Saturday 26 November 2022

Sindh in history today (26th November). By. Dr. Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 26 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 26.11.1838: ڪئپٽن برنس سنڌ منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکيو ته مير نور محمد خان جي فرنگين سان عدم تعاون ڪري, هن کي حڪمراني تان لاهڻ گهرجي ۽ هو پنهنجو پٽ گورنر جنرل جي حضور ۾ موڪلي پئ جي اره زوراين ۽ سازشن لاء معافي وٺي. 26.11.1838: هڪ طرف برنس پنهنجي گورنر جنرل ڏي خط موڪلي مير نور محمد خلاف کيس ڀڙڪائي ٿو ته ٻئي طرف ساڳئ تاريخ ۽ ساڳي ڏينهن تي مير نور محمد کي خط لکي سندس چاپلوسي ڪري ٿو. کيس گڏجي شڪار ڪرڻ واريون يادون ڏياري ٿو ۽ لکي ٿو ته تو جيڪو فرنگين سان ياري رکڻ وارو ٻوٽو پوکيو آھي, وقت سان گڏ وڌي وڻ ٿيندو. 26.11.1847: منشي غلام حسين (جنھن سنڌئ ۾ ڪتاب لکيا) ۽ منشي پريتمداس فرنگي سفارتڪار آئوٽرام معرفت قبضي ۾ ورتل ڪراچئ ۾ فرنگي حڪومت طرفان سرڪاري منشي مقرر ڪيا ويا هئا. جڏهن نيپيئر سنڌ هو گورنر ٿيو ته انھن ٻنھي کي نوڪرئ تان لاٿائين, ڇوته نيپيئر ۽ آئوٽرام جي هڪ ٻئي سان اڻ بڻت هئي. انھن ٻنھي نيپيئر جي ڏاڍ خلاف ڪراچئ جي ڪليڪٽر جي دفتر ۾ پٽيشن ڏني, جيڪا اڄ ممبئي سرڪار جي گورنر کي موڪلي وئي. 26.11.1931: ميهڙ ۾ حاجي مير محمد بلوچ ”خلافت ڪانفرنس" جي صدارت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ مشهور سياستدانن مان جي.ايم.سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائئ, ڪشمير سان همدردئ, قرآن شريف فقط مسلمان پرنٽر ۽ پبلشر طرفان ڇپرائڻ ۽ زرعي خواه صنعتي پورهيتن جي حقن بابت ٺھراء پاس ڪيا ويا. 26.11.1946: حيدرآباد واري لوڪومل گوبند بخش ملڪاڻئ ناياب نادرات Antiquities جو وڏو خزانو پاڻ وٽ گڏ ڪيو هو. اڄ سنڌ جو گورنر اوڏانھن اها ميڙي چونڊي ڏسڻ ويو. 26.11.1948: اڄ ” پبلڪ سيفٽي ايڪٽ" جي قانون تحت "ڊان", "سنڌ آبزرور", "جنگ" ۽ "انجام" اخبارن تي پابندي مڙھي وئي. اهي اخبارون پناهگيرن جي مسئلي ۽ ٻين مامرن تي گهڻو لکي رهيون هيون ۽ امن امان جي صورتحال بگڙڻ جو انديشو پيدا ٿي پيو. 26.11.1965: سک اڳواڻ تارا سنگ اعلان ڪيو ته پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ”سکن لاء ملڪ" جوڙينداسين. 26.11.1971: پاڪستان سرڪار "نئشنل عوامي پارٽئ" تي پابندي لڳائي ۽ پارٽئ جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو. *************** نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 26 نومبر 1915ع تعليمدان، ليکڪا ۽ روحاني شخصيت ڀڳتياڻي هري ديوي(حيدر آباد / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1935ع ناليواري ليکڪ، عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجوجو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1939ع مشهور شاعرسيد مرتضى شاهه ڏاڏاهيجو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1940ع ليکڪ ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا(ڪراچي / الهاس نگر) جوجنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1947ع ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري عبد القادر منگي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: 26 نومبر 1954ع نواب غيبي خان چانڊيو جو انتقال ٿيو. 26 نومبر 1973ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله عابد جي وفات ٿي۔ 26 نومبر 2000ع ناليواري شاعر، نعت خوان ۽ مولودي غلام نبي مهيسر جي وفات ٿي۔ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(26th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Neither because of your caste or colour, nor because of your ideology, age and gender, but you are accepted and respected by me because, you are love & beauty and vision & wisdom. I have nothing to do with your limitations, faults and mistakes. I am not impressed by your good deeds, wealth or status. You are body and soul. You are human-being. You always behave with kindness & cooperation. You always avoid hatred & discrimination. YOU are my Ideal.] اسان تان نہ قبوليو اوهان کي ڪڏھن اڌورو اڻپورو, پر خوبين خامين روح ۽ وجود سميت سارو سمورو, ڀلي ڇو نہ هجي تنهنجو رانول رنگ ڪارو يا ڀورو, نہ جنس عمر ذات پات دين جو ٻرڪيوسين ٻورو, نہ ڪي گهريوسين اجورو, وفا ايثار نمرتا سلام جو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************** Events: 26th November Part1 1847: The Collector of Karachi forwards petitions of Munshi Ghulam Hussain and Munshi Pritamdas against the order of dismissal passed by Sir Charles Napier, the late Governor of Sindh. Both helped Major Out ram in difficult and early days, but were removed from service because of differences between Napier and Outram. 1931: Haji Mir Muhammad Baloch is presiding over the Mehar Khilafat Conference. It is attended by Shaikh Abdul Majeed Sindhi and G.M.Syed also. Very important decisions are taken and resolutions are passed . The subjects covered are Separation of Sindh, Suppor to Kashmiris, Rights of agricultural and industrial workers and printing of Quran by Muslim printers only. Part2 1946: The collection of rare antiquities collected by Lok6al Gobindbux Malkani has invited attention of Sindh Govt. The Sindh Governor precedes Hyderabad to visit this unique collection. 1948: The ban is imposed on daily Dawn, Sindh Observer, Jang, Anjam and Sindh under Public Safety Act. 1951: Khowaja Shahabuddin and I.I.Chundrigar take oath as Governor of NWFP and Punjab respectively. 1965: Akali Leader Tarasing speaks about creating Sikh state between India and Pakistan. 1971: All groups and factions of N.A.P are banned due to its activities against interests and security of Pakistan. President Yahya orders detention of party.

No comments:

Post a Comment