Wednesday 16 November 2022

Sindh in history today (17th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(17th November). ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.11.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان خيرپور برنس کي مير نور محمد ۽ مير نصير خان جا سنڌ مان اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ بابت جاري ڪيل پروانا ۽ 30 هزار روپين جون هنڊيون ڏياري موڪليون ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اٺن ۽ اناج جي خريداري شروع ڪريو. 17.11.1838: برنس اڄ مير رستم علي خان کي لکيو ته اوهان طرفان ڪمال خان خط ۽ مخفي نياپو کڻي آيو آھي. خوشئ جي ڳالھ آھي ته اوهان اسان سان دوستئ وارو معاهدو ڪرڻ گهرو ٿا. اسان اوهان سان اهو معاهدو ڪنداسين جو اوهان ۽ اوهان جو خاندان خوش ٿي ويندو. چار ڏينھن اڳ مون دريا خان جيلانئ ۽ خير محمد خان غورئ هٿان توڏي نياپا ڪيا آھن. پڪ ته اوهان کي سربستو حال احوال مليو هوندو. 17.11.1904: سيٺ ھرچندراء وشنداس اڄ ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پهتو. هن ضلعي جي نامور هندو اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين "سنڌي هندو سڀا" ۾ شامل ٿيڻ ۽ انھئ پارٽئ کي فعال بنائڻ جي پارت ڪئي. 17.11.1919: سرڪار "روولٽ ائڪٽ“ وارو ڪارو قانون لاڳو ڪري,هندستان جي ڪيترن اڳواڻن جي چرپر تي پابندي لڳائي. اڄ حيدرآباد ۾ ”ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته بپن چندرپال ۽ تلڪ تان پنجاب وڃڻ تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. 17.11.1939: سنڌ سرڪار "مسجد منزلگاه بحالي تحريڪ" جي سختگير اڳواڻن کي گرفتار ڪيو, جن ۾ جي.ايم.سيد ۽ آغا نظر علي به شامل هئا. حڪومت زور تي "مسجد منزلگاه" جو قبضو به پنھنجي هٿن ۾ ورتو. حڪومت جي انھئ سخت قدم مامري کي وڌائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ ھن تحريڪ جي موافقت ۽ مخالفت چوٽ چڙھي وئي, جنھن ۾ 151هندن ۽ 14 مسلمانن کي پنهنجئ حياتئ تان هٿ کڻڻو پيو. جي.ايم.سيد جي گرفتارئ کان پوء رد عمل طور دادو ۽ لڪئ جي وچ ۾ ريل جون ڪن هنڌن تان پٽڙيون به اکاڙيون ويون ۽ ٽيليفون جون تارون به ڪٽيون ويون. 17.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄوڪي ڏينھن تي ڀارت مان 80 هزار پناهگير پهچي ويا آھن. 17.11.1950: پير الاهي بخش گهر ڪئي ته لالوکيت (لياقت آباد) ۾ پناهگيرن کي ترت شهري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. 17.11.1958: علامه مشرقئ تي ڊاڪٽر خانصاحب کي قتل ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. اڄ کيس آزاد ڪيو ويو. 17.11.1971: اڄ اوڀر پاڪستان جي گادئ واري شهر ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي. 17.11.1972: سنڌ اسيمبلئ اڄ ”ٻولئ وارو بل" پاس ڪيو, جنهن ۾ ڪراچئ جي گهٽين ۾ ٿڏيو ويو. 17.11.1988: ضياء الحق جي موت کان پوء ٿيل ڪالهوڪين قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽئ 92, آء.جي.آء 54 ۽ آزاد اميدوارن 40 سيٽون کٽيون. *************** 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو. 17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلىجو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 17 نومبر 1956ع شاعر شيرل باڊاهي جي وفات ٿي. 17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاههجو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو. 17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي. 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Evening. [Is it not amazing that everybody claims to be the most beautiful and wisest one in the world, and in spite that he/she is in problem and is problem himself/herself?. It is because, we expect & demand for ourselves, but regret to love & respect and give & forgive others] بکیو ھر ڪو ھت برہ جو، پر سڀ ڪو حسن عقل- ڌٹي، ڪجه بہ ایئن ناھي ملٹو، جي نہ قبوليون ڳڻ اوڳڻ گڏ کٹي،‏ پوءِ ڇو ڪجي نہ ھنڌ ھٹي، معافيءَ تلافيءَ دعا سلام سان.‏ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1838: Captain Burns meets Mir Rustom Khan and discussed with him the draft of treaty. 1904: Seth Harchandrai Vishindas is on two day tour of Larkana. He meets Lalchand Navalrai and other Hindu leaders and asks them to help him in opening the Sindh Hindu Sabha. 1919: The Hyderabad Home Rule League in its meeting adopts resolution requesting Government to remove restrictions on Messers Bipin Chandarpal and B.G.Tilak from visiting Punjab, and allow Lala Lajpatrai and Harriram to return to India. The meeting is held in Holmsted Hall with Hiranand Santokram in chair. 1939: Sindh Government takes action against Masjid Manzalgah agitators. G.M.Syed, Agha Nazar Ali and others are arrested and the control of the mosque is taken by force. It proved to be beginning of the terrible violence and ended with death of 151 Hindus and 14 Muslims. 1947: Eighty – thousand Indian Muslims reach Pakistan. 1950: Pir Illahi Bux demands civic facilities for Lalu Khet (now Liaquatabad) where Indian Muslims migrants are facing problems. 1958: Allama Mashrqi is set free by the court as accused in the murder of Dr.Khan sahib. 1971: Curfew is imposed and house to house search is made in Dhaka. 1972: Language bill is passed by the Sindh Assembly. 1979: The founder of the Jamait –i- Islami, Moulana Maududi breaths his last. 1984: India recalls its envoy from Islamabad over diplomatic row. 1988: PPP secures 92, IJI 54 and Independents 40 national assembly seats. Result is declared by the Election Commission of Pakistan.

No comments:

Post a Comment