Sunday 20 March 2022

Sindh History (March 21, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (21st March)
21st March
BIRTH DATES
Pirbhdas Birhamchari (Nawbshah > India/Freedom Fighter & Journalist/ Born 21st march 1903),
Haji Muhammad Ibrahim Hingoro (Ratodero/Politician/ Born 21st march 1919),
Rani ‘Nimani’ (Poetess/ Born 21st march 1928),
Abid Ansari (Bajara/Pot/ Born 21st march 1936),
Moula Bux ‘Moulai’ (Nabi Bux Jatoi/Poet/ Born 21st march 1943),
Bashir Ahmad Memon (Hala/Journalist/ Born 21st march 1955),
Abdul Karim Memon (Hala Old/Journalist/ Born 21st march 1961),
Khadim Hussain Shaikh (Kadhan/Writer/ Born 21st march 1965).
DEATH DATES
Esardas Munskhani (Writer/ Death 21st March 1934),
Comrade Haji Muhammad Pirzado (Dodo Sanhri/Freedom Fighter/ Death 21st March 1970)
EVENTS
1917: The Sindh Graduates Association arranges lecture program and R.D.Karmarkar delivers his lecture on the topic of ‘Indian Astronomy’. This may kindly be kept in mind that these NGOs arranged so many lecture programs and those were held on every Tuesday. Prof. Shahani gave his lecture on Gentanjali’ of Tagore and Prof. Dhopeshwarkar spoke on ‘Time and Free Will’. All lectures delivered in these programs arranged by NGOs during British Period, if collected and compiled, can surprise so many people.
1932: Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed participate in the All-India Muslim Conference held at Lahore. The Conference is presided over by AllamaIqbal. Audience is not calm and wants to disturb the function. Perhaps they want to show their resentment on AllamaIqbal’s political approach. The situation is deteriorating. Shaikh Abdul Majeed takes over mice. Audience start raising voices: LISTEN TO SINDHI. FRIENDS ! BE CALM AND QUITE. Every, body is seated and situation is under control and proceedings are started peacefully and accordingly. Shaikh Abdul Majeed earns name and later on he is called and known ‘SINDHI’.
1935: While speaking on the motion on the Karachi killings, Lalchand Nawalrai says in the Indian Legislative Assembly that in Sindh, Hindus and Muslims are two sides of one coin and it was due to policy of ‘Divide & Rule’ that another Third party is pushing them in battle with each other.
1951: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan discloses the name of key- leader of the Rawalpindi Conspiracy. He is Major General Akbar.
1955: The Federal Court headed by Chief Justice Muhammad Munir set aside judgment of the Sindh Chief Court in Moulvi Tamizuddin Khan’s petition.
1966: Z.A.Bhutto says that India is violating Tashkent Declaration.
1971: Yahya-Mujeeb talks fail, Z.A.Bhutto is invited by Yahya Khan to reach Dhaka for playing his role in the situation.
 
