Sunday 27 November 2022

Sindh in history today (27th November). Dr. Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(27th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 27 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ طرفان سنڌ جي وارثن ۽ مالڪن کي اڄ 27 نومبر تي سلام, نياز ۽ دعائون. جگ جگ جيئو. عالمن ۽ اڪابرن, عاقلن ۽ فاضلن, سياڻن ۽ سپورنجن کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاء آئون ڪو روزانو "واقعاتي تاريخ" شيئر نه ڪندو آھيان. پر, مان پنهنجي حصي جو قومي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. سنڌ جي تاريخ تي جيئن ۽ جيڪو ڪم نه ٿيو آھي, آئون انھئ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. ڪيتريون اهي ڳالهيون به ڪري ويندو آھيان, جيڪي اسان اڳ نه ٻڌيون ۽ نه پڙھيون. اڄ (27 نومبر) جي "واقعاتي تاريخ" سان گڏ وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪريان ٿو. ************* 27.11.1838: سنڌ ۾ فرنگي فوج جي ڪمان سنڀاليندڙ ميجر جنرل ولٽشائر سنڌ ۾ پهتو. پاٽينجر هن سان فوج لاهڻ بابت لاڳاپيل ڳالهين تي پنهنجا ويچار ونڊيا. 27.11.1847: سنڌ جي ڪمشنر جو ساليانو پگهار 52 هزار مقرر ڪيو ويو ۽ هو جڏهن سفر تي نڪرندو ته سندس 10 روپيا ڏهاڙي مقرر ڪئي وئي. 27.11.1854: جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور شهر جي تاريخ لکي هئي, جيڪا سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 402 مطابق صوبائي سرڪار کي موڪلي. اهو شڪارپور بابت هڪ اهم ۽ مستند ڊاڪيومينٽ آهي, جيڪو پوء سرڪار ڇپرايو. ان جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. 27.11.1938: وقتي چيئرمن محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي چونڊ ٿي. صدر جي چونڊ لاء شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ حاجي عبدالله هارون هڪ جيترا ووٽ کنيا. ان ڪري وقتي چيئرمن حاجي عبدالله هارون جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان ڪري حاجي عبدالله هارون صدر ٿي ويو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 27.11.1947: ستر هزار پناهگير انڊيا ڇڏي آيا. جيڪو آيو, ان کي قبوليو ويو ۽ ڪنهن کان ڪو نه پڇيو ويو ته پاڪستان تحريڪ ۾ ھنن انڊيا ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. 27.11.1949: حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو, جيڪو ٻه ڏينھن هليو. هن اجلاس ۾ جاگيردارئ جي خاتمي بابت جيڪو ٺھراء پاس ڪيو ويو, ان جو متن آھي: " هي اجتماع مسٽر يوسف هارون جي نئين وزارت کان مطالبو ٿو ڪري ته جلد از جلد جاگيردارئ جي خاتمي جو بل تيار ڪيو وڃي......ڇو ته اهي جاگيرون انگريزن يا ٻين بادشاهن پنهنجي طاقت برقرار رکڻ لاء ڪن قومي غدارن کي عطا ڪيون هيون." 27.11.1951: جيڪب آباد کان ڪشمور- ديرا غازي خان کان ٿيندي محمود ڪوٽ تائين ريلوي پراجيڪٽ منظور ڪيو ويو. *************** {27 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} **********-**** [جنم ڏينهن]: *************** 27 نومبر 1922ع اسٽيج ڊراما ليکڪ گورڌن چوڌري (ٽنڊو الهيار / اجمير) جو جنمڏينهن آهي. 27 نومبر 1923ع ليکڪ نرنجن کلناڻي (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1927ع گلوڪار ۽ اداڪار چمن داس تلسي لال (ٺٽو/ دبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1950ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي حبيب الله ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1961ع ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪمپيئر ڊاڪٽر محمود مغل جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: *************** 27 نومبر 1862ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفرجي رنگون جي جيل ۾ وفات ٿي. 27 نومبر 1879ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ مولانا نور محمد جي وفات ٿي. 27 نومبر 2000ع ٿر سان تعلق رکندڙ سياستدان ارباب فيض محمد نهڙيوجو انتقال ٿيو. 27 نومبر 2001ع شاعر ۽ ليکڪ امام بخش عاصم(شڪارپور) جو انتقال ٿيو. ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever is not graceful, kind & cooperative, is illiterate in helping & supporting and loving & respecting people. He/She is flower without fragrance. His/Her beauty,vision & wisdom are neither for love, nor for peace & progress] جي رحم نہ رکبو روح ۾، نہ رکبي نيڪ نیت نظر، ماٹھپي مروت ۽ محبت سندا، جي کولي نہ رکبا در، پوء پوندا دلین تي نہ اثر، سرت سونھن سلام جا. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************* 1838: Col. Pottenger welcomes and congratulates Major General Wiltshire, Commanding British Troops in Sindh on his arrival in Sindh and offers his opinion on several points connected with the disembarkation of the force. 1848: The salary of Commissioner in Sindh is fixed at Rs 52,000 per annum with a travelling allowance at Rs 10 per diem. 1947: Eighty - four thousand Indian Muslims migrates to Pakistan. 1949: Two - day Session of the General Council of the Sindh Hari Committee starts at Hyderabad. The major issue of the Jagerdari system in Sindh dominates the agenda. The Ministry of Yousif Haroon is demanded to take necessary action about the abolition of that system. 1952: Jacobabad - Kashmore - Dera Ghazi Khan - Mahmudkot raily project is approved. 1971: Chinese Dy.Foreign Minister, in his address to the U.N General Assembly condemns India for its armed aggression against Pakistan. 1981: Pakistan shows willingness to sign the nuclear non - proliferation treaty if India also agrees to do so. 1992: Ban on Benazir's entry into Rawalpindi and Islamabad is lifted. 1994: Lahore High Court orders release of Gul Masih in blasphemy case. He was sentenced to death by the District & Session Judge, Sargodha. 1996: PML ( J ) splits into Hamid Nasir Chattha and Abdul Ghafoor Hoti factions.

No comments:

Post a Comment