلي خط لکي سنڌ بابت حال احوال ڏئي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير شير محمد اسان سان ڀلو نه ٿو هلي. پر پڪ آھي ته اسان جڏهن حيدرآبادي ميرن سان وڙھنداسين ته هي انھن جو به ساٿ نه ڏيندو, 2). اسان جي فوج هن جي جڏهن گذري پئي ته انھن مان ڪيترن لٽيو ويو ھو, 3), حيدرآبادي ميرن نواب احمد خان لغاري کي مون ڏي موڪليو. هن جي ڳالهين مان لڳو ته هو ۽ حيدرآبادي مير اسان کي شڪ جي نگاه سان ڏسن ٿا. مون کي ٻڌايو ته مير اسان کان چورئ ايران سان دوستي رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
14.3.1928:
لاڙڪاڻي جي سيشن جج ڊي. آر. نارمن ڪيس نمبر 84, سال 1927 ۾ فيصلو ڏيندي اڄ
انھن سمورن مسلمان ملزمن کي آزاد ڪيو, جن کي هندو-مسلم هنگامن ڪري لاڙڪاڻي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هي هنگاما هندن طرفان مسلمان مائي ڀڄائي ان کان دين مٽرائي گم ڪرڻ تي ٿيا هئا.
14.3.1944:
صوبه سنڌ مسلم ليگ چونڊيون ٿيون, جنهن ۾ جي. ايم.سيد کي ٻيهر صدر چونڊيو ويو ۽ ميرپورخاص واري سيد غلام حيدر شاه کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
14.3.1951:
ملڪي سرڪار اعلان ڪيو ته جيڪو ڪميونسٽ ليڊر سجاد ظھير کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪندو يا معلومات ڏيندو, ان کي 5000 روپيا انعام ڏنو ويندو.
14.3.1952:
سنڌ مسلم ليگ جي صدر محمد ايوب کهڙي بيان ڏنو ته اردو سنڌ ۾ سرڪاري زبان آھي ۽ رهندي. [سنڌ,سنڌين ۽ سنڌي زبان تي سنڌي اقتدار-ڌڻين اهڙا ۽ ايئن احسان ڪيا].
14.3.1969:
مولانا مودودئ پنهنجن پوئلڳن کي هوشيار ڪيو ته سوشلزم جي مصيبت کي مڙس ٿي منھن ڏيو.
14.3.1977:
ڀٽي-حڪومت خلاف ڌڪڙ تي اٽو لڳو. پي.اين.اي وارن اڄ پنجاب جي وڏن شھرن ۾ جلوس ڪڍيا. مفتي محمود اعلان ڪيو ته هاڻي ڀٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون.
14.3.1980:
عشر ۽ زڪوات وارو آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو. هن کان پوء پهرين رمضان تي بينڪ ۾ رکيل رقم مان زورئ زڪوات ڪٽجڻ شروع ٿي.
14.3.1981:
الذوالفقار تنظيم جي مطالبي کي مڃيندي پاڪستان سرڪار 54 ماڻھون خاص جهاز ذريعي شام ملڪ موڪلي ڏنا. اهي ماڻھون مختلف جيلن ۾ قيد هئا.
***************
{14 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
**************
[جنم ڏينهن:]
14 مارچ 1879ع مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائين جي پيدائش ٿي.
14 مارچ 1900ع صحافي ۽ ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاري(احمد آباد / لاڙڪاڻو) جي پيدائش ٿي.
14 مارچ 1920ع شاعر لعل بن يوسف (حيدرآباد) جي ولادت ٿي.
14 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1930ع شاعر ميرل جويو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1935ع آرٽسٽ دولت ٿانواڻي (شهدادپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1937ع ناليواري شاعر سرويچ سجاولي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1939ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1943ع ليکڪ ٽيڪم ڀاوناڻي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1946ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان مولانا عزيز الله ٻوهيو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1976ع شاعر خادم سوڍر (ڪي اين شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 مارچ 1979ع شاعر اعجاز قادر مهر جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1980ع شاعر راجا وسيم ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1985ع شاعر امتياز خاصخيلي (ٻيراڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1989ع شاعر هوش محمد درد ابڙو (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1990ع شاعر ۽ ايڊيٽر زاهد ڄامڙو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
14 مارچ 1883ع فلاسافر، ماهر معاشيات، ماهر سماجيات، صحافي ۽ تاريخدان ڪارل مارڪس جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1890ع ايسرداس پرمانند ديهانت ڪري ويو.
14 مارچ 1940ع ميان عبدالرحيم ولد ميان ولي محمد درس جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1954ع شاعر قادر بخش بشير جي وفات ٿي.
14 مارچ 1976ع مولوي قاضي دوست محمد جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1987ع ليکڪ، اديب ۽ سياستدان پير علي محمد راشدي جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 2018ع عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ وفات ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment