Friday 18 March 2022

Sindh History (March 19, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (19th March)
19th March
BIRTH DATES
Kishinchand ‘Bewas’ (Larkano/Poet/ Born 19th March 1885),
Nawab Khudadad Khan Sani (Tajpur/Poet/ Born 19th March 1886),
Syed Miran Muhammad Shah ‘Mir’ (Tukhar/Poet & Freedom Fighter/ Born 19th March 1898),
Sajandas Kundnani (Bhambhor > Bilaspur/Singer/ Born 19th March 1933),
Abid Bathorai (Poet/ Born 19th March 1933),
Ghulam Rasool ‘Samat’ (Tharri/Poet/ Born 19th March 1975).
DEATH DATES
Mufti Muhammad Hussain (Thato/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 19 March 1963),
Gul Muhammad Khatri (Karachi/Artist/ Death 19 March 1979).
EVENTS
1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas that ‘I will make no terms with you, except unconditional surrender, and security for your person, as other Amirs have received. We were at peace with you; we made no war with you; you have made unprovoked war upon us, and have cut off our dawks. If you do not surrender yourself as prisoner of war before the 23rd instant, I will march against you and give you battle’.
1913: The Sindh Scout is awarded affiliation by the Head Quarter, London and the document is signed by Lt. General Sir Robert Beden Powel. The Commissioner is made Patron of the organization. The Sindh Scout started with 12 Scouts and this year the number reaches to 31.
1916: The NGO Karachi Social Service League stages drama so as to earn and collect money for the benefit of children studying in Municipal Schools of Karachi.
1920: On the initiate and call of RaisGhulam Muhammad Bhurgri and Seth Haji Abdullah Haroon Sindh observes 2nd Khilafat Day. People were asked to remain peaceful and avoid to create law & order situation. As it was Friday, therefore, Muslims hold meetings soon after offering Juma Prayers. The Day was observed in length and breadth of Sindh.
1934: GhulamHussainHidayatullah and Muhammad AyubKhuhro while taking part in the debate during the session of the Bombay Legislative Council demand protection of rights of landlords of Sindh.
1935: The Indian Legislative Council carries the motion of K.L.Gauba censuring the Government regarding Karachi firing and killing about 40 persons by Military.
1982: Life-term punishment for desecration of the Holy Quran, an Ordinance is promulgated.
1992: Nawaz Sharif expels NPP of RaisGhulam Mustafa Jatoi from IJI.
 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ساڳو سج, ساڳو صبح ۽ ساڳو در محمد; ٽئي اوهان جي در تي آھيون. سج اوهان کي حرارت ڏيندو, صبح اوهان کي روشني ڏيندو ۽ مان 19 مارچ جي حوالي سان اوهان کي واقعا ۽ ٻي معلومات ڏيندس. مان اوهان لاء وڊيو ٽاڪ/لنڪ به کڻي آيو آھيان.
***************
ڌيان طلب واقعا
***************
19.3.1832:
ڀڄ ۽ سنڌ جي سفارتڪارن هڪ ٻئي سان خط و ڪتابت ڪئي, جنهن مان پتو پئي ٿو ته اسلام ڪوٽ جي کوسن فرنگين ۽ سندن واپارين جي ڦر لٽ جي بازار گرم ڪري رکي آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي حڪمرانن کي دانھن ڏني وئي آھي ۽ ميرن تدارڪ ڪرڻ جو وعدو ڪيو آھي.
19.3.1843:
نيپيئر اڄ مير شير محمد کي لکيو ته هاڻي تو سان ڪا ڳالھ ٻولھ ڪانه ٿيندي. هڪدم اچي جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ پيش پئج. توکي جيئدان ڏيڻ جو واعدو ڪريان ٿو. اسان ته توسان جنگ ڪرڻ لاء ڪونه سوچيو هو, پر تون جنگ جنگ ٿو ڪرين. پيش پئج نه تو کي نه ڇڏيندس ۽ توتي ڪاهي ايندس.
19.3.1850:
لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ڪئنٽومينٽ جي حدن بابت ڪمشنر ۽ ڪمانڊنگ سنڌ وچ ۾ لکپڙھ ٿي. [ياد رهي ته انگريزن سنڌ تي حڪمرانئ کي قائم رکڻ لاء وڏن شهرن ۾ ڇانوڻين ٺاهڻ تي گهڻو توجھ ڏنو. ڌاريا حڪمران محڪوم قومن کي قابو رکڻ لاء سندن ملڪ ۾ ڇانوڻين جو ڄار وڇائينديون آھن.]
