Sunday 27 March 2022

Sindh History (March 28, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (28th March)
28th March
BIRTH DATES
Naseer Soomro (Hingorja/Poet/ Born 28th March 1964),
Bashir Ahmad ‘Jigar Khoon’ (Rasool Bux Brohi/Poet/ Born 28th March 1968)
DEATH DATES
Hafiz Khair Muhammad Ohdi (Shikarpur/Journalist & Freedom Fighter/ Death 28th March 1982),
Sher Mirbahar (Rustam-i-Sindh/ Death 28th March 1985),
Allama Muhammad Qasim Mashori (Mashri Sharif/Religious Scholar & Saint/ Death 28th March 1990),
‘Miskeen’ Mulankatyari (Poet/ Death 28th March 1999)
EVENTS
1843: The Governor General of India agrees with Governor Sindh, Charles Napier that Karachi be made capital of Sindh, and advises that communication between Hyderabad and Karachi be facilitiated, public buildings be erected and water be obtained from the under Gizri Hills.
1916: The Karachi Citizen’s Club lauds services rendered by Lord Harding for India and British Subject. Seth Harchandrai Vishindas presides over the public meeting held in Khalikdina Hall of Karachi. RaiBahadurAlomalTikamdas, Khan BahadurNusserwanji; JamshedNusserwaniji; GidumalLekhraj, Framroz E. Panthakey; DurgdasB.Adavani;LokomalChelaram; D.D.Dhala speak on the occasion and praised Lord Harding and his services.
1956: KaqiFazul-ullah and PirIllahiBux are released on bail. KaziFazul-ullah was one of absentees members, when Sindh Assembly voted for favouring One-Unit Scheme.
1977: Z.A.Bhutto takes oath as Prime Minister of Pakistan. Mufti Mahmmod says that newly elected National Assembly is not representative forum of the people and by the people.
1994: Sedition case is registered against MQM Chief Altaf Hussain, in Karachi.
1995: In a massive crackdown, police arrests in Hyderabad 100 political activists of various parties.
 
Dur Muhammad Pathan: Sindh in History today (28th March). Research & Video Talk by Dr.Pathan
* جڏهن سنڌ تي ڌارين جي حڪمراني ٿيندي آھي ته اهي ڪهڙا ڪم ڪندا آھن؟ نيپيئر پنهنجي گورنرئ واري دور ۾ ڇا ڪيو؟
* اسان جي وڏڙن انگريز-پرستي ڪيئن ۽ ڪيتري ڪئي؟
* ڀٽو ٻيهر وزير اعظم فقط ٽن مهينن لاء ٿيو, پنج سال ڇو نه؟
انھن سوالن جا جواب ۽ ٻي گهڻي معلومات اڄوڪي وڊيو ۾ موجود آھي. اهو ڏسو, ٻڌو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو.

÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
توجھ طلب واقعا
***************
28.3.1843:
ميرپور خاص منجهان نيپيئر اڄ مير شير محمد کي لکيو ته ڪنھن وقت وڃائڻ کان سواء هڪدم اچي هٿيار ڦٽا ڪري مون اڳيان پيش ڪر. وعدو آھي ته توکي جيئدان ڏيندس. عمر ڪوٽ جي دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئي ته اچي اک ڇنب ۾ ڊاهي پٽ ڪندس.
28.3.1843:
گورنر سنڌ نيپيئر کي موڪل ملي ته ڀلي ڪراچئ کي گادي بڻاء. البته کيس تاڪيد ڪيو ويو ته حيدرآباد ۽ ڪراچئ کي روڊن رستن سان ٺاهي ملاء.
28.3.1844:
ملٽري بورڊ جي رضامندي کان پوء سنڌ سرڪار شڪارپور ۾ جيل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاء ڪمپني حڪومت 4531 روپيا منظور ڪيا.
28.3.1850:
شڪارپور جي ڪليڪٽر کي اجازت ۽ هدايت ملي ته خان ڳڙھ جيڪب آباد) ۾ ڇانوڻي ٺاهڻ جي تياري وٺي.
28.3.1916:
هندستان جو وائسراء جڏهن پنهنجي نوڪرئ جو مدو پورو ڪري هندستان مان ويندو هو ته کيس "مانپتر" ڏيڻ ۽ سندس ثناخوانئ ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ جي لانڍ لڳي ويندي هئي.
اڄ ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ سيٺ ھرچندراء جي صدارت ۾ ” ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئشن" لارڊ ھارڊنگ لاء واکاڻي جلسو سڏايو. انھئ ۾ راء بهادر آلومل ٽيڪمداس, خانبھادر نسروانجي ميهتا, گدومل ليکراج, درگداس بي آڏواڻي, لوڪومل چيلارام ۽ ڊاڪٽر ڌالا ۽ ٻين ڪيترن لارڊ ھارڊنگ جي هندستان لاء سرانجام ڏنل خدمتن جي واکاڻ ڪئي.
28.4.1941:
ڪشنچند بيوس جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ ”چوٿين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرس". ان جو اهتمام "سنڌي ساهت سڀا" ڪيو. استقباليه ڪميٽئ جو چيئرمن ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪانفرنس جو سيڪريٽري هري درياني دلگير ٿيو. پهرين ڏينھن جي ڪاروائي اڄ هلي ته تقرير ڪندڙن سنڌي صورتخطئ جي موضوع تي پنهنجا ويچار ونڊيا. ان کان پوء سنڌ جي وزير نھچلداس وزيراڻئ ڪتابن جي نمائش جو افتتاح ڪيو.
28.3.1952:
سنڌ سرڪار اڄ اسيمبلئ ۾ بجيٽ پيش ڪئي, جيڪا "سرپلس بجيٽ" هئي. سنڌ اهڙا ڏينھن به ڏٺا !!!
28.3.1977:
ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي وزير اعظم طور قسم کنيو. مفتي محمود ڀٽي-حڪومت ۽ قومي اسيمبلئ کي تسليم ڪرڻ کان وڏي واڪ اعلان ڪيو.
28.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت جي نئين ديري, بگئ ۽ جهڏي جون دستوري گڏجاڻيون ٿيون. نئين ديري وارئ شاخ يوسف سنڌئ ۽ غلام نبي ناشاد جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. بگئ وارئ شاخ ۾ عبدالحق ساريئي, حاڪم منگئ, غلام نبي بروهئ, امجد منگئ ۽ عثمان ساريئي پنهنجون لکڻيون تنقيد لاء پيش ڪيون. جهڏي شاخ جي گڏجاڻئ ۾ الهجڙيئي شاد, ايوب کوسي, نزاڪت ڏاڏاهئ, بلال اوٺي, مراد کوسي, ماڪن شاه رضوئ, سائينداد ساند, رميش بابو ۽ ڪامريڊ علي اڪبر پتافئ شرڪت ڪئي.
28.3.1995:
هئ ايم.ڪيو.ايم جي دهشتگرد ڪارڪنن لاء ڏکيو سال ثابت ٿيو. ڪالھ ڪراچئ ۾ رينجرس وارن 40 ڪارڪن پڪڙيا. اڄ حيدرآباد ۾ 100 کان مٿي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
{28 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
[جنم ڏينهن:]
28 مارچ 1888ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري جو جنم ڏينهن آهي.
28 مارچ 1899ع ليکڪ ڀوڄومل جيوت رام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
28 مارچ 1912ع سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود گلزار ميمڻ(حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 مارچ 1947 ع
شڪارپور جي شاعر ۽ اديب ميمڻ منظور پرواز جي ڄمڻ جي تاريخ آھي ـ
28 مارچ 1964ع شاعر ۽ نثر نگار نصير سومري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 مارچ 1968ع شاعر بشير احمد ”جگر خون“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
28 مارچ 1985ع مشهور ملهه پهلوان رستمِ سنڌ شير ميربحر انتقال ڪري ويو.
28 مارچ 1990ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment