Saturday 12 November 2022

Sindh in history today (13th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(13th November). ************* 1. GOOD DAY:‎ Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Love has lost its value and work has lost its worth in our society. Therefore, we love to misuse and misinterpret Human & Natural values, Beauty and its traditions. It has made us slaves of ego & interest and we abide by and follow hatred and discrimination with blind faith.] هڪ محنت ٻيو محبت تن جو قدر هت ناهي, آدرشن اصولن نالي انگ وڏو ٺاه ٺڳئ جا ٺاهي, انا هوڏ انڪار سندو من ڄڻ اصل غلام آھي, ڪاڏي ٿو پيو ڪاهي؟ حسن ۽ عقل جو ڌڻي. *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.11.1839: سيٺ نائونمل انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. شروع ۾ انگريزن به ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء سندس قدرداني ڪئي ۽ هن جي مائٽن کي روينيو کاتي ۾ نوڪريون ڏنيون. پر انهن کي نوڪرين مان به ڪڍيو ۽ مالي ڌاڌلين جي ڏوه ۾ سزائون به ڏنيون. سندن تفصيل هن ريت آھن: 1). ديوان چنديرام { هي ٽلٽئ جو مختيارڪار هو. کيس 5 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}، پوهومل {هي لڪئ جو مختيارڪار هو. کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ملي}، ڄيٺمل {هي مانجهند جو مختيارڪار هو. کيس 2 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}, هاسومل {هي پيٽارو جو مختيارڪار هو ۽ کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}. 13.11.1840: فرنگين جو سنڌ ۾ مصروف ”انٽيليجنس بيورو“ اڄ پنهنجئ سرڪار کي مخفي رپورٽ موڪلي ٿو ۽ ان ۾ لکي ٿو ته مير رستم علي سان ندئ پار شڪار تي وڃڻ ٿيو ته مون کي هن سان خلاصو ڳالهائڻ جو موقعو مليو. مون کيس هوشيار ڪيو ته اوهان جو وزير فتح محمد غوري بدنيت ماڻھو آھي. هن اوهان ميرن ۾ اختلاف پيدا ڪيا ۽ چاهي ٿو ته مير رستم علي انگريزن جي ويجهو نه وڃي. ان ڪري اوهان هن کان هوشيار رهو ۽ سندس ڳالهين ۾ نه اچجو. 13.11.1920: ٺٽي ۾ قاضين جي تلاء واري ميدان ۾ پير غلام مجدد سرهندئ جي صدارت ۾ خلافت جو وڏو جلسو ٿيو. انهئ ۾ انگريزن جي ترڪ ۽ اسلام دشمنئ کي نديو ويو. 13.11.1924: مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان تعلقي شھدادپور جي ڳوٺ کٻڙ خان جتوئئ ۾ پير غلام علي شاه جي صدارت ۾ ٻن ڏينهن واري خلافت ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ تقريرون ڪندڙ سرڪار جي ندا ڪرڻ کان سواء عوام کي صلاح ڏني ته واپار ۽ تجارت ڏانهن توجھ ڏيو ته جيئن سرڪار جي نوڪري ڪرڻ کان پاڻ بچائي سگهو. 13.11.1947: سرڪاري طور تي انڊيا مان پهچندڙ پناهگيرن جو تفصيل ٻڌايو ويو ته 10 هزار پيدل پنڌ ڪري پهتا، 35 هزار سرهانپور مان آيا، 35 هزار جالنڌر مان آيا ۽ 8 هزار آدمپور مان پهتا. 13.11.1958: هاڻي جي قيمت جي خبر عوام کي، پر اڄوڪي تاريخ تي سرڪار ڪلو کير جي قيمت ڏھ آنا مقرر ڪئي۔ 13.11.1968: مير رسول بخش ٽالپور، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ٻين 11 سياستدانن کي ”ڊفينس آف پاڪستان رولس“ تحت گرفتار ڪيو ويو. 13. 11.1971: “ ڏاها ٿجو. ملڪ جو نئون وزير اعظم اوڀر پاڪستان مان ڪجو، نه ته بنگالي سوچيندا ته پاڪستان ۾ ھميشه محڪوم رکيا وينداسين ۽ ڪڏهن به حڪمراني ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو.“_ نورالامين جي صلاح. 13 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون جنم ڏينهن: 13 نومبر 1929ع اسڪالر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مرليڌر ڀاواڻي (حيدرآباد /نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1932ع ليکڪ ارجن چاولا جو جنم ٿيو۔ 13 نومبر 1948ع سگهڙ حاجي شاهه محمد چنا جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1957ع موسيقار ۽ گلوڪار بادل راهيءَ جو جنم ڏينهن آهي. 13 نومبر 1961ع سماجي پرچارڪ حاجي عبدالغني جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 نومبر 1975ع مٺياڻي ضلع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ شاعر گلبهار باغائي جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 13 نومبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سياستدان واڌومل بيلارام آڏواڻي ديهانت ڪري ويو۔ 13 نومبر 1987ع مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ محمد شاهه امروٽي انتقال ڪري ويو۔ 13 نومبر 1988ع سنڌي موسيقار ضامن علي عرف ببر علي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1920: Pir Ghulam Mujadid Sarhandi presides over a big public meeting held by the Khilafat Committee of the district Thatta. Qaziun jo tala was selected for the function. Speakers made speeches and condemned policy of the Govt. on Khilafat and Turkey issue. 1924: A public meeting is held at village Khabar Khan Jatoi of Taluka Shahdadkot. It is chaired by Pir Ghulam Ali Shah. People are advised to take interest in trade and commerce and avoid government employment as it is some sort of slavary. 1844: Relatives of Seth Naumal are vicimised by Sir Charles Napier and his administration. Diwan Chandiram Mukhtyarkar Talti is fined Rs.5000 and two years impirsonment, Pohomal Mukhtyarkar Laki is awarded fine of Rs.1000 and two years’ imprisonment, Jethmal Mukhtyarkar of Manjhand is awarded Rs.2000 fine and two years’ imprisonment and Hasoomal Mukhtyarkar of Petaro is awarded fine of Rs. 1000 and two years’ imprisonment. 1857: Kelat and other friendly states of British India sends congratulation letters to Sindh Commissioner on the victory of British India in Mutiny and fall of Delhi. This event is known as War of Independence and fall of Delhi occurred on 20.10.1857. 1844: Relatives of Seth Naumal are victimized by Sir Charles Napier and his administration. Diwan Chandiram Mukhtyarkar Talti is fined Rs.5000 and two years imprisonment, Pohomal Mukhtyarkar Laki is awarded fine of Rs.1000 and two years’ imprisonment, Jethmal Mukhtyarkar of Manjhand is awarded Rs.2000 fine and two years’ imprisonment and Hasoomal Mukhtyarkar of Petaro is awarded fine of Rs. 1000 and two years’ imprisonment. 1857: Kelat and other friendly states of British India sends congratulation letters to Sindh Commissioner on the victory of British India in Mutiny and fall of Delhi. This event is known as War of Independence and fall of Delhi occurred on 20.10.1857.

No comments:

Post a Comment