19.3.1913:
گذريل سال سنڌ ۾ اسڪائوٽ تنظيم ٺاهي وئي هئي. اڄ چيف اسڪائوٽ ليفٽيننٽ جنرل سر رابرٽ بيڊن پاول سنڌ واري تنظيم کي الحاق ڏنو. سنڌ جي ڪمشنر کي سرپرست ۽ جي.برچ کي سيڪريٽري بڻايو ويو. هن وقت سنڌ ۾ 31 اسڪائوٽس هئا. 1918 ۾ ”وولف ڪلب" ٺاهي وئي ۽ انھئ سال گرلس گائيڊ جو تعداد 120 هو.
19.3.1916:
اڳي سنڌ جون سماجي تنظيمون فائيو اسٽار هوٽلن جي ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي غريبن جي مسئلن تي ويهي ويچارينديون نه هيون, پر ڊراما اسٽيج ڪري ڏوڪڙ ميڙي اسڪولي ٻارن جي ساهتا ڪنديون هيون. اڄ انھئ مقصد لاء ”ڪراچي سوشل سروس ليگ" ڊرامو اسٽيج ڪيو.
19.3.1920:
رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون جي سڏ تي سمورئ سنڌ ۾ ”ٻيو نمبر خلافت ڊي" ملهايو ويو. انھن ٻنھي سياستدانن اشتهار ڇپرايو هو, جنھن ۾ چيو ويو هو ته : 1). ڪنهن کان زبردستئ ڪاروبار بند نه ڪرائجو,2). رستن تي جلوس ڪڍڻ وقت عام ماڻھن لاء رستي روڪ نه ڪجو, 3). واسراء معرفت بادشاه سلامت ڏي تارون موڪلجو, جن ۾ لکجو ته اسان جون گهرجون پوريون نه ٿيون ته وفادارئ ۾ خلل پوندو.
اهو ڏينھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ ملهايو ويو. انھن مان ڪراچي, , حيدرآباد, لاڙڪاڻي, دڙو, ٺٽو, امروٽ, ڳڙھي ياسين, ڏوڪري, هالا, قمبر, سن, سکر, سجاول, سونڊا, سيوهڻ, شڪارپور, ماتلي, مورو, ميرو خان, ماڪن سڪني, نواب شاه ۽ نوشهره فيروز جي جلسن جلوسن ۽ گڏجاڻين جون خبرون اخبارن ۾ شايع ٿيون.
19.3.1935:
ڪراچئ جي منحوس واقعي تي, جنهن ۾ ٽيهارو کن مسلمان کي پوليس ماريو هو, انھئ تي اڄ ڪي.ايل.گابا "انڊين ليجسليٽو ڪائونسل" موشن پيش ڪيو ۽ پاس ٿي ويو. هن موشن ذريعي سنڌ سرڪار کي سانحي جو ذميوار چيو ويو هو.
19.3.1963:
نئشنل اسيمبلئ جي کوڙ سارن ميمبرن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اسڪندر مرزا تي ڪيس داخل ڪجي. ايئن جنرل يحيا لاء به ڪيس ڪرڻ جي ڳالھ ٿي هئي, پر ڏاڍن جو نالو ڪنهن به سرڪار ڪونه ورتو.
19.3.1971:
شيخ مجيب ۽ صدر يحيا وچ ۾ گڏجاڻي ٿي.
19.3.1973:
”نئشنل عوامي پارٽي" ڊسمس ڪرڻ خلاف بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج ڪيو ويو.
19.3.1992:
نواز شريف اڄ غلام مصطفا جتوئئ کي آء.جي.آء مان ڪڍي ڇڏيو.
***************
{19 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
19 مارچ 1406ع عظيم تاريخدان ۽ فلاسافر ابن خلدون جي تيونس ۾ پيدائش ٿي.
19 مارچ 1885ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ڪشنچند بيوس جو جنم ڏينهن آهي.
19 مارچ 1886ع تاجپور جي نواب ۽ شاعر نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينهن آهي.
19 مارچ 1898ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر سيد ميران محمد شاهه مير جي پيدائش ٿي.
19 مارچ 1933ع شاعر ۽ گلوڪار ساجنداس ڪندناڻي (ڀنڀور / بيلاسپور) جو جنم ڏينهن آهي.
19 مارچ 1933ع شاعر عبد بٺورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مارچ 1975ع شاعر غلام رسول سماٽ (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
19 مارچ 1937ع شاعر ۽ ليکڪ قاضي محمد دائود ٽکڙائي جي وفات ٿي.
19 مارچ 1963ع مذهبي عالم ۽ فريڊم فائيٽر مفتي محمد حسين جي وفات ٿي.
19 مارچ 1973ع مٺي سان تعلق رکندڙ اديب ڀڳت کيمچندجي ديهانت ٿي.
19 مارچ 1979ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مصور گُل محمد کتري جو انتقال ٿيو.
19 مارچ 2006ع ناليواري فلمي اداڪارمحمد علي جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment