Monday 28 November 2022

Sindh in history today (28th November). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(28th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 28 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 28.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار اڄ خط لکي ”ميشرز فرٿ ائنڊ ڪمپنئ" جي پارسي واپارئ ايجنٽ پيسٽنجي فرمجي کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ خشڪئ ذريعي ڏکڻ سنڌ مان اتر سنڌ وڃڻ ۾ توکي جان ۽ مال جو سدائين خطرو رهندو, ڇو ته سنڌي ماڻھون اسان تي ٻريا ويٺا آھن. ان ڪري تون پاڻئ رستي پهريون وڪر پهچي, اتان ٻيڙئ ذريعي تون اتر سنڌ تائين وڃي سگهين ٿو. 28.11.1838: اڄ ڪمپٽن ايسٽ وڪ ڪڇ واري فرنگي ريزيڊنٽ کي لکيو ته هزار يا ان وڌيڪ اٺ موڪل ته سنڌ ۾ فرنگي فوجين جو سنڌ ۾ سامان کڻڻ ۾ مدد ڪن. هتان جا حڪمران اٺن جي خريدارئ ۾ ڪا مدد ڪرڻ بدران رنڊڪون ٿا وجهن. 28.11.1923: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" پنهنجي سالياني رپورٽ شايع ڪئي. هئ رپورٽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڊاڪيومينٽ آھي. ان ۾ سنڌ ۾ قائم ڪيل شاخن, سزايافته ڪارڪنن ۽ گڏ ڪيل چندن بابت مستند معلومات موجود آھي. [گل حيات ۾ فرنگي دور جي سياسي پارٽين جا اھڙا کوڙ ڊاڪيومينٽس موجود آھن. هڪ هڪ پارٽئ جي انھئ سورس مٽيريل کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري سگهجي ٿو] 28.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽرئ شيخ عبدالمجيد سنڌئ اڄ آل انڊيا مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل لياقت علي خان کي لکيو ته سنڌ مسلم ليگ کي الحاق ڏيو. [ياد رهي ته 1907 کان وٺي "سنڌ مسلم ليگ" طرفان الحاق لاء لکپڙھ ٿيندي رهي, پر ان جو کڙ تيل نه نڪتو. 1938 کان پوء آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ ۾ پير ڄمائڻ جي ضرورت ٿي ته الحاق به ڏنائون ۽ سنڌ مسلم ليگ کان وڏي پئماني واري صوبائي ڪانفرنس به ڪرايائون] 28.11.1947: 155235 پناهگير پنهنجو وطن ڀارت ڇڏي هتي پهتا. 28.11.1951: ڪراچئ ۾ آباد ٿيندڙ ڪن پناهگير سرڪار کان ڪراچئ کي گورنر جي نگرانئ هيٺ صوبي بنائڻ جو مطالبو ڪيو. 28.11.1960: مغربي پاڪستان جي حڪومت مغربي پاڪستان کي 11 ڊويزنن ۾ ورهايو. سنڌ ۾ 2 ڊويزنون قائم ٿيون. 28.11.1969: جنرل يحيا خان وعدو ڪيو ته "ون-يونٽ“ کي ٽوڙيو ويندو. [انهئ وعدي جو روحاني راز اهو هئو ته مستقبل قريب ۾ اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ کان پوء ”ون يونٽ“ قائم رکڻ ڪنهن ڪم جو نه ٿيندو] 28.11.1978: پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻن پير پاڳاري خلاف بي اعتمادئ جو ووٽ آڻي سندس صدارت ختم ڪئي. ان کان پوء مسلم ليگ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ "مسلم ليگ فنڪشنل" جنم ورتو. *************** 28 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 28 نومبر 1786ع عالم دين، مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر احمد شاهه بريلويجو راء بريلي ۾ جنم ٿيو. 28 نومبر 1887ع ڦلجي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1928ع اردو جي نامياري ليکڪا، ڊراما نگار ۽ ناول نگار بانو قدسيهجو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1935ع شاعر ۽ اداڪار سڌارشن ”ناچيز“ (ڪراچي/ ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1975ع ڪامارو شريف سان تعلق رکندڙ شاعر ياسين بادل لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1990ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر طارق چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 28 نومبر 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر غلام سرور فقير جي وفات ٿي. 28 نومبر 1945ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر خوشي رام باشا رام جي ديهانت ٿي. ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Unawareness and unkindness make people living dead. Whoever is not helping hand, cannot be a good ear. Hence, cannot listen, understand and follow love & beauty, peace & sincerity. Dear! Be kind & cooperative and try to understand sorrows & longings of others besides, your own] نہ ڪل پئي نہ ڪھل اچي، پوء چئبو مڙدو آھ وجود، سو ڪیئن سٹي ساز سرود، سرت سونھن سلام سندو؟ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************** 1838: Captain East wick requests Captain Melville, Assistant Resident in Cutch to supply him with one thousand camels or even more to enable the British force to proceed into the interior of Sindh as it was useless to depend on Sindh rulers for any assistance as they in spite of their profession were hostile to the advance of the British army and would be delighted to throw obstacle in their way. 1923: The Sindh Khilafat Committee releases its Annual Report. It is wonderful document on the party, its leaders, branches and activities. It also contains list of Party workers those were sentenced to imprisonment. 1938: Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Secretary Sindh Provincial Muslim League writes to Nawabzada Liaquat Ali Khan Hon. Secretary to All India Muslim League for the affiliation of Sindh Muslim League. 1947: Pakistan is now Gate Way to Indian Muslim migrants. 155235 reach today. 1951: Some people of Karachi demand that Karachi be declared as the Governor's province. 1960: West Pakistan is divided into 11 administrative Divisions . Sindh stand divided into 2 Divisions. 1969: Gen. Yahya Khan announces election under Provisional Constitution Order, on 5th October 1970, and also promises to disban One - Unit. 1977: March 1977 polls were a complete hoax, says former Chief Election Commissioner Justice Sajjad Ahmad Jan. 1978: Pir Pagaro faces no - confidence move. Muhammad Hussain Chatta becomes new party chief. PML splits into two factions.

No comments:

Post a Comment