Saturday 19 November 2022

Sindh in history today (20th November). By. Dathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 20 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 20.11.1831: انگريز جڏهن اوڀر سنڌ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ته سڀ کان سوڍن سندن دڳ روڪيا ۽ انھن کي لٽڻ ڦرڻ شروع ڪيو. فرنگي نمائندن ميرن کي دانھون ڏنيون. ان جي نتيجي ۾ ميرن نواب غلام شاه کي جڳت سنگ سوڍي ۽ پونجاجي سوڍي کي مت ۽ مات ڏيڻ لاء مٿن چڙھائي ڪرڻ لاء موڪليو. 20.11.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ لڌيانه جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن Captain.Wade کي لکيو ته تو جيڪي ٻيڙيون موڪليون هيون, انھن کي هٿي ميرن روڪي ڇڏيو آھي. [ان ڪري مال بردارئ ۾ مشڪلات پيدا ٿي پيون آھن] 20.11.1850: جيتوڻيڪ ڏکڻ سنڌ ۾ فرنگي حڪومت جو ڏهڪاء ھئو, پر پوء به اتر سنڌ ۾ انگريزن جي عوام طرفان مخالف ٿيندي رهي. خيرپور رياست ۾ جڏهن چوري ٿيندي هئي ۽ پڪڙجڻ کان پوء چور تي ڏنڊ مڙھيو ويندو ته جنهنجي چوري ٿيندي هئي, ان کان چوري موٽائڻ وقت ڪجھ رقم ورتي ويندي هئي. عوام انگريزن جون چوريون ڪيون ته چوري واپس ٿيڻ تي هنن کان به ڪجھ نه ڪجھ ورتو ويندو. ان تي سنڌ جي ڪمشنر خيرپور حڪومت کي گذارش ڪئي ته اسان جي ماڻھن کان ڪجھ به نه وٺو. 20.11.1856: جڏهن سنڌ جون حالتون انگريزن جي حق ۾ نه هيون ته مير علي مراد خان هنن لاء ڇپر ۽ ڇانو بڻيو. سندس انهئ انگريز-دوستئ تي ٻيا مير خوش نه هئا. پر مير علي مراد ڪنھن جي پرواه نه ڪئي ۽ انگريزن سان سهڪار ڪيائين. پوء جڏهن مياڻئ جي لڙائئ بعد ڏکڻ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته فرنگين مير علي مراد کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن مٿان انڪواريون ڪرايون. مير علي مراد خان انهئ زيادتئ خلاف راڻئ سان انگلنڊ ملڻ ويو, پر اتي به سوڀيارو نه ٿيو. اڄ مير علي مراد خان ڪمپني حڪومت جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽر کي لکيو ته مون ۽ فرنگي حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف اسان جي لاڳاپن ۽ دوستئ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيندس. 20.11.1919: لاڙڪاڻي ۾ 1884 کان وٺي لاهوري خاندان جي سياست ۽ سماج ۾ وڏو اثر رهيو. پر خلافت تحريڪ هن خاندان جي سياسي طور تڏا ويڙھ ڪئي. حاجي امير علي لاهوري "لاڙڪاڻه انجمن" جو صدر هو ۽ ميان علي محمد قادري انجمن جو نائب صدر هو. خلافتي اڳواڻن انھئ انجمن ۾ بغاوت جو ٻج ڇٽيو. ان ڪري انجمن جي صدر ۽ نائب صدر کان سواء انجمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ جي.ايم غلام علئ کي صدر, سيٺ خداداد سرهيئي کي نائب صدر, جان محمد جوڻيجي کي سيڪريٽري ۽ اي جي پيرزادي کي قانوني صلاحڪار چونڊيو ويو. *************** 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1911ع ناول نگار رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينه معين جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ ادريس راجپوتجو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1951ع نامياري شاعر عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع صحافي الهه بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو. 20 نومبر 1958ع ليکڪ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو. 20 نومبر 1967ع شاعر امير بخش نظر سنڌئ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيضجو انتقال ٿيو. 20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم غلام مصطفى جتوئئ جو انتقال ٿيو. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(20th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are absolute reality and not any shadow. Do not follow shadows in name and search of any ideal, leader or beloved. No one is second to none in beauty & love, vision & wisdom like you. You are role model and play your role as my an ideal] ھي پاڇا ھلن پاڻ سان، یا خود پاڇن سان ھلجي؟ بي خبرا جت برہ کان، سرت ڪڏھن نہ ات سلجي، پاڻ کٹي پوء پلجي، پر رکجي ریت دعا سلام جي 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birthdates & Deathdates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************ 1835: Colonel Ponttenger vide his letter No.92 informs Captain Wade, Political Agent of Ludhiyana that boats send by him to Sindh have been detained on Indus by Sindh rulers . 1919: It is turning point In the political history of Larkano. Lahori's family is being challenged by Khilafatees. The meeting of the Anjuman of Larkano is held without its president (Haji Amir Ali Lahori) and Vice President (Mian Ali Muhammad Qadri) and following are elected office - bearers: G.M.Ghulam Ali (President), Seth Khudadad Surhio (V.P), Jan Muhammad Junijo (Secretary) and A.G.Pirzado (Legal Advisor). 1948: Prime Minister Liaquat Ali Khan assures Bengalis in Public meeting in Dhaka that Justice and equal opportunities will be provided to all without discrimination.

No comments:

Post a Comment