Saturday 5 November 2022

Sindh in history today (5th November). By. Dr. Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(5th November). ************* 1. GOOD DAY WISH‎: ‏‎ ‎ Dr.Pathan wishes you Good Day. [Understanding, Cooperation and accommodation are our pending and outstanding issues related to our personal and social affairs in our society, sinces centuries. We have lost values and behavior of sincerity and trust. We are determined to 'take' and firm not to 'give'. To accept and respect has not remained our concern. Beauty, love and peace is no more our subject. Hence, we all are in trouble and are wandering for peace of mind and unity of hearts & minds. Dear! For bringing better change, be our role-model and teach us how to change ourselves ] صدین کان سین اسان هر پل صدا، ھوتن جي در ھٹندا اچون پيا سدا، ڪڏھن نہ ڪڏھن عرض تہ اگھندا، محبت جا مینھن گهڻا پوء وسندا، تن من روح مور جیان پوء نچندا، رولاڪ بڻجي در در نہ اهي رمندا, ڪک پن بہ محبت جي لات لوندا 'ٻن مان هڪ ٿيا' دنيا وارا چوندا, ملندي گدا، سرت سونھن سلام جي *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنجين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 5.11.1842: نيپيئر سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير نصير خان ڦرڻو گهرڻو ماڻھون آھي ۽ تڪڙو ڳالهيون ڪونه مڃيندو. مون نئين معاهدي جو مسودو تيار ڪيو آھي, منظورئ ۽ ضروري ڦير گهير لاء موڪليان ٿو. مون کي جڏهن خبر پئي ته هتي ميرن اهو هلايو آھي ته فرنگين جي فوج ڪمزور آھي ۽ اسان ميرن سان وڙھڻ جي سگه ساري نه سگهندي ته مون هتي هڪ شاندار فوجي پريڊ ڪرائي آھي, ان جو وڏو اثر پيو آھي. هتان اوهان کي لڳاتار "انٽيليجنس رپورٽون" موڪليون وڃن ٿيون. ان ڪري وڌيڪ تفصيل نه ٿو ڏيان. بس ايترو چئبو ته هن ملڪ تي تسلط قائم ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي. 5.11.1920: اڄ سنڌ ۾ ڪائونسلن جون چونڊون ٿي رهيون آھن. "خلافت ڪميٽئ" عوام کي چونڊن جي بائڪاٽ ڪرڻ ۽ ووٽ نه ڏيڻ جو سڏ ڏئي چڪي آھي ۽ ان لاء اهو جواز ڏنو اٿس ته ڪائونسلن تي سرڪار پنهنجا وفادار ماڻھون به ميمبر طور ٿاڦي اڪثريت پاڻ حاصل ڪري ٿي ۽ ڪائونسلن کان پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائي ٿي. ان ڪري ڪائونسلن جي چونڊ ھڪ ڍونگ آھي. 5.11.1939: مسلم ليگ "مسجد منزل گاه بچايو تحريڪ" کي جڏهن چوٽ چاڙھيو ۽ اها جنونين جي تحريڪ بڻجي وئي ته سرمائيدارن (جهڙوڪ حاجي عبدالله هارون وغيره) ۽ زميندارن (جهڙوڪ محمد ايوب کهڙي) "مسجد منزلگاه تحريڪ جي قيادت مان هٿ پٽيا. پوء قربانئ جو ٻڪرو لوور مڊل ڪلاس کي بڻايو ويو. اڄ شڪارپور جي شيخ واجد کي تحريڪ جو ڊڪٽيٽر مقرر ڪيو ويو. 5.11.1940: مسجد منزل گاه تحريڪ ۽ هندن جي ديني ڪتابن تي بندش پوڻ ڪري سنڌ جي هندو-مسلم اتحاد کي وڏو نقصان ٿيو. انھئ ڳالھ کي ڳڻيندي "سنڌ ڪانگريس" اڄ نواب شاه ۾ " هندو-مسلم يونٽي ڪانفرنس" سڏرائي, جنهنجي صدارت مولانا عبدالڪريم چشتئ ڪئي. 5.11.1948: پنجاب جي جاگيردار سياستدارن جهڙوڪ ممتاز دولتانه ۽ ممدوٽ ۽ ملڪ فيروز خان نون اڄ پاڪستان جي گورنر جنرل سان وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪري کيس گذارش ته ملڪ ۾ "زرعي سڌارا" آڻڻ وقت جاگيردارن جي طبقي جي مفادن جو خيال رکيو وڃي. [هن واقعي لکڻ جو مقصد هئ آھي ته نئين نسل کي ٻڌائجي ته سنڌ ۾ ٻولئ,پاڻئ ۽ ٻين مسئلن تي سنڌي سياستدانن گڏجي وفد ٺاهي ملڪي حاڪمن سان گهٽ ملاقاتيون ڪيون] 5.11.1965: اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل انڊيا ۽ پاڪستان کي صلاح ڏني ته هو ڪشمير ۽ پاڻئ وارا مسئلا ٻين ذريعن سان به حل ڪرڻ لاء ھٿ پير هلائن. *************** 5 