Sunday 20 November 2022

Sindh in history today (21st November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(21st November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Mountains are beautiful because they are at distance. Sound of drums is enjoy able, if listened from distance. Whoever is more near, cannot remain more dear. Distance is blessing. If it is not maintained, will create differences] دھل جبل ۽ صاحب دوست، سڀ لڳن پري کان پیارا، ویجھو وڃین تہ ورچي پون، تن جا تنھنجا جذبا سارا، گھٹا پئجي وڃن گھارا، نسبت رغبت دعا نیاز سلام ۾ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birthdates & Deathdates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان ڪرنل پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته کيس مير رستم خان جي وزير ٻڌايو آھي ته مير نور محمد خان حيدرآباد مان جهان خان کي مير رستم علي خان ڏي موڪليو آھي ته جيئن انگريزن سان لاڳاپا رکڻ لاء پاڻ ۾ ھم خيالي پيدا ڪجي. برنس انھئ ڳالھ کي ايئن ٿو پيش ڪري ته جيئن مير نور محمد خان فرنگين خلاف محاذ ٺاهي رهيو هجي. [انگريز ٿوري وقت ۾ پنهنجئ جاسوسئ جو ڄار وڇائي چڪا هئا ۽ ميرن جا خاص ماڻھون فرنگين کي مخفي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. مير رستم علئ جي وزير غوري جو نالو ان سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو] 21.11.1838: لالا آسانند مير رستم علي خان طرفان حيدرآباد دربار ۾ نمائندو مقرر ٿيل هو. هن برنس کي ٻڌايو ته حيدرآباد مان مير نور محمد خان محمد خان کي خيرپور موڪليو آھي جيئن مير رستم علئ کي وڃي ڏوراپا ڏئي ته تون منهنجي ڪيترن خطن جو جواب نه ڏنو آھي ۽ اهو به نه ٿو ٻڌائين ته انگريزن سان لاڳاپن رکڻ لاء اسان جي ڪهڙي هڪ جهڙي حڪمت عملي هجڻ گهرجي. 21.11.1856: جڏهن ليفٽيننٽ فورڊ اپر سنڌ جو ڪليڪٽر هئو ته هن سرڪار کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي واري گهاڙ واه ۾ اضافي ڪرڻ لاء ان جي کوٽائي ڪرائي وڃي. [ياد رهي ته سرڪار گهاڙ واه جي کوٽائي ڪرائي ۽ اهو لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين آبي رستو بڻجي ويو ۽ ان ۾ ٻيڙيون هلنديون ھيون. فورڊ جي نالي پٺيان ڪجھ وقت گهاڙ واه کي "فورڊ واه" به سڏيو ويو. 21.11.1840: فرنگي نه چاهيندا هئا ته ڪو غير انگريز سنڌ ۾ قدم رکي. فرنگين کي ڊپ هوندو هو ته روس, فرانس ۽ ايران هندوستان تي حملو ڪري فرنگين جا ٿڏا پٽرائي. ان ڪري فرنگي ڪنھن ٻئي ملڪ جي ماڻھونء کي جاسوس سمجهندا هئا. هنن ڏهاڙن ۾ ميسن Masson نالي آمريڪي سياح سنڌ ۾ آيو ته فرنگين جون ننڊون ڦٽي ويو. سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪارن ۽ سندن حڪومت وچ ۾ انھئ مسئلي تي خط و ڪتابت جو طويل سلسو شروع ٿي ويو. 21.11.1932: ڪراچئ ۾ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد, حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آء. آء. قاضئ جا نالا ذڪر لائق آھن. اڳواڻن علامه آء.آء.قاضئ جي تجويز تي غور ڪيو ته سنڌي مسلمانن جي ترجمانئ لاء ڪا انگريزي اخبار ڪڍجي. پر گهربل موڙئ کي پورو ڪرڻ مسئلو بڻجي پيو ۽ اخبار ڪڍڻ واري آس پوري نه ٿي سگهي. 21.11.1932: محمد ايوب کهڙي علامه اقبال کي تار ڪئي ته "گول ميز ڪانفرنس" ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري اسان جي مطالبي جي حمايت ڪريو. 21.11.1947: انڊيا حڪومت نواب مشتاق احمد گرمانئ تي الزام هنيو ته هو بهاولپور ۾ هند-مسلم فساد ڪرائي رهيو آھي. *************** 21 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 21 نومبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعر استاد لغاريجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 نومبر 1965ع شاعر علي محمد درد (قاضي پير محمد) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 نومبر 1991ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ غلام محمد قريشي جي وفات ٿي. 21 نومبر 1996ع نوبل انعام يافته پاڪستاني سائنسدان عبد السلامجي وفات ٿي. 21 نومبر 2015ع مدبر سياستدان، شاعر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم جو لاڏاڻو ٿيو. 1932: Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed, Alama I.I.Kazi and other Muslim leaders meet to consider about starting/founding daily English Newspaper for Sindhi Muslims. But the idea is not materialized because required amount can not be collected. The fact was that the idea was brain child of Alama I.I.Kazi and supported by business minded leaders. It failed because Upper Class had nothing to do with these things. 1932: Muhammad Ayub Khuhro writes to Alama Iqbal requesting him to support Sindh separation case in the Round Table Conference. 1947: Nawab Mushtaq Ahmad Gurmani is blamed by India that he is creating conditions of Hindu - Muslim roits in Bahawalpur state, where he is heading Govt. as its Prime Minister. 1950: The meeting of Jamait-i-Islami, Jinnah Muslim League, Azad Pakistan Party, J.U.I & Ahl-i-Hadith resolve to oppose anti-people policies of Punjab Government. 1958: 30th of November is fixed by Government to surrender false claims pertaining to rural and urban properties. 1968: The United States ambassador to Pakistan discloses that the dismantling of the USA Communication Unit in Badaber, near Peshawar would begin in January 1969. 1993: Army will stay in Sindh and will continue the Operation Clean-up, says Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan.

No comments:

Post a Comment