Tuesday 15 November 2022

Sindh in history today (16th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(16th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Sacrifice can not be offered by selfish people. Ideal people set trends in this regard so as to pave way to accept & respect Human-beings without discrimination. It is their sacrifice that protect & propagate love, beauty & peace of the society and for the society] قرباني قدرن نظرين لاء، جيئن بنجر بر لاء آب ، نہ سمجھن جي راز ، تن جي سرت ۽ سونھن عذاب، پر انھن کوڙ کٽیو ثواب، جي ھلن نیاز سلام سان 2. IMPORTANNT EVENTS: History: 1843: The Collector of Karachi is asked by the Bombay Government to report reasons which actuated him to withdraw the concession given by Talpur Government to Syeds of Thatta. 1845: Zangi Khan Talpur, the last surviving brother of Mir Sohrab Khan is dead. The Sindh Commissioner requests the Bombay Government that a portion of Rs.100 per month be granted to the mother and Rs 200 to Mir Allah Dita for himself and support of the family. 1920: Daily Al – Wahid in the course of article ask people to boycott Council Election and not to vote any candidates, because they will bow before anti – I – people government. 1923: It is the first day of the “Jazeerat –ul- Arab Week” in Sindh. The week is being observed to voice for the political freedom of Arabs and to condemn the British policy on the subject. 1936: In a meeting headed by Sir Ghulam Hussain, party matters are discussed and K.B. Khuhro and Yar Muhammad Junijo are appointed to organize “Sindh Muslim Political Party” in Larkano and Dadu districts. The meeting is held at Larkano. 1947: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan says that his government will knock the doors of International Court to get matters between India and Pakistan resolved. 1956: The Executive Committee of the Muslim League asks Pakistan Government to quit Common Wealth. 1960: The Federal cabinet of Pakistan gives consent on the Water Agreement with India. 1962: President Ayub opens the new township north of Karachi which is to accommodate 30,000 families of Panahgeers. 1971: Indian troops moved into East Pakistan and begin to advance towards Dhaka. 1988: General elections are hold in Pakistan. 1989: Nawaz Sharif, the Chief Minister of Punjab opens Bank of Punjab. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 16 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 16.11.1843: ٽالپور حڪمران ٺٽي جي سيدن کي مالي امداد ڏيندا هئا ۽ سيد ان مان مذھبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. ڪراچئ جي فرنگي ڪليڪٽر اها امداد بند ڪري ڇڏي. مامرو وڃي ممبئي حڪومت تائين پهتو. اڄ ممبئي حڪومت کانئس تفصيلي رپورٽ گهري ته ڪهڙن سببن ڪري ٺٽئي سيدن کي ملندڙ مالي امداد بند ڪئي وئي آھي. 16.11.1845: مير رستم علي خان جي خاندان جو زنگي خان ٽالپور گذاري ويو ته سنڌ جي ڪمشنر اڄ ممبئي سرڪار کي سفارش ڪئي ته زنگي خان جي والده کي 100 روپيا در ماه ۽ مير الهڏتي کي 200 روپيا درماه ڏنا وڃن. 16.11.1920: "الوحيد" اخبار اڄ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ عوام کي صلاح ڏني ته ڪائونسلن جي چونڊن ۾ ووٽ نه ڏين. ڇو ته اهي هڪ ڍونگ آھن. ڪو به چونڊيل نمائندو عوامي امنگن جي ترجماني ڪري نه سگهندو. ان لاء جو سرڪار چونڊيل نمائندن کان سواء ڪائونسل تي پنهنئ مرضئ جا ايترا نمائيندا ٿاڦيندي جو لائق نمائندو عوامي حق ۾ يا سرڪار خلاف ڪو آواز بلند نه ڪري سگهندو. 16.11.1923: سنڌ ۾ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي اڄ کان "جزيرت العرب هفتو" ملهائڻ شروع ٿيو. هفتي ملهائڻ جو مقصد اهو هئو ته هڪ طرف عوام کي عربستان ۾ فرنگين جي سياسي چال بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته ٻئي طرف حڪومت کان مطالبو ڪجي ته اها "جزيرت العرب" ۾ پنهنجئ مرضئ ۽ مطلب واري سياسي تبديلي نه آڻي. 16.11.1936: سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ ”مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي کي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ يار محمد جوڻيجي کي دادو ضلعي لاء آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. 16.11.1947: پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان بيان ڏنو ته جيڪڏهن انڊيا حڪومت اسان سان مامرا سلجهائڻ کان ڪترايو ته اسان انٽرنئشنل ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين. 16.11.1956: پاڪستان مسلم ليگ جي "ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ" پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته "ڪامن ويلٿ" مان هٿ ڪڍي. 16.11.1960: ايوب-شاهئ پاڪستان جو نديون انڊيا کي ڏنيون. انھئ "پاڻئ واري معاهدي" جي سندس ڪابينه اڄ منظوري ڏني. 16.11.1962: صدر ايوب اڄ ڪراچئ جي اتر ۾ ”نيو ٽائونشپ" جو افتتاح ڪيو. هن منصوبي جو مقصد اهو هو ته جيئن پناهگيرن ۽ سرحد کان لڏي ايندڙ پٺاڻن جي 30 هزار خاندانن جي آبادڪاري ڪري سگهجي. 16.11.1971: ڀارتي فوج اوڀر پاڪستان ۾ داخل ٿي ۽ ڍاڪا ڏانھن پيش قدمي شروع ڪيائين. 16.11.1988: پاڪستان ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون. 16.11.1989: پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف "پنجاب بينڪ" جو افتتاح ڪيو. *************** 16 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 16 نومبر 1931ع مشهور تعليمدان ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 نومبر 1942ع ليکڪ پونم چندروملاڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1947ع سياستدان رحيم بخش بوزدار(گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1951ع سياستدان انور احمد خان مهر(سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1952ع اداڪار اشوڪ کتري (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1963ع ٽنڊي آدم سان تعلق رکندڙ شاعر وسيم سومرو جو جنم ٿيو. 16 نومبر 1963ع باليووڊ اداڪاره ميناڪشي جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1968ع شاعر محمد نواز ناز جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1971ع ڪرڪيٽر وقار يونس جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع شاعر وفا صالح راڄپر جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع ليکڪ ستار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1998ع شاعر گلزار تبسم (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 16 نومبر 1946ع شاعر ڪريم ڏنو شڪارپوري جي وفات ٿي. 16 نومبر 1963ع سياستدان، شاعر ۽ مضمون نگار سيد ميران محمد شاه جي وفات ٿي. 16 نومبر 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحميد قريشي جو انتقال ٿيو. 16 نومبر 1980ع شاعر علي ڏنو شاهه علڻ جي وفات ٿي. 16 نومبر 1980ع حڪيم قاضي عبدالهادي (نوشهرو فيروز) جي وفات ٿي. 16 نومبر 1981ع تعليمدان پروفيسر امينه هاليپوٽو جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment