Tuesday 29 November 2022

Sindh in history today (30th November). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (30th NOVEMBER. ************** Here is Dr.Dur Muhanmad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute to wish you Good Day and to share Events from history of Sindh (including Pakistan) with you today on 30th of November 2022. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 30 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** [30/11, 6:39 am] Dr Pathan: [عشق نہ اٿاري جن کي،سي پوء آئون اٿاريان ڪيئن؟ نکاريا نہ جي نينهن، سي اٿن ڪيئن اڌ رات جو.] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 30 نومبر 2012 تي سلامن, دعائن ۽ نمستي سان اوهان جي خدمت ۾ ٣٠ نومبر جي واقعاتي تاريخ وڊيو ٽاڪ/لنڪ سميت عرض رکجي ٿي. *************** ڪي واقعا *************** 30.11.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته جاچ پڙتال مان پڪ ٿي آھي ته مير رستم علئ ۽ مير نصير خان اسان خلاف محاذ ٺاهڻ لاء خط لکيا,جيڪي اسان جي ماڻھن پڪڙيا. گرمين (اپريل) اچڻ کان اڳ مان ميرن تي چڙھائي ڪندس. مون وٽ 4000 انفينٽري, 1000 ڪيولري ۽ 300 اٺ آھن.ان ڪري مون کي ڪنهن به قسم جو اونو الڪو ڪونهي. 30.11.1936: حاجي عبدالله هارون پريس ڪانفرس ۾ پنهنجئ پارٽئ " يونائيٽيڊ پارٽي" جو مينيفيسٽو پڌرو ڪيو. سنڌي مسلمان سياستدانن هڪ ٿي سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ته ڪرايو, پر پاڻ سياست جي صفبندي ڪرڻ وقت هڪ ٿي نه سگهيا. يونائيٽيڊ پارٽئ غير مذھبي بنيادن تي ٺاهي وئي, پر ڪو به هندو ان جو ميمبر نه ٿيو. سنڌي سياستدانن جي انھئ باهمي اختلاف مان فائدو ٻين کي مليو. 30.11.1938: هن سال ئي سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جا پير پختا ٿيڻ لڳا. نه ته 1912 کان سنڌ ڪوشش ڪئي ته هتي قائم ڪيل سندن "سنڌ مسلم ليگ" کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق ڏئي, پر ايترو عرصو رڙندا رهيا. اڄ آل انڊيا مسلم ليگ جي سنڌ پراونشل شاخ پنهنجي جنرل باڊئ جو اعلان ڪيو. جنرل باڊئ ۾ 88 ميمبر هئا. هن پارٽئ پاڪستان تحريڪ کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو. پر پاڪستان ٺھڻ کان پوء ”سنڌ مسلم ليگ" جي تاريخ مرتب نه ڪئي وئي. اڄ ٺاهيل جنرل باڊئ جي ميمبرن جا نالا گل حيات جي گنج ۾ موجود آھن. 30.11.1956: ڪراچئ ۾ ڇهن سياسي پارٽين جي گڏيل ڪنوينشن جي صدارت ڪندي, شيخ عبدالمجيد سنڌئ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سمورن صوبن سان عدل ۽ انصاف جي بنياد تي لاڳاپا رکڻ سان ئي بهتر حڪمراني ڪري سگهجي ٿي ۽ وقت جي تقاضا آھي ته حڪمران انھئ طرف توجھ ڏين, ۽ اها سمورين سياسي پارٽين جي ايجنڊا هجڻ گهرجي. 30.11.1967: پاڪستان پيپلز پارٽئ جي نالي سان نئين سياسي پارٽي ٺاهي وئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي ان جو چيئرمن چونڊيو ويو. 30.11.1971: انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌئ اپر هائوس ۾ تقرير ڪندي پاڪستان جي صدر جنرل يحيا کان مطالبو ڪيو ته اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) مان پاڪستاني فوج ڪڍي وڃ. 30.11.2003: "بزم سچل" لاڙڪاڻي طرفان جواد جعفرئ جي صدارت ۾ ”عيد مشاعرو" ٿيو, جنهن ۾ 46 شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. *************** {30 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 30 نومبر 1869ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر سيد اسد الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1901ع ليکڪ رام داس لکاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1928عليکڪ، فلمساز ۽ صحافي هري موٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1933ع سياستدان عبدالرحمان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1962ع صحافي مختيار چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1963ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1968ع صحافي منور ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1968ع ليکڪ ۽ اديب نور احمد جنجهي جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: *************** 30 نومبر 1943ع آزاديء جي تحريڪ ۾ سرگرم رهندڙ مولانا محمد کٽيءَ جي وفات ٿي. 30 نومبر 1982ع ڪوٽ لاشاري سان تعلق رکندڙ شاعر نواب الهداد ”صوفي“جي وفات ٿي. 30 نومبر 2013ع ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد علي جي وفات ٿي. 30 نومبر 2015ع ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان مومن بلو انتقال ڪري ويو. 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. عشق نہ اٿاري جن کي،سي پوء آئون اٿاريان ڪيئن؟ نکاريا نہ جي نينهن، سي روشن بڻجن ڪيئن ڏينهن؟ اٺا نہ اکين جا مينهن، تہ اڀري سلو ڪيئن سلام جو. [ You can't make anybody realise about his status and position, if he/she is not taking efforts to peep into his/her inner world. He/She can't believe in his/her Beauty, vision and wisdom as desired or indicated by you. It is tragedy that so many people are illiterate in Self-searching and Self - FINDING. They will not make you mirror to see themselves. They can't fall in love, but always fail in love.] 2. EVENTS: 1846: Sindh Governor, Charles Napier is not happy with Mir Ghulam Shah and Mir Fazul Ali. These both Talpurs are involved in forgery case. Their application for grant of Jageer is pending with Govt. Today it has been decided that let get themselves released from sentence, later on they will be granted some portion of Jageer round Tanda and Doobi. 1936: Haji Abdullah Haroon, the leader of Sindh United Party announces the Manifesto of his Party in the Press Conference at Karachi. 1938: Sindh Provincial Muslim League releases the list of its General Body. It consists of 88 members. Most of them are Pirs, landlords and Jageerdars of Sindh. 1947: Mian Iftkhar, President of the Punjab Muslim League resigns and demand better relation with India and utmost care for Indian Muslim migrants. 1954: The Punjab Assembly unanimously adopts a resolution favoring and supporting one - Unit scheme. 1956: Shaikh Abdul Majeed Sindhi presides over the Convention of 6 major parties and asks for equal opportunities, justice, rule of law, share in governance and democracy for all people of the country. 1967: Pakistan Peoples' Party is formed and Z.A.Bhutto is elected as its Chairman.

No comments:

Post a Comment