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 5 نومبر1895ع ڪراچي جي پهرين ميئر قاضي خدا بخش جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1899ع سگهڙ پريل لاڙڪ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1905ع اردو جي ليکڪ، انجمن ترقي پسند مصنفين جي باني ۽ مارڪسٽ ليڊر سجاد ظهير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1919ع شاعر ارجن سڪايل (سڌوجا / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1919ع شاعر ڪريم بخش گهايل (نئون ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1921ع شاعر مرليڌر سکواڻي (سنڌ / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1925ع نامياري وڪيل ۽ تعليمدان احسان علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1932ع شاعر افضل مصرپوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1933ع ناليواري اديب ۽ ليکڪ غلام رباني آگري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1953ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ اياز ڀاڳت جو جنم ڏينهن آهي. 5 نومبر 1961ع ليکڪ فتاح صالح ڪاڪيپوٽو جو جنم ڏينهن آهي 5 نومبر 1964ع اداڪاره زيبا بختيارجو جنم ڏينهن آهي. 5 نومبر 1970ع ليکڪ نياز تنيو جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. وڇوڙو: 5 نومبر 1920ع شاعر ڀوڄراج چانڊومل موٽواڻيجي ديهانت ٿي. 5 نومبر 1929ع ناليواري عالم ۽ اسڪالر مولانا تاج محمد امروٽي جي وفات ٿي. 5 نومبر 1961ع لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ صحافتي شخصيت ڪامريڊ علي محمد عباسي جو انتقال ٿيو. 5 نومبر 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد جتوئي انتقال ڪري ويو۔ 5 نومبر 1983ع شاعر ولي بخش راڄڙ جي وفات ٿي. 5 نومبر 2009ع شاعرآصف مٺياڻوي دل جي دوري سبب لاڏاڻوڪري ويو 5 نومبر 2011ع سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪاره قمر النساء هَڪڙوجو ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب انتقال ٿي ويو 5 نومبر 2012ع اسٽيج جي مزاحيه اداڪار ۽ گلوڪار سڪندر صنمجي وفات ٿي. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 5th November 1947: East and West wings of Pakistan are connected by Wireless system. 1948: Mian Iftkhar Mamdote (Chief Minister West Punjab), Mian Mumtaz Doultana and Malik Feroz Khan Noon, all from Punjab, meet Governor - General of Pakistan and discussed Agricutural Reforms proposal so as interests of their Class be protected. 1965: Security Council of the U.N.O adopts a resolution proposing some other methods to resolve Indio - Pak crisis relating to Kashmir and Watered Sources. 1920: Sindh observes 'Councils Boycott Day' on the call of the Sindh Khilafat Committee. Public meetings are held by party's branches and people are advised not to cast vote in election. 1939: Capitalist (Haji Abdullah Haroon) and Feudal (Khuhro) are trying to avoid leadership of the Masjid Manzalgah Movement on its turning point and later on (Middle Class) Sheikh Wajid is put to head the agitation as Dictator. Today, Al - Wahid asks Capitalist and Feudal Class (representatives) to take leadership in their hands. 1940: Sindh Congress organizes 'Hindu - Muslim Unity Conference at Nawabshah. It is presided over by Moulana Abdul Karim Chishti of Shikarpur. He, Moulana Muhammad Sidiq of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani, all of Jamiat -ul- Ulema Sindh were religious leaders those opposed agitation strategy to resolve Masjid Manzalgah issue.

No comments:

Post a Comment