Friday 4 November 2022

Sindh in history today (4th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(4th November). ************* 1. GOOD DAY WISH‎: ‏‎ ‎ Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Great people, like you my dear are never double-minded. They do, what they say. They are determined in their stand, approach and performance. They are not dependent, but Independent and free. They never accept slavery of out-dated and imposed values and traditions. They are cruel to ego, hatred and discrimination and kind to others. They are followers and promoters of beauty and love.] ٻھڳڻ ڪڏھن بہ ٻہ-دليو نہ ٿئي جو چوي سو ڪري سدا رهي مستحڪم, پنهنجي ڳالهين تي بيهڻ حيثيت پيرن تي بيهڻ ناهي ڦرڻي گهرڻي جو ڪم, اهڙو ماڻھو قياس نہ ڪندو ڪنهن جو بہ جيڪو پاڻ تي ئي نہ ڪري رحم, محبت خدمت ماڻهپي کي نہ مڃي سو ڪهڙو هڻندو دوستئ جو دم؟ هن جو اندر ٻاهر لڱ لحم, مٽجي ڪين سرت سونهن سچ سلام سان *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چوٿين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 4.11.1840: ڪرنل آٽورام محسوس ڪيو ته مير شير محمد جي نيت جو ڪو اندازو وٺجي ته هو اسان بابت ڇا پيو سوچي ۽ اسان جي سڳي ڌاڳي ۾ به ايندو يا نه. ان لاء هن سيٺ نائونمل هوتچند تي بار رکيو. سيٺ نائونمل اڄ ميرپور خاص پهتو. هن مير شير محمد سان پاڻ ملڻ جي ڪوشش ڪئي, پر ان ۾ ڪامياب نه ويو. پوء درٻار جي خاص ماڻھونء ديوان چترسنگ سندس مدد ڪئي ۽ مير شير محمد خان سان ملاقات ڪرائي. 4.11.1844: هز هائنيس سر آغا خان ممبئي سرڪار کي لکيو ته سرڪار مون کي پينشن ڏيڻ ۾ اجائي دير ٿي وجهي, اهو رخنو ختم ڪيو وڃي. ٻيو ته آئون ايران وڃڻ چاهيان ٿو, اها اجازت ڏني وڃي. ممبئي سرڪار سندس اهي گذارشون سفارش سان ڪمپني حڪومت کي ڏياري موڪليون. 4.11.1956: اسرائيل مصر تي حملو ڪيو ۽ ان جي ردعمل طور اڄ سنڌ ۾ احتجاجي جلسا ڪڍيا ويا. 4.11.1971: انڊيا جي پرائيم منسٽر اندرا گانڌئ جي واشنگٽن ۾ رچرڊ نڪسن سان ملاقات ٿي ۽ خطي جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. 4.11.1991: سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هاء ڪورٽ جيڪو اسيمبلين ٽوڙڻ واري عمل کي جائز قرار ڏنو هو, اهو فيصلو درست هو. 4.11.1992: بل ڪلنٽن آمريڪا جو صدر چونڊيو ته پاڪستاني سياستدانن کيس مبارڪون ڏنيون. بينظير ڀٽو به انھن مان هڪ هئي. *************** 4 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 4 نومبر1874ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير سردار محمد ابراهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 نومبر 1931ع شاعر گرڌاري لال گريجا (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 نومبر 1940ع مذهبي اسڪالر مولانا حافظ محمد اسماعيل کڏي واري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 نومبر 1942ع ناليواري ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن قاسم پٿر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4نومبر 1945ع سگهڙ گل فقير ملاح (ڪنب) جو جنم ٿيو. 4نومبر 1952ع صحافي حيدر عباس (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 نومبر 1966ع شاعر اقبال بخاري جو جنم ٿيو. 4 نومبر 1971ع باليووڊ اداڪاره تبو (تبسم هاشمي)جو جنم ڏينهن آهي. 4 نومبر 1973ع ليکڪ حسين چنجڻي جو جنم ٿيو. 4 نومبر 1980ع شاعر ۽ ليکڪ جبار بوزدار جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 نومبر 1946ع روهڙي سان تعلق رکندڙ ناليواري سياسي اڳواڻ قاضي علي محمد جو انتقال ٿيو. 4 نومبر 1982ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نور هالائي جو لاڏاڻو ٿيو. 4 نومبر 1991ع مشهور شاعر، ليکڪ ۽ سياست سان تعلق رکندڙ خانصاحب عبدالڪريم پليانتقال ڪري ويو. 4 نومبر 1994ع ڪلاسيڪل راڳي استاد فدا حسين خانجو انتقال ٿيو. 4 نومبر 2008ع اداڪار غلام حسين ڏيپر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1840: On the instructions and directions of Colonel Outram, Seth NaumalHotchand has reached at Mirpurkhas to keep eye on activities of Mir Sher Muhammad-Ruler of that area. He wants to visit the court of Mir Sahib but is refused. However, with the help of DiwanChatursing he gets chance of interview with Mir Sher Muhammad. 1844: Agha Khan’s memorial about his pension is transmitted by the Bombay Government to the Government of India for consideration. Agha Khan has stated that his pension has been stoped from the time he left Bombay for Persian tour. 1850: Sons of Mir Muhammad Khan Talpur are allowed to adjust the shares of their Jageers in Hyderabad and Shikarpur districts. 1956: Israel’s attack on Egypt is strongly condemned in country. Government is asked to quit Baghdad Pact and Common Wealth. Processions are taken out in big cities. 1971: India has never wished the destruction of Pakistan, Indian Prime Minister Indira Gandhi tells Richard Nixon in meeting in Washington. 1991: Supreme Court upholds High Court’s decision validating dissolution of assemblies. 1992: Benazir Bhutto congratulates President Bill Clinton on his election and assures to work with him for world peace.

No comments:

Post a Comment