Dr. Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ اوهان لاء 21 مارچ جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ وڊيو ٽاڪ/لنڪ سميت.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
21.3.1932:
لاهور ۾ علامه اقبال جي صدارت ۾ ”آل انڊيا مسلم ڪانفرنس" جو عوامي اجلاس ٿيو. سنڌ مان حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ شرڪت ڪئي. جلسي ۾ گوڙ ۽ وڳوڙ ٿي پيو. اڻ وڻندڙ حالتن کي ڏسي شيخ عبدالمجيد وڃي مائيڪ سنڀالي ۽ وڳوڙين کي مخاطب ٿيو. ماڻھن آواز ڏيڻ شروع ڪيو ته "سنڌئ کي ٻڌو". جلسي ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ان ڏينھن کان شيخ عبدالمجيد جي نالي سان "سنڌي" جو لفظ شامل ٿي ويو ۽ هو "شيخ عبدالمجيد سنڌي" طور مشهور ٿيو.
21.3.1935:
انڊين ليجسليٽو اسيمبلئ جي اجلاس ۾ ڪراچئ ۾ پوليس هٿان مسلمانن کي گوليون هڻي مارڻ واري ڪي.ايل.گابا جي موشن تي ڳالهائيندي لاڙڪاڻه واسي ميمبر لالچند نولراء چيو ته سنڌ ۾ ھندو ۽ مسلمان هڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن. انھن جي اتحاد کي ٽوڙڻ ۽ ويڙھائي حڪومت ڪرڻ لاء سرڪار پوليس هٿان ڪراچئ ۾ قيس ڪيو.
21.3.1951:
پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان ميجر جنرل اڪبر جو نالو وٺي چيو ته هن ئي روالپنڊي سازش جي اڳواڻي ڪئي.
21.3.1955:
پاڪستان جي تاريخ جو مايوس ڪن ڏينھن. جسٽس محمد منير جي سربراهئ ۾ فيڊرل ڪورٽ مولوي تميزالدين ڪيس ۾ سنڌ چيف ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو.
21.3.1978:
سرڪار اڄ بيگم نصرت ڀٽي کي اجازت ڏني ته پنهنجي ور ذوالفقار علي ڀٽئ سان آخري ملاقات ڪري.
21.3.1971:
ڍاڪا ۾ شيخ مجيب ۽ صدر پاڪستان جنرل يحيا وچ ۾ هلندڙ ڳالھ ٻولھ ناڪام وئي ته صدر يحيا اڄ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڍاڪا گهرائي ورتو ته من هو مامرو سلجهائي وڃي.
21.3.1997:
ميرپور خاص ۾ "سنڌ گريجوئيٽس ائسويئيشن" جو ٻاويهون ساليانو ڪنوينشن ٿيو. انھئ ۾ ھيٺ ڄاڻايل موضوعن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا:
1). سنڌين کي نوڪرين مان ڪڍڻ جي مذمت,
2). سنڌ ۾ خانگي جيلن جي موجودگئ تي ڳڻتي,
3). سنڌ کي پنهنجي حصي مطابق درياه مان پاڻي نه ڏيڻ تي ڳڻتي,
4). صوبن کي آمدنئ جي بنياد تي مالي ايوارڊ ڏيڻ,
5). بهارين کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ آباد ڪرڻ جي مخالفت,
6). ڪالاباغ ڊيم پراجيڪٽ ختم ڪرڻ,
7). ٿرين کي مٺي پاڻي جي فراهمي,
😎. لاڙڪاڻه-خيرپور پل جي جلد تعمير,
9). پي.ٽي.وئ تي سنڌي ٻولئ سان ماٽيلي ماء واري سلوڪ جي مذمت
21.3.1999:
سنڌي ادبي سنگت جي پنجوديرو شاخ طرفان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کان " ايڪيهين صدئ ۾ سنڌ جي تعليم" جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ويو. سوال جواب جي وقفي ۽ مانجهاندي کان پوء مشاعرو ٿيو.
***************
{21 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
21 مارچ 1903ع ليکڪ ۽ پبلشر پرڀ داس برهمچاري جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1919ع سياسي اڳواڻ حاجي محمد ابراهيم هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1928ع شاعره راڻي نماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1936ع شاعر عابد انصاري (باجارا) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1936ع امداد الله انڙ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1940ع اسڪالر ۽ سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي درشهوار سيد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مارچ 1943ع شاعر مولا بخش مولائي (نبي بخش جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1955ع صحافي بشير احمد ميمڻ (هالا پراڻا) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1961ع صحافي عبدالڪريم ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1965ع ليکڪ خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
21 مارچ 1953ع مذهبي شخصيت حافظ غلام احمد مهيسر (ساجن مهيسر) جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مارچ 1970ع سياستدان ڪامريڊ حاجي محمد پيرزادي جو انتقال ٿيو.
21 مارچ 2014ع تي شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کانپوء گاڏيء کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. کين ميهڙ کان دادو ويندي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته سندن سڙيل گاڏي ڀريا لنڪ روڊ تان ملي جنهن ۾ سندن لاش پيل هئا.

No comments:

Post a Comment