Friday 18 November 2022

Sindh in history today (19th November). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(19th November). ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 19 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 19.11.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مير نورمحمد جو خاص ماڻھو سيد اسماعيل شاه ڪوشش ڪري رهيو آهي مون ۽ مير وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشون گهٽائي. هن مون سان ملاقات دوران چيو ته ذري گهٽ سڀني ڳالهين تي مير ۽ اوهان وچ ۾ اتفاق ته ٿي چڪو آھي ۽ باقي ڪجھ گذارشون ڪيان ٿو, انھن جو اوهان تدارڪ ڪريو. اسماعيل شاه چيو ته:1). اسان کي پڪ ڏيو ته پنجاب ۽ افغانستان اسان لاء خطرو نه ٿيندا, 2). اوهان جو ڪو به فوجي درياه جي هن پاسي نه ايندو, 3). اسان کي معاهدي جي ٻن شقن تي اعتراض آھي. ان لاء اسان جي وڪيل کي وائسراء ملڻ ڏنو وڃي. اسماعيل شاه وڃڻ وقت مون سان خلاصو ٿي ڳالهايو ۽ چيو ته مان ۽ منھنجو خاندان انگريزن جا وفادار آھيون. 19.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته حيدرآبادي ميرن جو رويو مايوس ڪندڙ آهي. مير نور محمد پنهنجي لاء کڏو کوٽي رهيو آھي. شاه شجاع سان وعدو ڪري به هن کي ڏن ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آھن. منھنجو خيال آھي ته ڏکڻ سنڌ جي حڪمراني مير صوبدار کي ڏجي. 19.11.1933: حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ۽ سندس ادبي سنگت طرفان قائم ڪيل "سنڌي سڌار سوسائٽئ" فرفان غلام علي چاڳلا جي صدارت ۾ ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ مشاعرو ٿيو. هئ طرحي مشاعرو نه هو, ليڪن شاعرن کي "قادر جي قدرت" جو موضوع/عنوان ڏنو ويو هو. 19.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي آرگنائيزنگ ڪميٽئ جي ميمبر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ حاجي خان وڪيل جي جاء تي مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. 19.11.1968: ايوب شاهئ لاء باه اولھ پاڪستان مان ٻري ۽ ان ۾ اڄ اوڀر پاڪستان به شامل ٿيو. ڍاڪا ۽ ٻين شھرن ۾ حڪومت-مخالف جلوس ڪڍيا ويا. 19.11.1969: پاڪستان ۽ يو.ايس.ايڊ USAID وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 20 ملين $ جو ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو. سنڌ جي حقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪندڙن ڪڏهن عوام کي ڪونه ٻڌايو آھي ته پاڪستان کي سندس ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ٻين ملڪن مان ڪيتري امداد ملي ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو ونڊ مليو. ************** { 19 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 19 نومبر 1917ع هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جو الهه آباد ۾ جنم ٿيو. 19 نومبر 1922ع شاعر نندي لال مڌوڪر (شڪارپور/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1936ع ليکڪ نانڪ مدناڻي (روهڙي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1938ع اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي (حيدرآباد / جئپور) جو جنم ٿيو. [وڇوڙو]: 19 نومبر 1799ع بزرگ سيد محمد عابد (ثاني) جيلاني جو انتقال ٿيو. 19 نومبر 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان الو مل ٽيڪم داس جي ديهانت ٿي. 19 نومبر 1957ع ناليواري سياستدان سر شاهنواز ڀٽو(ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) جي وفات ٿي. 19 نومبر 1968ع اسڪالر ۽ شاعر سيد لطف الله بدوي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 19 نومبر 2008ع ريڊيو ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخارجو انتقال ٿيو. 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ I have lost myself in your beauty but, have found you in me. You are in my mind & heart. Who am I? Do you want to know? Now, I am you. Come on and witness light of your love and see me in brightness of your beauty.] هئ منهنجو تن من روح وجود آھي اولڙو تنهنجئ سونهن سندو, بادل تنهنجي بره جو تو بن سدا هنن نيڻن مان هر پل وسندو, تو بن پري رهي نہ سگهندو, آء اچي ڏس اثر سندء سونهن جو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1838: The Governor - General of India is not happy with policy of Sindh rulers and terms it as continued treachery. He has also observations about their releases of contribution for Shah Shuja -ul- Mulk. 1928: The Star players stage drama 'Sidhartha' in Karachi. Hamayun Mirza, Sheren Mirza and Principal Goklay play part of Sidhartha, Student and Shidondha respectively. The music is composed by A.G.Chagla. 1938: The meeting of the Organizing Committee is held in Mehar with K.B.Khuhro in chair and Haji Khan Advocate as host. In this meeting office - bearers of the Mehar Muslim League are elected. 1944: Agha Ghulam Nabi, Vice President of the Sindh Muslim League is awarded party ticket to contest for election on the vacant seat of Sindh Assembly. Part2 1966: 'Pakistan is a modern miracle and has no parallel in world', says British Secretary of State William Ross. 1968: East wing of Pakistan also joins the protest way against Ayub - Shahi. Students take out processions demanding unconditional release of all political detenus and restoration of democracy. Z.A.Bhutto is also in jail and is shifted to Sahiwal. 1969: Pakistan and U.S Agency for International Development (USAID) sign a ¤ 20 million loan agreement for supply of fertilizer to Pakistan. 1981: The U.S full house foreign affairs committee approves the sale of F - 16 Jets to Pakistan.

No comments:

Post a Comment